; سنڌي شخصيتون: اعجاز علي جسڪاڻي

23 February, 2023

اعجاز علي جسڪاڻي

اعجاز علي جسڪاڻي

ترقي پسند سوچ جو مالڪ هڪ ڪردار

اعظم ڀٽي



دنيا جي هن گولي تي ڪو به اهڙو ڏينهن خالي ناهي، جنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جو وجود هن ڌرتيءَ تي نمودار نه ٿيندو هجي، انهن وجودن مان جيڪي بهترين انسان ثابت ٿيندا آهن، دنيا ياد به انهن کي ڪندي آهي، ياد ڪرڻ به انهيءَ کي گهۡرجي، جن کي انسانيت جي احساس جي پرک هۡجي، جن جي سماج تي نه رڳو گهري نظر هجي پر سندن اندر ۾ سماج جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ آنڌ مانڌ به ترقي پسندي ۽ سائنسي انداز واري هجي، جن کي سماج جي مثبت تبديلي جو اونو هجي، جن کي پروڙ هجي ساڃاهه ۽ سۡرت جي!  هونئن ته هن دنيا ۾ ماڻهو ته تمام گهڻا آهن پر انسان ڪو ڪو ٿو بڻجي ۽ جيڪو به عملي طور حقيقي انسان آهي، سو تحسين لائق آهي. اهو مۡبارڪباد جو مستحق آهي، اهو لفظن جي ڀيٽائن جو حقدار به آهي، ان جو جنم به سڦل آهي ته وجود به باعث فخر آهي، انهن فخر لائق انسانن مان انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان چيپٽر جو صدر، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو اڳوڻو ڪائونسلر ۽ موجوده جوائنٽ سيڪريٽري، پنهنجي وجود ۾ ترقي پسنديءَ جو حقيقي ۽ عملي جوهر سمائيندڙ انتهائي شفيق ۽ پيارو انسان اعجاز علي جسڪاڻي به هڪ آهي.  


ڀلي کڻي سندس نالي کان هڪ وڏي اڪثريت اڻواقف به هجي پر سموري سنڌ ۾ سندس سۡڃاڻپ جو هڪ مخصوص ۽ منفرد حلقو ضرور موجود آهي، جيڪو کيس سۡلجهيل، پڙهيل لکيل، ترقي پسند ۽ باشعور انسان تصور ڪري ٿو. اعجاز علي جسڪاڻي ۱۵ جنوري ۱۹۵۹ع تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو  گل محمد جسڪاڻي آهي، اعجاز علي جسڪاڻي جا ناناڻا اصل جهمپير جا ۽ ڏاڏاڻا ٽنڊي ڄام جا آهن، سندس ماما روزگار سانگي ٽنڊي محمد خان منتقل ٿي آيا. سندس اباڻو ڳوٺ ٽنئور خان جسڪاڻي (جسڪاڻي ڳوٺ) ٽنڊو ڄام، تعلقو ۽ ضلعو حيدرآباد آهي. اعجاز جسڪاڻي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول فارم ڪالوني ٽنڊو ڄام مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۱۹۷۵ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول فارم ون ٽنڊو ڄام مان ۽ انٽر سائنس جو امتحان ۱۹۷۷ع ۾ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو. ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيمسٽري ۾ ايم ايس سي ڪيائين، جنهن بعد خانگي طور ملٽي نيشنل فارماسيٽيڪل ڪمپني ۾ مسلسل پنج سال ريجنل مئنيجر رهيو. ۱۹۹۲ع ۾  تعليم کاتي پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رپ ضلعي بدين ۾ ايڇ ايس ٽي مقرر ٿيو، ۱۹۹۴ع ۾ بي ايڊ ۽ ۱۹۹۶ع ۾ ايم ايڊ ڪيائين. ۱۹۹۸ع کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول پليجاڻي، موجوده ضلعي مٽياري ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. ۲۰۱۳ع ۾ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول غلام شاهه باگراڻي (مويا) تعلقي ٽنڊي غلام حيدر ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. جتان ۲۰۱۹ع ۾ عۡمر جا سٺ سال مڪمل ڪري، ان ئي عهدي تان ريٽائرمينٽ ورتائين. علم سان چاهه ته ٻالڪپڻ کان ئي هۡيس، اسڪول جي زماني ۾ انتهائي لائق ۽ علم و ادب دوست استادن سائين لائق سنڌي، فيض محمد نظاماڻي ۽ حيدر علي لغاري جي صحبت ۾ سندس ادبي ذوق پروان چڙهيو ۽ مطالعي جي شوق کي وسعت مليس، مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊي ڄام ۾ شاعر نور محمد ساگر سومرو، شاعر منير ٻٻر، ڪهاڻيڪار غلام نبي سومري ۽ ٻين سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو، ادبي سرگرمين جي طفيل سندس تحت الشعور ۾ ترقي پسنديءَ جا جۡزا پيوست ٿي چڪا هئا، جنهن سبب سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ کاٻي ڌر سان سرگرم رۡڪن طور واڳيل رهيو، ان عرصي دوران حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس شناسائي جو چنڊ ڀرپور نموني کڙيو، نصير مرزا، حسن درس، حسن مجتبي'، بخشڻ مهراڻوي، لياقت رضوي، شعبان وسطڙي سميت ان وقت جي نئين ٽهيءَ جا ڪيترائي نالا سندس همعصرن ۾ شامل هئا. جهمپير ۾ ناناڻي ڳوٺ جي نسبت سان سائين رسول بخش درس، اعظم گوپانگ، ڊاڪٽر عباس گوپانگ ۽ ٻيا سندس علمي ۽ ادبي اۡتساهه جو اهم سبب بڻيا. جيڪي فرد ادبي حوالي سان رسول بخش درس کان وٺي حسن درس تائين وارن حلقن سان سلهاڙيل هئا، سي اعجاز جسڪاڻي جي نالي ۽ صۡورت کان به ضرور واقف هوندا، حيران ڪۡن ڳالهه اها به آهي ته حسن درس جي رسالي ۾ جيڪا حسن درس جي شاعري شامل آهي، ان جو ڳچ حصو هن فقيرمنش جو سنڀاليل ۽ حسن درس جي پونئرن کي ڏنل آهي، جنهن جي سۡڌ شايد چڱن خاصن حلقن کي به نه هجي. ڇاڪاڻ جو فقير حسن درس جي اڪثر عادت هوندي هئي ته جيڪا شيءِ جتي لکيائين سا اتي ئي ڇڏيائين، سو سندس ان ڪرت جو عام آستانو، اعجاز جسڪاڻي جو ئي آشيانو رهيو هو. اعجاز جسڪاڻي نه رڳو هڪ پڙهيو، لکيو ۽ سۡلجهيل فرد آهي پر سندس لکڻيون سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل به آهن، لکڻ جي سندس ان ذوق ۾ وري پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي همت افزائي واري ڪردار کي قطعي به وساري نٿو سگهجي. اها الڳ ڳالهه آهي ته حسن درس جيان سندس لکڻيون به الئه ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ وکريل آهن، توڙي جو هۡن ايترو گهڻو ناهي لکيو پر علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ واري تجربي تحت هۡو سماج جو بهترين نبض شناس به آهي، هر موضوع تي سۡٺو تبصرو ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، بحث مباحثي ۾ سندس هر زاويو سائنسي ۽ ترقي پسندانه سوچ جو مظهر آهي، نوجوانن جي حوصلا افزائي توڙي سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي. اعجاز جسڪاڻي جڏهن کير پياڪ هو ته سندس والده وفات ڪري وئي، انهن تڪليفن مان ٻالڪپڻ کان وٺي جواني تائين پار پئي، جڏهن سندس پهرين شادي ۱۹۷۵ع ۾ ٿي ته  کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو ۽ سندس گهرواري به هيءَ جهان ڇڏي وئي، گهرواريءَ جي وفات بعد ۱۹۸۹ع ۾ هن ٻي شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پۡٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ هن هميشه هڪ ذميدار والد وارو فرض ادا ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس هڪ فرزند ڊاڪٽر شهزاد علي جسڪاڻي، صحت جي شعبي ۾ ايم فل ڪري چڪو آهي ۽ ٻن ضخيم ڪتابن جو مصنف آهي. اعجاز علي جسڪاڻي انهن سمورين خۡوبين، واسطن ناتن جي باوجود به انتهائي سادگي پسند، کلمک، ملنسار شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو هر شعبي ۾ نوجوانن جي همت افزائي واري جوهر کي روحاني تسڪين سمجهي ٿو. سندس شخصيت جا کوڙ سارا پهلو آهن، ساڻس پهريون ڀيرو ملندڙ ماڻهو  به سندس ڪچهريءَ مان مستفيد ٿيندي ائين محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ ڪو سندن تعلق تمام گهڻو پۡراڻو هجي، مطلب ته نئين کي پۡراڻو ڪرڻ جي فن ۾ کيس وڏي مهارت حاصل آهي، شال سندس اها مهارت، سندس سوچ موجب نئين نسل لاءِ روشنيءَ جو اميد افزا ڪرڻو بڻيل رهي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

اعجاز جسڪاڻي

گهڻ رخي شخصيت، گهڻ رُخو ڪردار...

مٺل جسڪاڻي

چوڻ يا لکڻ لاءِ ”سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ“، ”برداشت ڪرڻ“، ”صبر ڪرڻ“، ”جيئڻ جي جستجو ڪرڻ“، ”توازن قائم رکڻ“، انتھائي ساديون ۽ بظاھر سوليون صلاحون آھن، پر انھن تي عمل تمام گهڻو ڏکيو آھي.

اعجاز جسڪاڻي کي ننڍپڻ کان ھي ٻہ اکر لکڻ تائين ڏسندو رھڻ، ساڻس وقت گذارڻ، گڏيل عزيزن ۽ دوستن سان سندس ۽ ساڻس ٻين جي ورتاءُ، رَوَين، انيڪ مختلف حوالن کي ساريان ٿو، تہ يادگيرين جي ٻَنڌ لُڙھي ٿي پوي...

منھنجي ذھن ۾ اچي ٿو:

ماڻھو کي ماڻھو رھڻ گهرجي.

ماڻھو کي ھمٿ ڀريو ھجڻ گهرجي.

منھنجي خيال ۾، ھمٿ ۽ حوصلي سان، ماڻھپي ۾ رھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندڙ اعجاز جسڪاڻي کي ڪردار طور پڙھڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي، تہ ماڻھو ٿي رھڻ ۽ ھمٿ سان جيئڻ جو گس ملي پوندو، حوصلو وڌي پوندو، سليڪو اچي ويندو.

اعجاز جسڪاڻي گهڻ رخي شخصيت آھي، گهڻ رُخو ڪردار آھي. سندس لاءِ سدائين کان دعاڳو رھيو آھيان. جنم ڏينھن جي نسبت سان پڻ دعائون ۽ سالگرھہ جون واڌايون...

(روزاني ”آجيان“ شڪارپور، جمعو ۱۷ فيبروري ۲۰۲۳ع)

No comments:

راءِ ڏيندا