; سنڌي شخصيتون: رشيده حجاب

12 February, 2023

رشيده حجاب

رشيده حجاب

عورتن جي مسئلن تي لکندڙ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



رشيده بيگم، “رشيده حجاب” جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي، شڪارپور شهر ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۱۹۴۲ع تي سندس جنم نور محمد مغل جي گھر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گاڏي کاتو حيدرآباد جي گرلز اسڪول مان ورتائين. ۱۹۶۲ع ۾ بي ايس سي زبيده گرلس ڪاليج مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ ايم ايس سي سنڌ يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ جي مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ۱۹۷۰ع ۾ ڪئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر رشيده پوسٽ ڊاڪٽريٽ نيو جرسي آمريڪا مان ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع (Jute) سڻيءَ جي باري ۾ آهي. کين ۱۹۸۳ع ۾ آمريڪا جي اسڪالرشپ Full Bright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ جي آڇ ٿي پر پنهنجي گھرو حالتن جي ڪري ٿيسز مڪمل ڪري واپس موٽي آئي. رشيده حجاب جي شادي ۸ جون ۱۹۶۹ع تي انور علي راڄپر (فاريسٽ آفيسر) سان ٿي. کين چار نياڻين جو اولا آهي. جيڪي سڀ اعلى تعليم يافته آهن. پاڻ ڪاليج پرنسپل جي عهدي کان ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ پوءِ سنڌ حڪومت ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي ۲۰۰۲ع ۾ ريٽائر ٿي.


رشيده حجاب جي نالي سان ادبي سفر جي شروعات ۱۹۵۴ع ۾ “ٻارن جي ٻاري” صفحي ۾ شعر، قول، چوڻيون ۽ آکاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندن پهريون افسانو ۱۹۹۷ع ۾ “نئين زندگي” شايع ٿيو پر پوءِ هن افسانا ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا جيڪي “مهراڻ”، “نئين زندگي”، “روح رهاڻ”، “سهڻي”، “فردوس”، “پيغام” ۽ ٻين ۾ ڇپيا، جن جو تعداد هڪ سئو کان مٿي آهي. جيڪي موجوده وقت نه ڪتابي صورت ۾ موجود آهن ۽ نه ئي انهن جو ڪو ريڪارڊ صحيح طرح سان محفوظ رهيو آهي ۽ انهن رسالن مان به ڪيترا رسالا بند ٿي ويا آهن. سندن ئي لفظن ۾ ته،

“ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، جيڪي بند ٿي ويا. منهنجي خراب عادت اها هئي (۽ آهي)، ته مان ڪڏهن به پنهنجون شيون فيئر نه ڪندي هيس. هڪ دفعو لکڻ ويٺيس ته افسانو پورو ڪري اٿندي هيس ۽ ان وقت ئي پوسٽ ڪرائي ڇڏيندي هيس”. (۱)

رشيده حجاب جي ڪهاڻين ۾ “بد صورت” ۱۹۵۷ع، “مَ ڪي روءُ مَ رڙ ڪي” ۱۹۵۷ع، “هڪ سسئي ٻيا سور” ۱۹۵۸ع، “هوءَ مري ويئي” ۱۹۵۸ع، “ڪنڊن جي سيج” ۱۹۵۸ع، “دنيا ۾ هڪ ڏينهن” (تاثر) ۱۹۵۸ع، “وَنگ” ۱۹۶۰ع، “خوابن جي دنيا” ۱۹۶۱ع، “حوا” ۱۹۶۲ع، “ڪونه ايندو”، “گناھ” ۱۹۶۳ع، “رَک نه رهي باقي” ۱۹۶۵ع، “پينو نينگر”، “سچ جي سوليءَ تي” ۱۹۶۶ع، “بليڪ آئوٽ” ۱۹۶۸ع، “نوَ ۽ ڏھ” ۱۹۶۹ع ۽ انهي کان علاوه ٻيون ڪافي ڪهاڻيون آهن. جن ۾ هيٺين ڪهاڻين وڌيڪ مقبوليت ماڻي.”چڻنگ”، “ڪنڊن جي سيج”، “ديوي ۽ ديوتا”، “چنڊ چور تارا ٺڳ”، “جيئڻ جو سهارو”، “رهزن”، “سيمينٽ جي پتلي” ۽ ٻيون ڪهاڻيون آهن. پنهنجي ڪم کي ثميره زرين سان ڀيٽيندي چوي ٿي ته، “منهنجا شروع وقت جا افسانا ڪافي ڳالهين ۾ ڪمزور ٿا لڳن، پر ٿوري ئي وقت ۾ هڪ طرف ثميره زرين جي افسانن سان غيرارادي طور مقابلو شروع ٿي ويو ته ٻئي طرف عمر ۽ شعور به وڌڻ لڳو. دل جي حساس هئڻ سبب آسپاس جي واقعن کان متاثر ٿي قلم تلوار جي صورت ۾ هلڻ لڳو”. (۲)

رشيده حجاب سماج ۾ عورت کي پيش آيل موضوعن تي گھڻي ڀاڱي لکيو آهي. سندس ڪهاڻين جو مکيه ڪردار عورت ئي آهي، جيڪڏهن هوءَ ڪو موضوع پيش ڪري ٿي ته به ان جو تعلق عورت سان ئي ڳنڍيل آهي. “سيمينٽ جي پتلي” جو موضوع غربت آهي جنهن ۾ انسان جي بنيادي حق، اٽي لٽي ۽ آجهي جي حاصلات جي جدوجهد ڏيکاريل آهي جنهن ۾ پڻ سيمينٽ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي زندگي ڏيکاريل آهي.رشيده حجاب جي فن جي فڪري سطح بلند آهي. هن ٿورو ٿورو لکندي به پنهنجي فن کي اڳيان هلي سنواري وڌو. موضوعن ۾ نه فقط سنڌ جي عورت جي جذبن جي نمائندگي رشيده حجاب وٽ اهميت رکي ٿي پر هوءَ دنيا جي هر عورت کي انساني طور اهميت جوڳو سمجھندڙ آهي. کيس، عورت ذات جي بي حيثيتيءَ جو ڏک گھڻو محسوس ٿيئي ٿو.”رهزن” ڪهاڻي يورپ ۾ عورت جي عزت ۽ اهميت جي ڪميءَ بابت آهي. پاڪستان مان ٻاهر تعليم حاصل ڪندي ليکڪا راويءَ طور هن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي آندو آهي. هوءَ پنهنجي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻي ڪرسٽين جي اسٽيو سان محبت ۽ آخر ۾ دکدائڪ پڇاڙيءَ کي بيان ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ رشيده حجاب ڪرسٽين جي نفسياتي مسئلن تي چٽائيءَ سان روشني وجھڻ سان گڏ اولهھ ۽ اوڀر جي عورت جي مسئلن جو تضاد پڻ واضح ڪيو آهي. ڪرسٽين جيڪا جسماني خد و خال ۾ گھٽ هئڻ سبب فرسٽريشن جو شڪار هئي گھر مان به ڏکايل هئي. مطلب ته محروميءَ جي احساسن هيٺ ڪرسٽين جي تعليم ۾ پڻ اڌورو پڻ وڌندو رهندو آهي. انهيءَ جي باوجود هوءَ پنهنجي محبت اسٽيو جي لاءِ قربانيون ڏئي ٿي پر اهو به کيس اڪيلو ڇڏي هليو ويندو آهي. آخر ۾ ايئرپورٽ تي ليکڪا کي خدا حافظ ڪندي ڪرسٽين چوي ٿي ته،

“رشو تو هڪ دفعو لفظ “رهزن” جي معنى سمجھائي ٿي. پر مون کي سمجھه ۾ نه آئي هئي. مان سمجھان ٿي ته مون کي هاڻي ان لفظ “رهزن” جو مطلب چڱيءَ ريت سمجھه ۾ اچي ويو آهي”. (۳)

ايئن به نه آهي ته رشيده صاحبه فقط عورت جي مسئلن کي فوقيت ڏني آهي. سندس ڪهاڻي “نوَ ۽ ڏھه” هڪ مرد جي نفسيات ۽ حاڪماڻي طبيعت جو سٺو مثال آهي. هيءُ ڪهاڻي هڪ اهڙي اديب جي آهي جو پنهنجي نالي کان مٿي ڪنهن جو نالو ڏسڻ نٿو چاهي (گھڻي ڀاڱي اديب ايئن ئي چاهيندا آهن پر هتي مقابلو هڪ عورت سان آهي)، ساڻس گڏ ڇپجندڙ عورت ناز جبين سان هو حسد وچان کيس هميشه لاءِ مات ڪرڻ لاءِ شادي ڪري ٿو ۽ شاديءَ کان پوءِ کيس گھڻو گھرداريءَ ۾ لڳائي لکڻ پڙهڻ کان پري ڪري ٿو اهڙيءَ ريت سندس خواهش پوري ٿي وڃي ٿي ۽ هو مشهور ٿي وڃي ٿو پر کيس آخر ۾ اها خبر پوي ٿي ته حقيقت ۾ ناز جو ته ڪو ادب سان واسطو ئي ڪونه هو ۽ سندس نالي تي سندس چاچو ڪهاڻيون لکندو هو جيڪو ڪافي وقت کان لکي نه رهيو هو. هيءُ ڪهاڻي مرداڻي مزاج جي ناڪاري رخ جي نشاندهي ڪري ٿي.

رشيده حجاب انساني جذبن جي قلمڪار آهي. هن شروع ۾ رومانوي ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ جلد ئي مهارت سان حقيقت نگاريءَ مطابق اهم ڪهاڻيون لکيون پنهنجي ليکڪا هئڻ تي ذاتي طور خوشي محسوس ڪندي هڪ هنڌ چيائين ته،

“مان سوچيندي آهيان ته فطري طور مان هڪ ليکڪا (Writer) آهيان، جيڪڏهن پيشورانه طور به منهنجو تعلق ڪنهن اهڙي شعبي سان هجي ها ته شايد وڌيڪ خوش ۽ مطمئن هجان ها”. (۴)

الطاف شيخ، “ماسي حاڪم زاديءَ جي ڌيءَ رشيده حجاب” جي ليک ۾ لکي ٿو ته،

“رشيده حجاب ادبي دنيا ۾ هڪ مٿانهون نالو آهي. لڳي ٿو نوڪري ۽ ٻارن ۾ بزي ٿي وڃڻ ڪري هن بعد ۾ لکڻ ڇڏي ڏنو يا گھٽائي ڇڏيو، نه ته سٺ ۽ سترواري ڏهي ۾ سندن ڪهاڻيون مهراڻ، روح رهاڻ، مارئي، نئين زندگي، سهڻي ۽ هلال پاڪستان جهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون ٿي. ڪي ته تمام گھڻيون پسند ڪيون ويون. جهڙوڪ، “چڻنگ”، “ڪنڊن جي سيج”، “ديوي ۽ ديوتا”، “م ڪي رو، م رڙ ڪي” وغيره. انهيءَ وقت افسانا لکندڙن ۾ منهنجا جيڪي دلپسند لکندڙ هئا. رشيده حجاب انهن مان هڪ هئي”. (۵)

رشيده حجاب جي ڪهاڻين کي نياز مسرور بدوي ۽ نصير مرزا سهيڙي ڪتاب تيار ڪري ئي رهيا هئا ته اوچتو اها خبر پئي ته ڊاڪٽر رشيده پنهنجي نياڻيءَ جي گھر ڪئناڊا ۾ وفات ڪري وئي آهي. ڪهاڻين جو اهو ڪمپوزڊ مسودو حسيب ناياب منگيءَ جي ئي هٿن ۾ پروف پڙهڻ لاءِ رهيو ته نصير مرزا هڪ سهڻو ڪتاب سندس وفات کان پوءِ روشني پبليڪيشن معرفت ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. “حجاب سراپا حجاب” جو گھڻو مقبول ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ رشيده حجاب جون اڻٽيهھ ڪهاڻيون، ٻه مضمون، هڪ سفرنامو ۽ هڪ انٽرويو پيش ڪيل آهن. مختلف علمي ۽ ادبي شخصيتن جا سندس شخصيت ۽ فن متعلق ڏھ مضمون ۽ هڪ رپورٽ شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ۽ رشيده حجاب جو تعارف نصير مرزا لکيو آهي. ۳۹۲ صنفن جي سهڻي ۽ پڪي ٽائيٽل ڪور واري ڪتاب جي سنڌي سوانح جي ميدان ۾ هڪ خاص اهميت قائم رهندي. ڊاڪٽر رشيده راڄپر عمر جي حصي ۾ ڪئناڊا ۾ رهندڙ هئي، جتي ئي ۲۰۱۹ع ۾ ڪئناڊا جي شهر ائڊمنٽن ۾ وفات ڪئي.

حوالا

۱. رشيده حجاب: (انٽرويو) “سرتيون” (مخزن)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ۲۰۰۸ع، صه، ۵۵.

۲. ساڳيو، صه، ۵۵.

۳. رشيده حجاب: (ڪهاڻي) “رهزن” “سهڻي” (مخزن)، الهندو ڪچو حيدرآباد، ۱۹۷۳ع، صه، ۶۵.

۴. حوالو نمبر (۱) صه، ۵۷.

۵. شيخ الطاف: “سنگت ايوارڊ تقريب جون جھلڪيون”، سنگت (مخزن)، سنڌي ادبي سنگت، رابعه اسڪوائر، گاڏي کاتو حيدرآباد، جون-جولاءِ-۲۰۰۹ع، صه، ۴۴-۴۲۔

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا