; سنڌي شخصيتون: عبدالله آس هڱورجو، مھر فقير،
Showing posts with label عبدالله آس هڱورجو، مھر فقير،. Show all posts
Showing posts with label عبدالله آس هڱورجو، مھر فقير،. Show all posts

23 February, 2023

عبدالله آس هڱورجو

عبدالله آس هڱورجو

مٺيءَ جو مٺاس کان مٺو شاعر

مھر فقير



مان لکڻ جي معاملي ۾ صفا ڍرو آهيان جيئن شادين جي موقعي تي اڪثر ڪري مايون ڳيچ ڳائينديون آهن؛ ”ڍڳي جو ملھه هزار ڍڳو هر نه هلي، ڍڳو پير پيران.“ سو پاڻ به مڙئي پيا ٿا هلندا رهون ۽ وري اهو به ته اديبن، شاعرن، مفڪرن، دانشورن ۽ فلاسافرن وغيره وانگر ڏکين ۽ نه سمجھه ۾ ايندڙ لفظن تي مشتمل ڪو قصو، ڪهاڻي يا ناول به لکڻ ناهي ايندو پر پوءِ به ڪوشش ڪري سسئي وانگر ڀنڀور کان ڪيچ ۽ مومل وانگر ڪاڪ محل کان امرڪوٽ وارو اوکو سفر ڪرڻ جو عادي به ٿي ويو آهيان. باقي جيئن ڄام کي نوري جي سادگي پسند آئي هئي، هن فقير جي نوڙت به قادر شل قبول ڪري ته جيئن سُهڻي وانگر درياه جي لهرن سان جنگ ڪري ميهار سان وڃي ملان. پر دعا ڪجو ته شل ليلان واري لالچ من ۾ نه اچي ته جيئن ڪونئرو چنيسر کسي نه سگهي ۽ شل ڪو عمر به من اندر ۾ ويٺل مارئي کي جهڪائي ۽ خريد نه ڪري سگهي، ته جيئن مورڙو بڻجي مانگرن سان ويڙهه ڪندي موت جي هنج ۾ هليو وڃان يا وري راءِ ڏياچ وانگر سر ڏئي سرخرو ٿيان، ته جيئن سخا ۽ سخاوت تي ڪو داغ نه اچي ۽ هڪ چمي وارو سوال کڻي محشر جي ميدان ۾ اٿان. پل صراط پار ڪري خدا کي چوان ته اي الله مون سان منهنجي امڙ ملاءِ ته ان جا قدم چمي سوال کي جواب ڏيان. ياد آهي ته آچر ۰۵.۱۲.۲۰۲۱ تي ايڪتا ڊي يا سنڌ جي قومي ڏهاڙي تي مٺي ويو هوس. ان وقت ٿر ملير هوٽل جي پڇا ڪندي وڃي هوٽل تي پهتو هوس. جتي مون کي آزاد اقبال هڱورجو سان فيس بوڪ تي عليڪ سليڪ هئڻ سبب ملاقات ڪرڻي هئي. پر اها به منهنجي خوش نصيبي هئي جو اتي ٿر جي مٺڙي محبوب ۽ مڃيل شاعر عبدالله آس هنڱورجو سان به ملاقات ٿي هئي. پر جيئن ته وقت گهٽ هو ڇو ته مون کي بائيڪ تي اڪيلي سر بدين پهچڻو هو ۽ سردي سبب ڏينهڙا به ته ننڍڙا هئا. ان ڪري ڪچهري مختصر ٿي هئي ۽ ڪجھه ڏينهن بعد آس جو شعري مجموعو ’اکين منجھه آڙنگ به ڇپجي پڌرو ٿيو هو، جنهن جو اهو ڏک اٿم ته اهو ڪتاب هن مهل تائين نه ملي سگهيو. پر وري به دعا ته الله پاڪ آس کي سدا سلامت رکي! آمين.