; سنڌي شخصيتون: مولا بخش ڪيريو

23 February, 2023

مولا بخش ڪيريو

مولا بخش ڪيريو

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر

نور سنڌي



سنڌ ۾ معتبر، معشوق ۽ محبوب ماڻهن جي ڪا به ڪمي ڪانهي، سنڌ جي اهڙن ئي سادن، سهڻن ۽ سٻاجھڙن ماڻهن منجھان مشھور شاعر سماجي ورڪر مرحوم  مولا بخش ڪيريو به هڪ ھو،  مولا بخش ڪيريو سنڌ جو انمول ڪردار ھو جنھن، ناٺياڻي جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ادب، آرٽ ۽ موسيقيءَ جي مشن کي زندگيءَ جي آخري ڏينھن تائين روشن رکيو، مولابخش ڪيريو سنڌ جو نج ڳوٺاڻو ڪردار ھو جنهن جي اوطاق تي سندس محفل متل رھندي ھئي.


مولا بخش ڪيريو ۱۶فيبروري ۱۹۵۱ع تي معزز شخصيت  مقيم ڪيريو جي گھر ۾  ڳوٺ ناٺياڻي تعلقي دوڙ ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ جنم ورتو، پاڻ ابتدائي تعليم سنڌي پنج درجا پنهنجي اباڻي ڳوٺ ناٺياڻي منجھان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دوڙ ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتائين پر تعليمي سفر کي اڳتي جاري نه رکي سگھيو. مرحوم مولا بخش ڪيريو سنڌ جو بهترين عوامي شاعر ھو سندس شاعري سولي ۽ سلوڻي آهي.

مولا بخش ڪيرئي جي شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن ڦوٽو زرداري، جلال چانڊيو، الهداد زرداري، خورشيد علي خان، مکڻو فقير، صنم ماروئي، لطيف چانڊيو، بچل زرداري، علي حسن خاصخيلي، شمشير علي راهو، فقير سومر راهو ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي. پاڻ پير اعجاز راشديءَ کي پنهنجوروحاني استاد سمجھندو هو، هر سال ۱۶ فيبروريءَ تي پنهنجي سالگره جي موقعي تي پنھجي اوطاق تي شاندار ڪچهري ڪوٺائيندو ھو، ڪڏھن صوفياڻي محفل ڪڏھن مشاعرو به ڪرائيندو ھو،  مولا بخش ڪيريو جي شاعريءَ جو ڪتاب ”عشق جو آسمان“ ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو. کيس ٽي پٽ عبدالرشيد، سڪندر علي ۽ غلام فريد آهن. غلام فريد ڪيريو به پنھجي والد مرحوم وانگر بهترين شاعر ۽ راڳي آهن. (سندس پٽ وحيد علي سندس حياتيءَ ۾ لاڏاڻو  ڪري ويو). سندن ڀاڻيجو گلاب ڪيريو ۽ رضاڪيريو بهترين مصور ۽ آرٽسٽ آهن. مولا بخش ڪيريو کي زمينداري ۽ مال متاع سان به گھڻو چاهه هو، سندس ادبي دوستن ۾ معشوق ڌاريجي جو نالو قابلِ ذڪر آهي. پاڻ ۱۵فيبروري ۲۰۲۱ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي سان ان ڳوٺ ان علائقي جي ادبي دنيا ۾ وڏو خال پئدا ٿي ويو آھي. اڄ ۱۶فيبروري تي سندس جنم ڏينھن آھي. اسان ان موقعي تي مرحوم جي وارثن دوستن چاھيندڙن کي اڻ ڳڻيون واڌايون ڏيون ٿا، اچو ته سندس جنم ڏھاڙي تي مالڪ جي در دعا گھرون ته مالڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



مرحوم مولا بخش ڪيريو

فقير شاعر رحمت الله عليه - شاعريءَ ۾ منھنجو پھريون استاد

صوفي زاھد شاھ

ھو منھنجي دوڙ شھر ويجھو ڳوٺ ناٺياڻي جو رھواسي.

ويجھڙائيءَ ۾ فقير سندس والد بزرگوار مرحوم مقيم ڪيريو جي نالي سان نئون ڳوٺ پنهنجي زمين تي اڏي نيٺ حقيقي ڌڻي طرف لاڏاڻو ڪري ويو. الله لڳ درويش صفت ملوڪ ماڻھو ھو فقير مولابخش. سنڌ سٻاجھو اوطاقي ۽ مھمان نواز ٻاجھارو انسان ھو.

چوندو ھو؛ ”يار ويس ماڻھو جي نشاني سنگت جا ميلا مچائڻ آھي.“ سندس سخن تمام ڀلوڙ ھوندا ھئا. ھو پاڻ ھلڪو ڦلڪو زميندار ۽ ھارپو ڪندڙ محنت مزدوري پسند ھو. اڪثر مونکي پاڻ وٽ چاليھو ٽڪائيندو ھو.

چوندو ھو؛ ”درويش ۽ درياهه کي نه آزمائيندا ڪريو. سمجھو تہ ٻنھي جو وھڪرو واھوندڙو ھوندو.“

آئون ھميشه کيس پنھنجو پسنديده شاعر مڃيندو ھوس. ڇو ته شاعري ۾ ھو منھنجو پھريون استاد ھو. سندس سنگ سلامن مون کي ۱۹۸۸ع ۾ سائين استاد بخاري ۽ سائين راشد مورائي جي سنگت صحبت نصيب ٿي. دوڙ شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن سان متعارف ڪرائڻ جي بسم الله پڻ سندس معرفت ڪيم.

منھنجي دوڙ شھر جا تمام بھترين ادبي دوست، مرحوم شاعر اديب استاد سائين صوفي شعبان وڳڻ، خوبصورت شاعر اديب مرحوم مسڪين ديناري، سائين عباس علي رستماڻي ريڏيو ٽيوي ٽيڪنيشن، شاعر مفڪر ٻاجھارو ماڻھو سائين مفتون ڪورائي ۽ سندس ڪورائي مائٽن سان پڻ سنگت رھي آھي. ڪامريڊ سائين ارباب علي مري، صحافي عبداش پنھور سان ملڻ جو ڪارڻ بڻيو.

فقير مولا بخش ڪيريو پاڻ سر سنگيت جو عاشق هو. باجو پاڻ ورجائيندو ھو. مرحوم ڦوٽو زرداري سان سندس تمام گھڻي سنگت ھوندي ھئي. فقير جو ڪلام تمام گھڻن فنڪارن ڳاتو.

مرحوم ڦوٽو زرداري مرحوم جلال چانڊيو سميت ٻيا کوڙ سنگيت سلامت رکندڙ ابراھيم فقير جھڙا درويش پڻ فقير جو ڪلام ڳائيندا ھوا. مولا بخش مونکي پاڻ سان گڏ اڪثر ڪري ميلا ملاکڙا گھمائڻ وٺي ويندو ھو. ھڪ ڀيرو سائين صوفي پير اعجاز راشدي ڏانھن مونکي ساڻس ملائڻ وٺي ويو. پير اعجاز سائين سندس تمام گھڻي عزت ڪندو ھو. کيس تمام بھترين شاعر مڃيندو ھو. فقير جو ڪلام پنھنجن فقيرن کان به ڳارئيندو ھو. آئون ۽ مولا بخش ھڪ دفعو سائين اعجاز سان ويچار ونڊڻ وياسين. اعجاز سائين کٽ تي باقي سنگت پوري پٽ تي. آئون ۽ مولا بخش ماٺ ميٺ ۾ چپڙي ڪري پٽ تي ويهي رھياسين. جھٽ پلڪ کن ۾ سائين اعجاز ھڪڙي فقير کي موڪليو. فقير اچي مونکان ٻانھون ٻڌي پڇيو ته؛ ”سائين اوھان سيد آھيو.؟“

مون ورنايو؛ ”جي ھا فقير آئون سيد آھيان.!!“

چيائين؛ ”سائين اعجاز توھان کي پاڻ وٽ گھرايو آھي.!!“

آئون جي بسم الله ڪري اٿيس ۽ ادبن سائين جن جي سامهون وڃي بيٺس. سيد سڳورو مونسان ڀاڪر پائي مليو ۽ ھٿ وٺي پنھنجي کٽ تي کڻي وھاريائين.

ڪچھري پوري ٿي روانگي وقت فقير مولا بخش چيو؛ ”ڀوڳ چرچي ۾ به سچ چوڻ گھرجي. ڏاڍي ذات پرستي لھي پئي آھي توهان سيدن ۾. توکي سڏي پاڻ سان کڻي کٽ تي ويھاريو ويو. مون فقير کي نڌڻڪو پٽ تي ڇڏيو ھليو وئين.؟“

ان ڏينهن مونکي پاڻ بابت ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. منھنجو دلبر يار مولا علي جو سچو عاشق ۽ سادات سڳورن کي تمام گھڻو پيار ڏيندڙ من موهيندڙ ماڻھن ۾ جھڙو مور ماڻھو ھو منھنجو يار مولا بخش ڪيريو مرحوم. مولا پاڪ مولا بخش ڪيريو کي مجلس محمدي نصيب فرمائي آمين ثم آمين. ڇو ته ھو تمام گھڻو درود شريف پڙھندڙ ماڻھو ھو. سندس اوطاق تي ھر جمع تي رات جو نعت خواني ٿيندي رھندي آھي.

سندس ٻه پٽڙا بھترين شاعر ۽ سر سنگيت جا شوقين آهن. وڏو فرزند استاد رشيد ڪيريو ۽ ننڍو چوٿون نمبر فرزند فريد ڪيريو پڻ بھترين فقير صفت ماڻھو آھين. سندن سان پڻ منھنجو پراڻو محبتي ياراڻو رھيو آ. استاد رشيد کان ننڍو نمبر پٽ استاد سڪندر ڪيريو پڻ بھترين گھمڻو پھرڻو يار ويس ماڻهو آھي.

شاعر جو توکي خواب چوان يا مان توکي گلاب چوان

راڳ چوان يا رباب چوان ماھ لقا مھتاب چوان

توکي ڇا چوان مان ڇا چوان. (شاعر مولابخش)

انا لله وانااليہ راجعون.

 

(صوفي زاھد شاھ جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)



ڳالھ ٿي ڪالھ تنھنجي وارن جي!

مولا بخش ڪيريي جي شعري مجموعي “عشق جو آسمان“ ۾ جماليات

معشوق ڌاريجو

”عشق جو آسمان“ هڪ جمالياتي تصور آهي، ۽ مولا بخش ڪيريي پنھنجي پھرين شعري مجموعي جو نالو بہ ”عشق جو آسمان“ ئي رکيو آهي. جنھن کي خيال ۾ آڻيندي چنڊ، ستارا، ڪھڪشائون، نکٽ، ٽيڙو، ڪَتِيون، قلب تارو، اوٺي تارو، کَٽَ، ٻُٽو کوھُ، زهرا ۽ ثريا ذهن تي تَري اچن ٿا. جن جي روشني، سونھن، سندرتا ۽ حسن اکيون ٺاري ڇَڏي ٿو. مولا بخش ڪيريي جي شاعري جماليات سان ڀرپور ۽ مالا مال شاعري آهي.

سنڌي گيت جو اربيلو جمالياتي شاعر مير محمد پيرزادو ”نارائڻ شيام جي شاعريءَ ۾ جماليات تي لکيل مضمون ”جھوليءَ پٻڻيون، هَٿَ هُڳاءَ!“ ۾ لکي ٿو تہ:

”جمال“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي . جنھن کي انگريزيءَ ۾ ايسِٿيٽڪ (Aesthetic) چوندا آهن، اردوءَ ۾ ان کي ”حسن“ چون، هنديءَ ۾ ”سندرتا“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”سونھن“ چوندا آهن. جنھن جي وصف ترتيبوار، ”جماليات ايسٿيٽيسزم (Aestheticism)، ”حَسين“، ”سندرتا“ ۽ ”سونھن“ آهي. اهو لفظ ڪيترن ئي مختلف معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو.“

مولا بخش ڪيريي پنھنجي شاعريءَ جي ابتدا ”حمد“ سان ڪئي آهي. مولا بخش لکي ٿو تہ:

تو کي ڪنھن جي ڪاڻ نہ سائين! باري بي پرواھ خدايا!

انتُ نہ تنھنجي شاهيءَ جو ڪو، تون شاهن جي شاھُ خدايا.“

مولا بخش ڪيرئي جو حمد جو پَدُ “اَنت نہ تنھنجي شاهيءَ جو ڪو.“ پڙهڻ سان، ساري ڪائنات، عرش فرش، زمينَ آسمانُ، سمنڊ، جبل، صحرا، ريگستان، بيابان، ٿر بر، باغ باغيچا، ڳوٺ شھر، واهڻ ۽ وستيون ۽ انھن جا سَمورا رنگَ ذهن تي تَري اچن ٿا. جڏهن تہ: ”تون شاهن جو شاھ خدايا! “ پڙهڻ سان ڪائنات جي حاڪِمَ جي سَموري حڪومت ۽ حڪمراني ذهن تي تَري اچي ٿي. حمد بعد ڪتاب جي ترتيب ۾ نعت آهي، جنھن ۾ مولا بخش لکي ٿو تہ:

”تنھنجو ناھ جواب _

سُھڻو سڀن کان آهين سوايو“

واقعي ئي ان عظيم هستيءَ جو ڪو بہ جواب ناهي، جيڪو سھڻو، سڀن کان سَوايو آهي، هِنَ خيال کي پڙهڻ سان مير عبدالرسول مير جي ڪافيءَ جون هيٺيون سٽون ذهن تي تري اچن ٿيون تہ:

”تنھنجو ناھ جواب _ تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو.“

سنڌ جي ڪلاسيڪي، آساسي، عوامي، لوڪ ۽ جديد شاعريءَ جو تقابلي جائزو وٺبو تہ اسان کي اهڙا ڪيترائي ملندڙ جلندڙ احساس ملندا. حمد ۽ نعت بعد ڪتاب ۾ ”دُعا“ آهي. جنھن ۾ مولا بخش ڪيريو پنھنجي پالڻھار، مالڪ ۽ خالق کي ٻاڏائيندي چَوي ٿو تہ:

”دل سان مڃيم، ڏٺم ۽ تحقيق چيم تون آن.

اِن هڪ ثواب کي بس، مون لئہ بچائجان تون.“

هن بند ۾ مڃيم معنيٰ مون مَڃيو، ڏٺم معنيٰ مون ڏٺو ۽ چيم معنيٰ مون چيو، ضمير پڇاڙيون آهن، جيڪي مولا بخش ڪيريي جي شاعريءَ جي فَني حُسناڪيءَ جو ثبوت آهن.

حمد، نعت ۽ دُعا کان پوءِ ڪتاب ۾ مولا مشڪل ڪُشا جي شانَ ۾ لکيل/چيل “منقبت“ آهي، جنھن ۾ مولا بخش لکي ٿو تہ:

”نحس حالت مان ڦري ٿا، سڀ ستارا سعد ٿين،

هڪ نظر هُن جي پَوڻ سان ٿي وڃن ٿا ٻيڙا پار.“

مولا بخش ڪيريو هڪ بھترين شاعر سان گڏ، هڪ بھترين انسان ۽ سِتارن جو علم ڄاڻو بہ آهي. چنڊ ستارن جي علم سان پيارُ ۽ چاھُ هن جي جمالياتي ذوق کي ظاھر ڪري ٿو. شاعر وَٽ سڀني ستارن جو سعد ٿيڻ/ هجڻ بھترين جمالياتي تصور سان گڏ ڏسڻ جو عڪس پڻ آهي. هِنَ بند ۾ “ستارن جو نحس حالت مان ڦري سعد ٿيڻ“ صنعت متضاد آهي. جنھن بابت ظفر عباسي لکي ٿو تہ:

”هن صنعت کي تضاد، طبلق، تطبيق، مطابقه ۽ اخٿيج بہ چوندا آهن. هن صنعت ۾ اهڙا لفظ ڪم ايندا آهن، جيڪي هڪٻئي جو ضِدُ هوندا آهن . ڪنھن شعر ۾ هڪٻئي جي برخلاف معنيٰ وارا لفظ هڪٻئي جي ڀرسان ڪم آڻڻ جي هنر کي صنعت متضاد چئبو آهي.“

مولا بخش جي ڪتاب ۾ ٺاهين ڊاهين، شاھ گداگر، معشوق عاشق، هِتِ هُتِ، ڪوڙُ سَچُ، جيئڻ مرڻ، ڏکيا سکيا، نرڳ سُرڳ، رات ڏينھن، ڏکڙا سکڙا، روئڻ کلڻ، مِٺو ڪَڙو، سولو اولو، باطن ظاهر، گُرو چيلو، ابتدا انتھا، مومن مشرڪ، خير شر، سميت ٻيا بہ ڪيترائي متضاد لفظ شامل آهن. هِنَ ئي بند ۾ “ٻيڙا پار ٿيڻ“ اصطلاح آهي. جڏهن تہ مولا بخش جي شاعريءَ ۾ ان کانسواءِ اک نہ ٻُڏڻ، لوڙهي تي اٽو هارڻ، پير پوئتي هَٽائڻ، ڪپڙن ۾ نہ ماپڻ ۽ ٻيا اصطلاح شامل آهن.

هِن بند کي پڙهڻ کان پوءِ اردوءَ جي ڪنھن شاعر جو هيٺيون شعر ياد ٿو اچي تہ:

”نگاھِ مردِ مومن سي، بدل جاتي هين تقديرين!“

مولا بخش ڪيريو پنھنجي غزل ۾ ”محبوب جي وارن جي ڳالھ ڪندي سوچ جي واسجڻ “ جو بيان هِنَ ريت ڪري ٿو تہ:

”ڳالھ ٿي ڪالھ تنھنجي وارن جي،

واسجي سوچَ وئي مون پارن جي.“

“محبوب جي وارن جي ڳالھ ٿيڻ سان، سوچَ جو واسجي وڃڻ، هِڪَ جَمالياتي، خيالَ، بَيان ۽ تصور سان گڏ هڪ محسوساتي عڪس پڻ آهي.

مولا بخش جو خيال آهي تہ:

”ٿي خبردار چنڊ تون هاڻي!

جاءِ هت ناهي تو ۽ تارن جي.“

واقعي چَنڊَ جي، محبوب جي اڳيان جاءِ نہ آهي. هِنَ بند ۾ “هت ناهي “ ڪنايو آهي، جنھن جو اشارو محبوب ڏانھن آهي. چَنڊُ رنگين عڪس آهي. مولا بخش محبوب جي زلفن کي ساراهيندي لکي ٿو تہ:

”زلف ڄڻ رُخ تي پھرو نانگن جو،

ٿيو پري، وٺ وٺان اشارن جي.“

هِنَ بند ۾ زُلف، رُخُ ۽ اشارا جمالياتي سونھن جو اهڃاڻ آهن. هِنَ بند کي پڙهي مون کي راني ملڪ جو مشھور اردو گيت ٿو ياد اچي تہ:

”گھوگھٽ کي اوڙ مين دلبر ڪا سينگھار اڌهورا رهتا هي،

جب تک نا پڙي عاشق کي نظر، سينگار اڌهورا رهتا هي.“

مولا بخش وَٽ جمالياتي جلوہ گريءَ جو ڇيھُ آھي.

جيئن:

”محب مولا بخش جو ارڏو ۽ سُھڻو ڇيھُ آ.“

 هِنَ شعر ۾ مولا بخش جي ”محب جو ارڏو ۽ سُھڻو ڇيھ هجڻ“ بہ جماليات جو نادر نمونو آهي. لفظ ڇيھُ جو سھڻو“ سپر بيوٽي ۽ سپرليٽو ڊگري کي ظاهر ڪري ٿو. مولا بخش ڪيريي وٽ تشبيھون بہ ڏاڍيون دلفريب ۽ جمالياتي آهن، جيئن.

”ائين سھڻو آن تون سھڻن ۾، جيئن چنڊ ستارن جي وِچَ ۾.“

هِنَ شعر ۾ جمالياتي ڀيٽَ جو ڪَمالُ آهي. شاعر پنھنجي سُھڻي کي سُھڻن جي وِچَ ۾ ائين ڏيکاريو آهي. جيئن چنڊُ سِتارن جي وِچَ ۾ هوندو آهي. مير عبدالرسول مير وٽ بہ اهڙوئي خيال ملي ٿو تہ:

“ائين پَڌرو پِرين هو هَزارن ۾،

جيئن چنڊ هجي ڪو تارن ۾.“

 مرشد لطيف چيو تہ:

“چنڊ تنھنجي ذات، پاڙيان نہ پرينءَ سين.

تون اڇو منجھ رات، منھنجو سڄن سدائين سوجھرو.“

مولا بخش ڪيريو ”جڳ جو ڀَلو جَڳَ جو خيرُ“ گُهرڻ وارن شاعرن/انسانن منجهان هڪ آهي. جنھن لاءِ خَراب ڀَلوڙ سَڀ ڀَلوڙ/ ڀَلا آهن هُن لاءِ مِٺا ۽ ڪَڙا سڀ مَٿي جا موڙَ آهن.

“خراب ڪھڙو، ڀلوڙ ڪھڙو، اسان لئہ سڀئي ڀلوڙ آهن،

مِٺو بہ اھڙو، ڪَڙو بہ اھڙو، مڙئي مٿي جا ھي موڙ آھن.“ هِنَ بند ۾ ”مٿي جا موڙ“ جماليات جو حسين جلوو آهن. موڙ گھوٽن کي پارائبا آهن.

مٿين بند ۾ مِٺو ۽ ڪَڙو چکڻ/ذائقي جو عڪس پڻ آهن، تہ صنعت متضاد بہ آهن.

”چوان چند، پر چنڊ گھٽ آ، اڃا تون گهڻو آھين سھڻو.

وڃي پل ۾ موسم بہ مٽجي، جي وارن کي واري ڇڏين ٿو. “

رکيل مورائي چواڻي تہ: ”عظيم تخليق جو بنياد شخص جي اڪيلائي آهي.“

مولا بخش ڪيريو بہ ڪنھن ميلي جَهميلي، بزم ۽ محفل ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهي، تہ ڪڏهن بلڪل اڪيلائين نوڪيلائن ۾ رهڻ وارو. هُنَ ڪيترو عرصو گوتم وانگر ڌيان ۽ گيان جي تلاش ۾ جهرجهنگ ۽ مُقامن ۾ بہ گذاريو. مولا بخس چوائي تہ:

”عشق جنھن جي تَڏي هَلي آيو،

سو خُدا جي قريب هوندو آ.“

”عشق جي تَڏي اچڻ سان خُدا جي قريب ٿيڻ “ هڪ موهيندڙ احساس آهي.

”سوين سھڻا زماني ۾، مگر دل کي وڻين ٿو تون.“

يا

”ماکيءَ کان وڌ مٺو ۽ سُھڻو سِڪيلَڌو،

مٺڙا ! سڄي مَٺاڻ کي، تنھنجي بِلي ڪيم.“

هنن ٻنھي بندن ۾ بہ جماليات جي حسن جون ننديون وهندي نظر اچن ٿيون.

”وڏي حسن وارن جي هاڪَ ٻُڌم، ڪوهنيئن پيو وڃي ڪو هونءَ پيو وڃي.“

۽ هِنَ سٽ کي پڙهي اسحاق راهي جو مشھور غزل سماعتن ۾ ٻُرڻ لڳي ٿو تہ:

“گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها پيو ڪري ڪو نہ ٿو ڪري.“

هنن ٻنھي شعرن ۾ سرنھن جي ڦلار/ ڦولار جھڙي تازگي ۽ حسناڪي آهي. مولا بخش جي غزل جو هڪ سٽ آهي تہ:

”چمي هٿ انھن کان پار پڇيم.“

“هٿ چمي پار پڇڻ“ مولا بخش جي عقيدت ۽ جمالياتي ذوق ۽ شوقَ جو مظھر آهي . مولا بخش جي غزل جي سٽَ ”رنگ ۾ رنگ وڏو آ.“ هڪ ڳوڙهي فڪري خيال سان گڏ رنگين عڪس ۽ جمالياتي حسن جو جلوو پسائي ٿي. هڪ اهڙوئي خيال هيءُ آهي تہ:

”سونھن صورت رک اڳيان، باقي هر شي بعد رک!“

مٿين مثالن کان سواءِ مولا بخش ڪيريي جي غزلن ۾/شاعريءَ ۾ هيٺيان عڪس، اهڃاڻ، فقرا، مرڪب لفظ، استعارا، ترڪيبون، تشبيھون پڻ جماليات جو شاهڪار نمونو آهن جيئن مک مھتاب، ڪڪرن جھڙا زلف، ستارا، کلڻ، اک ملائڻ، پردہ نشين، مکڻ، ميڻ، زندگيءَ جو تصور، دِلِ، خوشي، کِل، خواب، من، مستيون، سڄڻ، جوش جذبا، جنون سڪون، دلربا، وصف و رنگ، هزار چالون، سج چنڊ ستارا، پرين، حسين اکڙيون، پيارا، اُڀ ڪھڪشاڻ ڇرڪ بہ هت، ڇيڏڪ بہ هت، لھرون جلوہ گري، اکين، آهم، منٺار، سھڻا، محبت جو مزو، پيارا، دلبر، مٺا، حسن جوالٽوچڪر، سھڻو سرڪار، دل جو دلبر، ڦُرمڙا، ميلو، دل جي محبوب جي ساراھ مان نہ ڍاپڻ وغيرہ.

مولا بخش ڪيريو خيال ۾ خيال رکڻ جو قائل آهي. جيڪو خيال ۾ خال خلل، ناغي ۽ وٿيءَ جي خلاف آهي. ڇو تہ هي خيال ۾ جلوہ نما ۽ وصال جون لذتون ماڻيندڙ شاعر آهي.

مولا بخش ڪيريو پنھنجي ڪافيءَ/وائيءَ ۾ چوي ٿو تہ:

”خيال ۾ رکجي خيال ميان!

خيال انھيءَ ۾ خال نہ وجهجي“

”احد ۽ احمد نام هڪوئي،

”ميم“ جو وِچَ ۾ ڪمال ميان!“

مؤنث، مذڪر، مخنث ڇا هي؟

سڀ ۾ جلوو جمال ميان!“

يا وري سندس ٻي ڪافي آهي تہ:

“تنھنجي جلون سان پرنور آ دل،

مٺا! محبت ۾ مخمور آ دل.“

هر ويل اکين جي سامھون تون،

پائي جھڙو اچين ڀل ماجون تون،

توکي ڄاڻڻ لئہ مجبور آ دل.“

يا سندس ٻي بہ ڪافي آهي تہ:

“ڏور ٿيندو وڃين جيترو جيترو،

پيار وڌندو وڃي تيترو تيترو.“

 يا مولا بخش ڪيريو هڪ ٻي ڪافيءَ ۾ چوي ٿو تہ:

”حسن جي آڏو سڀئي سوالي،

پيرَ فقيرَ ۽ ملڙا مَوالي.

مذهب محبت، سونھن عبادت،

عشق مجازَ ۾ آهي رياضت،

آهي عجب هي عشق جي چالي.“

مولا بخش ڪيريي جي سٽ ”مذهب محبت سونھن عبادت“ ڪلماتي انداز ۾ لکيل آهي. جڏهن تہ سندس سٽ، “عشق مجاز ۾ آهي هر منت.“ کي پڙهي ”مون کي عشق مجاز راھَ ڏيکاري حق جي“ جو تصور ذهن تي تَري بيھي ٿو.

مولا بخش ڪيريي جي سنڌ ۾ مشھور فنڪار ڦوٽي زرداريءَ جي آواز ۾ ڳايل هيٺين ڪافي جمالياتي شاعريءَ جي موهيندڙ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي:

”دلبر منھنجو توبن جڳ ۾- ناهي ڪنھن سان پيارُ.

منھنجو تون ئي يارُ!

ناتا پنھنجا روز ازل کان، هڪ پل ناهين دور تون دل کان،

لوھ قلم ٿي لکيل تنھنجا، منھنجا قول قرار،

منھنجو تون ئي يارُ!

نيڻ نشيلا، چھرو شتابي، ڀنؤر ڀرون ۽ لبڙا گلابي،

تو جھڙو ڪو سھڻو نہ جڳ ۾، هونئن تہ هوت هزار،

منھنجو تون ئي يارُ!

مولا بخش جو مانُ بہ تون ئي، دردن جو درمانُ بہ تون ئي،

هڪ ئي نظر سان قيد ڪري وئين، ڪيريو قربدار،

منھنجو تون ئي يارُ!“

مولا بخش جي وائي آهي تہ:

“جاڳ تہ سڏجين جوانُ-

نيڻ ننڊاکا ڌار نہ سائين!“

مولا بخش جي هن وائيءَ ۾ جاڳڻ سان جُوان سڏجڻ واري جماليات سمايل آهي. ننڊاکا ۽ خماريل نيڻ هونءَ تہ خود جمالياتي حسن جو مظھر آهن، پر وائي ۾ “نيڻ ننڊاکا ڌار نہ سائين ! اهڃاڻي اهڃاڻ طور تي ڪم آندل آهن جنھن جي معنيٰ آهي تہ غافل ۽ بي خبر نہ ٿي.

”ڪاريون ڪجراريون ھي اکڙيون. ونگن وارا وار،

ڪونج ڳچي، چپ نارنگيءَ جي،ڄڻ ڪا آھي ڦار.“

مولا بخش هنن سٽن ڪارين ڪجرارين اکڙين، ونگن وارن وارن، ڪونج ڳچيءَ ۽ نارنگيءَ جي ڦار جھڙن چپن جي جيڪا سندرتا بيان ڪئي آهي سا نج ڳوٺاڻي ۽ ثقافتي حسن ۽ سونھن جي عڪس آهي.

”منھنجي دل تہ چوي ٿي او پيارا! توکي ارپيان سپنا سارا،

چنڊ ستارا، رنگ نظارا، توکي گھور گھمايان،

تنھنجو شاعر آهيان.“

”پکڙا پراڻا، اتر هوائون،

ميرڙا اوڇڻ ياد پون ٿا،

مون کي ماروئڙن جا.“

”دَمُ حُلاجي جن هو ڀريو،

سونھن ڏٺي هنئون ڪا تہ ميان!“

”ائين عاشق کي تہ ستاءِ،

هاڻي گهونگهٽ کي کڻي لاءِ،

سڄڻ سائين ! گهونگهٽ ي کڻي لاھ.“

سنڌ جو بيحد ذهين شاعر ۽ نثڙ نگار علي آڪاش پنھنجي شعري مجموعي “هينيئر اوٺي وڳ جيئن“ جي مھاڳ نئين شاعريءَ جو پڌرنامو“ ۾ لکي ٿو تہ:

”شاعري هڪ نازڪ ۽ نفيس فن آهي. جنھن وسيلي هڪ شاعر پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي ٻين ماڻهن تائين بنھ سھڻن ۽ سٺي تاثر ڇڏيندڙ لفظن وسيلي پھچائيندو آهي.“

مولا بخش ڪيري جي شاعري پڻ اهڙوئي اثر چڏيندڙ آهي.

هلو ٻانھن لوڏي، پير، پيارا، گهونگهٽ، ڪونج، دم دم جو ديدار، ٿو ڀرجي- آئي موسم يار! موٽ مٺا! تون مڳن تي، راڳ راڳيندڙ سارنگ ڳائي، يورپ پاسي بادل سنبريا، ڪنٺا ڪولانابا، سھڻا سائين، نينھن، محب مٺي ساڻ ڏانءُ ملڻ جو، محب ملڻ جي اُڃَ ليئڙو ۽ ٻيا اهڙا لاتعداد جمالياتي احساس اُنَ جو چٽو ثبوت آهن.

سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز چواڻي تہ :

“ڪنھن وقت چريائي، سَڄائيءَ کان سَوَ ڀيرا اوچي

پد تي هوندي آهي.“ ( ص۸۶) سَرَ لوهيڙا ڳبيا.

 ان ئي چريائي جو بيان ڪندي”خواب آوارا پکي“ جو شاعر احمد سولنگي لکي ٿو تہ :

”بي خوف صليبن تي، آوقت جي چريائي،

منصورُ قبولي ڪيئن، هن دؤر جي دانائي“

۽ مرشد لطيف چواڻي تہ :

”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.“

چريائيءَ ۽ ڀورائيءَ کي بہ پنھنجو حسن آهي، پنھنجي سونھن ۽ سندرتا آهي. مولا بخش ڪيرئي جي شاعريءَ ۾ چريائپ جي اهڙي ئي شاندار حُسناڪي موجود آهي، تہ:

”چريو چريو ٿي آءُ - ٺاھ نہ پنھنجو سيائن سان ڪو،

 چرين کرين ۽ مٿي ڦرين جو واهي آھ الله-

ٺاھ نہ پنھنجو سياڻن سان ڪو.“

(مولا بخش جي حياتيءَ ۾ لکيل مضمون)

 

اڄ ۱۶ فيبروري مولا بخش ڪيريي جو جنم ڏينھن آھي، سندس جنم ڏينھن جون سندس پٽن، عزيزن، دوستن ۽ سندس چاھيندڙن کي اڻ ڳڻيون مبارڪون.

 

(معشوق ڌاريجو جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا