عبدالله آس هڱورجو
مٺيءَ جو مٺاس کان مٺو
شاعر
مھر فقير
مان لکڻ جي معاملي ۾ صفا ڍرو
آهيان جيئن شادين جي موقعي تي اڪثر ڪري مايون ڳيچ ڳائينديون آهن؛ ”ڍڳي جو ملھه
هزار ڍڳو هر نه هلي، ڍڳو پير پيران.“ سو پاڻ به مڙئي پيا ٿا هلندا رهون ۽ وري اهو
به ته اديبن، شاعرن، مفڪرن، دانشورن ۽ فلاسافرن وغيره وانگر ڏکين ۽ نه سمجھه ۾
ايندڙ لفظن تي مشتمل ڪو قصو، ڪهاڻي يا ناول به لکڻ ناهي ايندو پر پوءِ به ڪوشش ڪري
سسئي وانگر ڀنڀور کان ڪيچ ۽ مومل وانگر ڪاڪ محل کان امرڪوٽ وارو اوکو سفر ڪرڻ جو
عادي به ٿي ويو آهيان. باقي جيئن ڄام کي نوري جي سادگي پسند آئي هئي، هن فقير جي
نوڙت به قادر شل قبول ڪري ته جيئن سُهڻي وانگر درياه جي لهرن سان جنگ ڪري ميهار
سان وڃي ملان. پر دعا ڪجو ته شل ليلان واري لالچ من ۾ نه اچي ته جيئن ڪونئرو چنيسر
کسي نه سگهي ۽ شل ڪو عمر به من اندر ۾ ويٺل مارئي کي جهڪائي ۽ خريد نه ڪري سگهي،
ته جيئن مورڙو بڻجي مانگرن سان ويڙهه ڪندي موت جي هنج ۾ هليو وڃان يا وري راءِ ڏياچ
وانگر سر ڏئي سرخرو ٿيان، ته جيئن سخا ۽ سخاوت تي ڪو داغ نه اچي ۽ هڪ چمي وارو
سوال کڻي محشر جي ميدان ۾ اٿان. پل صراط پار ڪري خدا کي چوان ته اي الله مون سان
منهنجي امڙ ملاءِ ته ان جا قدم چمي سوال کي جواب ڏيان. ياد آهي ته آچر ۰۵.۱۲.۲۰۲۱ تي ايڪتا ڊي يا سنڌ جي قومي ڏهاڙي تي مٺي ويو هوس. ان وقت ٿر ملير هوٽل جي
پڇا ڪندي وڃي هوٽل تي پهتو هوس. جتي مون کي آزاد اقبال هڱورجو سان فيس بوڪ تي عليڪ
سليڪ هئڻ سبب ملاقات ڪرڻي هئي. پر اها به منهنجي خوش نصيبي هئي جو اتي ٿر جي مٺڙي
محبوب ۽ مڃيل شاعر عبدالله آس هنڱورجو سان به ملاقات ٿي هئي. پر جيئن ته وقت گهٽ
هو ڇو ته مون کي بائيڪ تي اڪيلي سر بدين پهچڻو هو ۽ سردي سبب ڏينهڙا به ته ننڍڙا
هئا. ان ڪري ڪچهري مختصر ٿي هئي ۽ ڪجھه ڏينهن بعد آس جو شعري مجموعو ’اکين منجھه آڙنگ‘ به ڇپجي پڌرو ٿيو هو، جنهن جو
اهو ڏک اٿم ته اهو ڪتاب هن مهل تائين نه ملي سگهيو. پر وري به دعا ته الله پاڪ آس
کي سدا سلامت رکي! آمين.
اڄ ۲۳ فيبروري آس جو جنم ڏڻ آهي سو واڌاين ۽ دعائن سان گڏ دل ٿي چوي ته دلبر
دوست مٺي محبوب انسان جو مختصر تعارف به پيش ڪريان سو شل اهو پورهيو قبول پوي.
آس جي مختصر جيون
ڪٿا
پورو نالو عبدالله ولد محمد سانوڻ ذات هڱورجو ادبي
تخلص آس ۽ آس جي معنيٰ آهي آسرو، اميد. ۽ ھُونئن به هر ڪنهن جي ڪا نه ڪا آس ڪا نه ڪا
اُميد ڪنهن نه ڪنهن ۾ ضرور ھُوندي آهي سو آس به ڪا آس کڻي ڪنهن جي آس آڌار تي جي
رهيو آهي شل آس جي آس الله پوري ڪري. آس جو ڳوٺ ٻُگهار آھي جيڪو مٺي شهر کان اسلام
ڪوٽ روڊ تي ۱۵ ڪلو ميٽر
جي فاصلي تي موجود آھي. پاڻ ننڍپڻ عام ڳوٺاڻي زندگي ۾ راند روند ڪندي گذاريو اٿس ۽
هن وقت مٺي شھر ۾ رهي پيو. آس هڱورجي تعليم جو سفر ڳوٺ جي پرائمري اسڪول کان شروع ڪيو
جيڪو يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ويو. پاڻ ۲۰۱۴ کان مختلف غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪري پيو. ننڍپڻ کان ئي ڪتاب پڙھڻ جي ذوق شوق سبب ريڊيو ٻُڌڻ
۽ پروگرامن ۾ خط لکڻ، اخباري ڪالم پڙھڻ، ڪالم لکڻ ۽ ننڍپُڻ کان ئي والد صاحب جا
محفوظ پيل ادبي ڪتاب پڙھڻ، ريڊيو تي ادبي نوعيت جا پروگرام ٻُڌڻ ئي ادب ڏانهن وٺي
آيس جيڪو سلسلو اڄ به هلندو پيو اچي. زندگي جي واقعن ۾ سڄي زندگي واقعن سان ڀريل
آھيس، ڪيئي يادون اٿس پر چوي ٿو ته ننڍپڻ ۾ ڏاڍو شرارتي هوندو هئس، هڪ جيڏن سان ڏاڍا
ڀوڳ مذاقون ۽ شرارتون ڪندو هئس.
آس عبدالله جي شاعري ڪافي ڪلاڪارن
ڳائي آھي. شاعري جو باقاعده سفر يونيورسٽي جي دور کان شروع ٿيو ٻن ڪتابن ۾ شاعري
شامل آھي جنهن کي مرتب احساس ميرل ۽ اعجاز انڙ ڪيو آهي. هن ڀلوڙ شاعر جي شاعري سنڌ
جي کوڙ سارن رسالن ۾ ڇپجي چڪي آھي ۽ ڇپجندي رهي ٿي. انهن مئگزينن يا رسالن جا نالا
لکڻ کان گهڻا آھن، ان کان سواءِ شاعري جو هڪ ڪتاب ”اکين منجھَ آڙنگ” جي نانءُ سان ڇپجي
مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھيس.
شاعريءَ ۾ سندس استاد سائين امر
ساهڙ ۽ ٻيا ڪتاب ئي آھن. هونئن به جيڪڏهن ڪو انسان سکڻ چاهي ته ڪتاب ئي گهڻو ڪجھه
سيکاري ڇڏين ٿا. شاعري متعلق آس چوي ٿو ته جيئن ته سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪري چڪو
آھيان پر ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل گهڻي تعداد ۾ لکيا اٿم.
اڳتي ڳالھه کي برقرار رکندي چوي
ٿو ته شاعر لکڻ چاهي ٿو ته ڪا به تخليق مشڪل ناهي مگر پوءِ به ڏسجي ته غزل ڏُکي
صنف آھي. علم عروض بابت آس ٻڌائي ٿو ته اهو علم وسيع علم آھي. هڪ وسيع سمنڊ آھي بس
مونکي انهي علم بابت ٿوري ڪجھه ڄاڻ ضرور آھي ايئن کڻي چئو ته انهي اونهي سمنڊ مان
هڪ ڦُڙي جيتري ڄاڻ رکان ٿو. ايوارد ملڻ واري سوال تي ته منهنجي شاعري سان پيار ڪندڙ
ئي شوق ۽ چاھ سان پڙھندڙ ئي منهنجي لاءِ ايوارڊ آھن ۽ اهڙا ايوارڊ مون لاءِ ڪنهن
اعزاز کان گهٽ ناهن. آس جي خاندان ۾ سندس والد محترم سائين سانوڻ ۽ ننڍو ڀاءَ منور
هڱورجو پُڻ شاعري سان چاھ رکندڙ آھن، عبدالله کي فنڪارن ۾ اُھي فنڪار پسند آھن جيڪي
ادبي نوعيت جي شاعري ڳائين ٿا ۽ اهڙي شاعري جيڪي پاڻ پنهنجي گهر ۾ پُڻ ٻُڌي سگهون.
پاڻ ڪافي وقت کان ادبي سنگت جا ميمبر آھن ۲۰۱۸ع ۾ س ا س شاخ مٺي جو جوائنٽ سيڪريٽري رهي چُڪو آھي ۽ ان سان گڏ هن وقت س ا
س شاخ مٺي ٿر جو سيڪريٽري آھي. انهن سرگرمين کان علاوه هو سماجي فورم ادبي فورمن ۾
وقت به وقت ائڪٽو رهيو آھي ۽ هن وقت پُڻ ڪافي فورمن ۾ ڪم ڪري رهيو آھي. ڪٿي مرڪزي
باڊي ۾ ته ڪٿي ضلعي جي عهديدارن ۾ ته ڪٿي وري تعلقن جي سٿ ۾ شامل آھي ۽ باقاعده
انهن ڪمن ڪارن ۾ رڌُل هوندو آھي.
محبوب شاعر کي سماج منجهان گهڻو
ڪجهه حاصل ٿيو آھي، هن ته ايترو سوچيو به نه هو سماج ۾ هرڪو کيس عزت جي نگاھ سان ڏسي
ٿو. آس جي سياست ۾ دلچسپي ناهي. ها مگر باقي سياسي گُرن ۽ سُرن جي ڄاڻ بابت هر خبر
کان باخبر رهي ٿو. نياڻين متعلق سوال جي جواب ۾ چوي ٿو ته اهو غلط عمل آھي. نياڻيون
خدا جي نعمت هونديون آھن پُٽ ھُجن يا نياڻيون پر آھي ته اولاد نه. اولاد سڀ برابر
هوندو آھي ۽ برابر ھُجڻ گهرجي. هو ٻڌائي ٿو مون کي ٽي نياڻيون آھن پر آئون پنهنجي ڪُل
ڪائنات ٿو سمجهان ان کان پوءِ ھاڻي هڪڙو پُٽڙو به رب پاڪ عطا ڪيو آھي. زندگي جي
مصروفيتن ۾ شاعرن اديبن سان ڪچهريون ڪرڻ ڪتاب پڙھڻ سوشل ميڊيا تي دنيا جا رنگ ڏسڻ
۽ ٻارڙن سان راند روند ڪرڻ شامل آهي. مختصر پيغام اٿس ته وڏن جي عزت ڪريو ننڍن سان
پيار ڪريو محبتون وکيريو نفرتن کي ختم ڪريو ۽ پنهنجي اولاد کي دنيا جي اعليٰ تعليم
سان گڏ ديني تعليم طرف وڌيڪ ڌيان ڏياريو.
آس هڱورجو جو ۲۳ فيبروري تي جنم ڏڻ آهي جنم ڏڻ جي حوالي سان هي غزل به دل کي وڻيو اٿم، ان ڪري
هتي ڪاپي ڪري رکيو اٿم. هن غزل تي مان ڪا تنقيد يا تعريف به نه لکندس، پر اهو پڙهندڙن
تي منحصر آهي ته اهي هن غزل کي پڙهن سمجهن ۽ پوءِ جيڪا به راءِ ڏين اهو سندن ادبي
شعور چئبو.
تون آس! ڌرين جي پير هِتي.
مان گُل وڇايان ڍير هِتي.
تنهن وقت هوا ٿي رقص ڪيو،
جنهن وقت ٻڌي تو ڇير هِتي.
رات اڃان ڪجهه باقي آھي،
ترس کڻي ڪجهه دير هِتي.
راھ سموري ڪنڊا ڪنڊا،
تون سوچي کڻجان پير هِتي.
سنڌ اڪيلي سسئي جهڙي
۽ ڏاڍا ڪيئي ڏير هِتي.
مٿيون غزل مون خاص ڪري آخري بند
جي ڪري چونڊيو آهي ڇو ته لطيف جي سورمين ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادر ۽ جبل جهاڳيندڙ سسئي
آهي جنهن اڪيلي سر ۱۴ يا ۱۵
ڏينهن جو سفر ڪيو آهي ۽ پنهل کي حاصل ڪيو آهي، جنهن سان ڏيرن
ڏاڍائي ڪئي سو ايئن ئي آس به ادب جي سفر ۾ پنهنجي وت وس ڏات ڏان آڌار تي جاکوڙي
پيو هو ڪٿي به ترسي نٿو، هلندو ٿو رهي تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي ڇو ته جيڪي
ويهي رهندا آهن تن کان وقت گوءِ کڻي ويندو آهي ۽ آس ٿر جي مٺڙي شهر مٺي جو اهو
مسافر آهي جيڪو ڪنهن به قيمت تي هارائڻ نٿو چاهي. اسان جي به اها ئي دعا آهي ته رب
ڪريم کيس هميشه ڪامياب ڪري ۽ سندس عمردراز ڪري سو هلندي هلندي وري به آس کي جنم ڏڻ
جون لک لک مبارڪون ڏجن ٿيون.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا