چاچا عزيز الله ڀٽو
قومي اڳواڻ
غفار ميرجت
سنڌ کي غلامانه نظام
مان نجات ڏيارڻ لاءِ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ ۾ اهڙا سچا، بهادر ۽امن
پائيچاري لاءِ جاکوڙيندڙ کوڙ اڳواڻ توڙي ڪارڪن موجود آھن، جن جو پنهنجي ڌرتي سميت
سموري دنيا ۾ رهندڙ انسانن لاءِ امن پيار ۽ پنهنجائپ جو مقصد عام ڪرڻ آھي، انهن اڳواڻن
مان چاچا عزيزالله ڀٽو به هڪ آهي، جنهن امام بخش ڀٽو جي گهر ۾ ۱/۲/۱۹۵۲ تي ٽلٽي شھر جيڪو اڳي دادو ضلعي ۽ هاڻي ڄامشورو ضلعي ۾ آھي
اتي اک کولي ٽلٽي سنڌ جي عظيم شھيد مخدوم بلاول جو به جنم ڀومي آھي، پر ڪجھه سببن
جي ڪري چاچا عزيزالله جواني ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو، فيبروري جي ٿڌڙين حوائن ۾ جنم وٺندڙ
چاچا عزيزالله ڀٽو طبعيت ۾ به اهو ماٺيڻو آهي پر وطن جي سوال تي هن نفيس انسان جو
عشق ۽ جذبات ڏسڻ وٺان هوندو آھي.