; سنڌي شخصيتون: چاچا عزيزالله ڀٽو

12 February, 2023

چاچا عزيزالله ڀٽو

چاچا عزيز الله ڀٽو

قومي اڳواڻ

غفار ميرجت



سنڌ کي غلامانه نظام مان نجات ڏيارڻ لاءِ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ ۾ اهڙا سچا، بهادر ۽امن پائيچاري لاءِ جاکوڙيندڙ کوڙ اڳواڻ توڙي ڪارڪن موجود آھن، جن جو پنهنجي ڌرتي سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ انسانن لاءِ امن پيار ۽ پنهنجائپ جو مقصد عام ڪرڻ آھي، انهن اڳواڻن مان چاچا عزيزالله ڀٽو به هڪ آهي، جنهن امام بخش ڀٽو جي گهر ۾ ۱/۲/۱۹۵۲ تي ٽلٽي شھر جيڪو اڳي دادو ضلعي ۽ هاڻي ڄامشورو ضلعي ۾ آھي اتي اک کولي ٽلٽي سنڌ جي عظيم شھيد مخدوم بلاول جو به جنم ڀومي آھي، پر ڪجھه سببن جي ڪري چاچا عزيزالله جواني ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو، فيبروري جي ٿڌڙين حوائن ۾ جنم وٺندڙ چاچا عزيزالله ڀٽو طبعيت ۾ به اهو ماٺيڻو آهي پر وطن جي سوال تي هن نفيس انسان جو عشق ۽ جذبات ڏسڻ وٺان هوندو آھي.


سنڌ ۾ اهڙا ماڻھو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن جن جي هڪ ئي وقت حيثيت چاچا عزيزالله ڀٽو جهڙي هجي، هو آر سي ناهي ھو اهو شيشو آھي، جنهن ٻنهي پاسن کان نهارڻ سان ساڳيا منظر ڏسي سگهجن ٿا. چاچا عزيزالله ڀٽو جيئي سنڌ محاذ جو موجوده مرڪزي سنيئر وائيس چيئرمين آھي پر عمر اخلاق ۽ سچائي جي ڪري پارٽي چيئرمين محترم رياض علي چانڊيو به سندس ادب ڪندو اٿس هونئن ليڊر جي اهو خوبي هوندي آھي ته هر وطن واسي سان پيار ڪري پر رياض علي چانڊيو نه رڳو چاچا عزيزالله ڀٽو سان پيار ڪندو آ پر هن جي ڏنل هر تجويز تي عمل پڻ ڪندو ۽ عمل ڪرائيندو به آھي، چاچا عزيزالله جنهن عمر جي حصي ۾ داخل آھي اڪثر سنڌي ماڻھو ان عمر ۾ پنهنجي گهر ٻار سان سڪون وارو وقت گذارڻ کي اوليت ڏيندا آھن پر هن جهوني انسان جو پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد وانگر عشق اڄ به جوان آھي

سنڌ دوستي سندس زندگي جو مقصد نغمو ۽ دل گيت بنجي وئي اٿس جنهنجي ڌن ۽ ترنم جي نشي ۾ سرشار ٿي هو جدوجهد جي ميدان ۾ ڪڏھن به نٿو ٿڪجي پر اڳتي وڌندو رهي ٿو

واقعي چاچا عزيز الله سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق آھي جيڪو رات ڏينهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي خوشحالي لاءِ بيقرار رهي ٿو هن سدائين سياست کي عبادت سمجهيو آھي ھن سٻاجهڙي انسان ذاتي خواهشن کي ٿڏي ڌرتي جي بقا لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي آھي اهڙا انسان انمول ٿين ٿا.

ڀٽائي چواڻي ته

سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛

سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛

جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.

يا ايئن کڻي چئجي ته

سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛

آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛

لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛

ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو.

چاچا عزيز الله پنهنجي زندگي جا حسين پل وطن ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ وقف ڪرڻ کي عبادت سمجهندو آھي، گڏ سفر ڪرڻ دروان وڏي عمر هجڻ ڪري هن جي پيرن ۾ سوج ٿيندي آھي آنءُ چوندو آھيان چاچا هاڻ توهان کي صحت سفر جي اجازت نٿي ڏي پر مرڪي ڀٽائي جو هي شعر ٻڌائيندو آھي ته

هي سر هڪڙو پنهل کي آڇيندي لڄ مران

جيهجن سر گهڻا تٿ واري واريوڍيان

چاچا عزيز الله ڀٽو جي خيال ۾ مايوسي گناھ آھي هن کي ”چاچا”جو لقب رڳو سندس پارٽي ڪارڪنن يا قومي تحريڪ جي ورڪرن ۽ اڳواڻن نه ڏنو پر سنڌ جو ننڍو وڏو هن کي” چاچا”چئي مخاطب ٿيندو آھي

سينئر هجڻ ڪري ڪيترا ئي قومي اڳواڻ ھن جو تمام وڏو احترام ڪندا آھن

لاڙڪاڻي جهڙي شھر ۾ سندس اوطاق اڄ به قائم اٿس، سندس جو چوڻ آھي ته هن اوطاق کي ڊاڪٽر قادر مگسي، شھيد بشير خان قريشي، رياض علي چانڊيو، سيد زين شاھ ڊاڪٽر حميد سبزوئي سميت ڪيترا ئي پنهنجو گهر سمجهندا آھن.

ڇو ته اهي سڀ اڳواڻ ڊاڪٽر ھدايت الله ڀٽو جا ويجهي دوستن منجهان آهن ۽ ڊاڪٽر هدايت ڀٽو چاچا عزيز الله ڀٽو جو ڀائٽيو به ٿئي ته پٽ به ٿئي. ڊاڪٽر هدايت ڀٽو ننڍپڻ ۾ والد وفات ڪري ويو جنهن ڪري پرورش چاچا عزيز الله ڪئي ڊاڪٽر هدايت ڀٽو ۽ سردار سيف احمد ڀٽو چاچا عزيز الله ڀٽو کي بابا سڏيندا آھن.

اها حقيقت آھي ته چاچا مون سميت سڀني ورڪرن سان والد جيئن پيار ڪندو آھي. اڄ به سندس اها اوطاق اسان جو قومي گهر آھي. اتي جڏھن رات جو رهڻ ٿيندو آھي ته هو رات دير تائين ڪچهري ڪرڻ سان گڏ ماني پاڻي سميت هنڌ به پاڻ کڻي ايندو آھي سندس رب پاڪ همسفر ساٿي به اهڙي ڏني اٿس جنهن جي عمر ۶۵ سال جي لڳ ڀڳ آھي پر ان عمر ۾ قومي ورڪرن جي خدمت جو جذبو جوان اٿس ڪارڪنن سان هڪ شفيق ماءُ جيئن پيار ڪندي آھي

ان گهر جو قومي سفر ۾ تمام وڏو پورهيو شامل آھي، صوفي منش چاچا عزيز الله ڀٽو جي ۷۱هين سالگره تي سنڌ خاندان سميت سموري قومي تحريڪ، ۽ ڌرتي ڌڻين کي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي ان اميد سان ته سنڌ ڌرتي اهڙن بهادرن سچن پُٽن کي جنم ڏيندي رهي جيڪي وطن ۽ قوم لاءِ جاکوڙيندا رهن

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

چاچا عزيزالله ڀٽو

غفار ميرجت

آڻي اُتر واءَ، موکي مٽ اُپٽيا،

متارا تنهن ساءِ، اچن سر سنباهيو.

جڏھن به قومي تحريڪ جي باڪردار اڳواڻن جو ذڪر نڪرندو ته اتي چاچا عزيزالله ڀٽو کي وسارڻ سندس ڪردار سان ناانصافي هوندي چاچا عزيزالله ڀٽو جيڪو اصل سنڌ جي مزاحمتي شھر ٽلٽي ۾ امام بخش ڀٽو جي گهر ۾ ۱ فيبروري ۱۹۵۲ تي جنم ورتو چاچا عزيزالله ڀٽو کي اهو به اعزاز حاصل آھي ته هن جو گهر شھيد مخدوم بلاول جي گهر سان گڏ هيو

چاچا عزيزالله ڀٽو اٺين ڪلاس تائين تعليم ٽلٽي مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شفٽ ٿيو، اڳتي هلي ۱۹۶۷ ۾ والد امام بخش ڀٽو جي وفات بعد سموري فيملي به لاڙڪاڻي شفٽ ٿي، چاچا عزيزالله ڀٽو (بي ڪام) تائين ڊگري لاڙڪاڻي ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ (ايم ڪام) ۾ سنڌ يونيورسٽي داخلا ورتائين پر پاپوليشن پلاننگ ۾ نوڪري ملڻ ڪري وڌيڪ نه پڙھي سگهيو، ۷۰ واري دور ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد ملڪ سڪندر سان اليڪشن مُقابلي ۾ بيٺو ته چاچا عزيزالله ڀٽو سڄو خاندان سائين سان گڏ بيٺو ان ڏينهن کان اڄ تائين چاچا عزيزالله ڀٽو سائين جي ايم سيد جي نظريي سان بيٺو آھي.

سنڌ ۾ اهڙا ماڻھو آڱرين تي ڳڻ جيترا آھن جن جي هڪ ئي وقت حيثيت چاچا عزيزالله ڀٽو جهڙي هجي، هو آر سي ناهي ھو اهو شيشو آھي، جنهن ٻنهي پاسن کان نهارڻ سان ساڳيا منظر ڏسي سگهجن ٿا، چاچا عزيزالله ڀٽو جيئي سنڌ محاذ جو موجوده مرڪزي سنيئروائيس چيئرمين آھي پر عمر اخلاق ۽ سچائي جي ڪري پارٽي چيئرمين محترم رياض علي چانڊيو به ڌادب ڪندو اٿس هونئن ليڊر جي اهو خوبي هوندي آھي ته هر وطن واسي سان پيار ڪري پر رياض علي چانڊيو نه رڳو چاچا عزيزالله ڀٽو سان پيار ڪندو آ پر هن جي ڏنل هر تجويز تي عمل پڻ ڪندو ۽ عمل ڪرائيندو به آھي، چاچا عزيزالله جنهن عمر جي حصي ۾ داخل آھي اڪثر سنڌي ماڻھو ان عمر ۾ پنهنجي گهر ٻار سان سڪون وارو وقت گذارڻ کي ترجيع ڏيندا آھن پر هن جهوني انسان جو پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد وانگر عشق اڄ به جوان آھي

سنڌ دوستي سندس زندگي جو مقصد نغمو ۽ دل گيت بڻجي وئي، اٿس جنهن جي ڌن ۽ ترنم جي نشي ۾ سرشار ٿي هو جدوجهد جي ميدان ۾ ڪڏھن به نٿو ٿڪجي پر اڳتي وڌندو رهي ٿو.

چاچا عزيزالله سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق آھي جيڪو رات ڏينهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي خوشحالي لاءِ بيقرار رهي ٿو هن سدائين سياست کي عبادت سمجهيو آھي ھن سٻاجهڙي انسان ذاتي خواهشن کي ٿڏي، ڌرتي جي بقا لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي آھي اهڙا انسان انمول ٿين ٿا.

چاچا عزيزالله پنهنجي زندگي جا حسين پل وطن ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ وقف ڪرڻ کي عبادت سمجهندو آھي.گڏ سفر ڪرڻ دروان وڏي عمر هجڻ ڪري هن جي پيرن ۾ سوج ٿيندي آھي آءُ چوندو آھيان چاچا هاڻ توهان کي صحت سفر جي اجازت نٿي ڏي پر مرڪي ڀٽائي جو هي شعر ٻڌائيندو آھي ته

هي سر هڪڙو پنهل کي آڇيندي لڄ مران

جيهجن سر گهڻا تٿ واري واريوڍيان

چاچا عزيزالله ڀٽو جي خيال ۾ مايوسي گناھ آھي، سنيئر هجڻ ڪري ڪيترائي قومي اڳواڻ ھن جو تمام وڏو احترام ڪندا آھن، لاڙڪاڻي شھر ۾ سندس اوطاق اڄ به قائم آهي سندس جو چوڻ آھي ته هن اوطاق کي ڊاڪٽر قادر مگسي، شھيد بشير خان قريشي، رياض علي چانڊيو، سيد زين شاھ، ڊاڪٽر حميد سبزوئي سميت ڪيترائي پنهنجو گهر سمجهندا آھن، ڇو ته اهي سڀ اڳواڻ ڊاڪٽر ھدايت الله ڀٽو جا ويجهي دوستن منجهان آهن ۽ ڊاڪٽر هدايت ڀٽو چاچا عزيزالله ڀٽو جو ڀائٽيو به ٿي ته پٽ به ٿئي. ڊاڪٽرهدايت ڀٽو جو ننڍپڻ ۾ والد وفات ڪري ويو جنهن ڪري پرورش چاچا عزيزالله ڪئي ڊاڪٽر هدايت ڀٽو ۽ سردار سيف احمد ڀٽو چاچا عزيزالله ڀٽو کي بابا سڏيندا آھن

جڏھن ۱۷جنوري ۲۰۲۳ تي سائين جي ايم سيد جي سالگره واري جلسي جون تياريون ٿي رهيون هيون ته لاڙڪاڻي پوليس چاچا عزيزالله ڀٽو کي چيو ته مُک ضلعي اڳواڻ پوليس حوالي ڪري پر چاچي عزيزالله چيو ته ڀلي مونکي گرفتار ڪيو مان ڪارڪنن جي گرفتاري نه ڏياريندس ۽ ۷۲ سالن جو هي پوڙهو جوان ۴ ڏينهن ٿاڻي تي باندي بڻيل رهيو

ان گهر جو قومي سفر ۾ تمام وڏو پورهيو شامل آھي، اڄ صوفي منش چاچا عزيزالله ڀٽو جو ۷۲ هين سالگره آھي سنڌ خاندان سميت سموري قومي تحريڪ ۽ ڌرتي ڌڻين کي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي ان اميد سان ته سنڌ ڌرتي اهڙن بهادرن سچن پُٽن کي جنم ڏيندي رهي جيڪي وطن ۽ قوم لاءِ جاکوڙيندا رهن

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا