اعجاز علي جسڪاڻي
ترقي پسند سوچ جو مالڪ هڪ
ڪردار
اعظم ڀٽي
دنيا جي هن گولي تي ڪو به اهڙو ڏينهن
خالي ناهي، جنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جو وجود هن ڌرتيءَ تي نمودار نه ٿيندو
هجي، انهن وجودن مان جيڪي بهترين انسان ثابت ٿيندا آهن، دنيا ياد به انهن کي ڪندي
آهي، ياد ڪرڻ به انهيءَ کي گهۡرجي، جن کي انسانيت جي احساس جي پرک هۡجي، جن جي
سماج تي نه رڳو گهري نظر هجي پر سندن اندر ۾ سماج جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ آنڌ مانڌ
به ترقي پسندي ۽ سائنسي انداز واري هجي، جن کي سماج جي مثبت تبديلي جو اونو هجي،
جن کي پروڙ هجي ساڃاهه ۽ سۡرت جي! هونئن
ته هن دنيا ۾ ماڻهو ته تمام گهڻا آهن پر انسان ڪو ڪو ٿو بڻجي ۽ جيڪو به عملي طور
حقيقي انسان آهي، سو تحسين لائق آهي. اهو مۡبارڪباد جو مستحق آهي، اهو لفظن جي ڀيٽائن
جو حقدار به آهي، ان جو جنم به سڦل آهي ته وجود به باعث فخر آهي، انهن فخر لائق
انسانن مان انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان چيپٽر جو صدر، سنڌي ادبي سنگت
شاخ ٽنڊي محمد خان جو اڳوڻو ڪائونسلر ۽ موجوده جوائنٽ سيڪريٽري، پنهنجي وجود ۾
ترقي پسنديءَ جو حقيقي ۽ عملي جوهر سمائيندڙ انتهائي شفيق ۽ پيارو انسان اعجاز علي
جسڪاڻي به هڪ آهي.
