; سنڌي شخصيتون: صوفي غلام مصطفيٰ جويو

31 March, 2023

صوفي غلام مصطفيٰ جويو

صوفي غلام مصطفيٰ جويو

پِريَمِ تنھنجا پارَ، ڪھڙا چئِي ڪيئن چوان

رياض ڪلهوڙو



هن ڪائنات ۾ تخليق ٿيل سڀني جاندارن ۾ انسان جو مان ۽ مرتبو سڀني کان مٿانهون آهي. کيس اڻ ڳڻين خوبين، خصلتن ۽ نعمتن سان نوازيو ويو آهي. ڪجھ خوبيون ته اهڙيون به آهن جيڪي سواءِ انسان جي، ٻئي ڪنهن به جاندارن ۾ نه ٿيون ملن. دماغ (سوچ ۽ سوچ جي اونهي پرواز) ۽ اظهار جي سگھ ته مڙني کي مات ڏيو ڇڏي. اظهار جو لاڙو ته هر هڪ جاندار ۾ ملي ٿو، پر انسان جي ڀيٽ ۾ اهو لاڙو ٻين جاندارن وٽ تمام گھٽ يا ائين کڻي چئجي ته نه هئڻ برابر آهي. انسان ۾ اظهار جي سگھ تمام پختي، معنيٰ خيز ۽ مثبت نتيجا ڏيندڙ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ انسان هوا، باهه ۽ پاڻيءَ تي مڪمل ضابطو رکي ٿو. لوهه کي هوا ۾ اڏارڻ يا پهڻن کي پاڻيءَ ۾ تارڻ، هزارين ميلن جي دوريءَ تي بنا تار ۽ تند جي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ انسان جي فن ۽ فڪر جا نتيجا آهن.


سوچ ۽ اظهار جي سگھ وري سڀني انسانن ۾ يڪسان نه آهي، ڪي ته اهڙو اونهو سوچيندا آهن، جو ايندڙ صديءَ جون خبرون اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيندا آهن، ڪي وري اوندهه کي گھر مان ڪڍڻ لاءِ ٿالهن کي ڪتب آڻين. بلڪل ساڳئي نموني ڪي ماڻهو اهڙو ته شاندار نموني بيان ڪندا آهن، جو ڪجھ وقت لاءِ ماڻهو ڄڻ منڊجي وڃن، پر ڪي وري پنهنجي ڳالهه به سمجهائي ناهن سگھندا. بهرحال انسان جو ڪردار ۽ هن جون سوچون سندس شخصيت جا ترجمان آهن. انسان جي شخصيت پنهنجي سوچن ۽ عملن مان سڃاتي ويندي آهي. نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي هڪ تحقيق موجب انساني شخصيت جا چار قسم آهن، هڪ اوسط، ٻيو گم ٿيل نفس، ٽيون پنهنجي ذات لاءِ اهم ۽ چوٿون رول ماڊل. اڄ هڪ اهڙي رول ماڊل جي زندگي ۽ سندس ادبي ڪم تي روشني وجھنداسين، جيڪو سچي، کري ۽ حقيقت پسند طور مڃتا ماڻي چڪو آهي. سچ ۽ صداقت بيان ڪرڻ آهي ته اوکو عمل، پر نڀائڻ کان پوءِ نت نئون ۽ نروار لڳندو آهي، تڏهن ته فرانسيسي نقاد بوالو Boileau لکيو آهي ته: ”فقط اها شيءِ حسين آهي، جنهن ۾ صداقت هجي“. سچ ۽ صداقت سان چاهه رکندڙ هن نهٺي، نماڻي ۽ نيازمند شخص جو نالو آهي فقير غلام مصطفيٰ جويو...!

خوبين، خصلتن ۽ انيڪ گڻن جو گلدستو، صوفي غلام مصطفيٰ جويو، ۱۵ مئي ۱۹۴۷ع تي رتيديري ڀرسان ڳوٺ ”شير محمد جويو“ جي زميندار گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يوسف، تَرَ جي اميرن ۽ مرشد چيزل شاهه جي خاص فقيرن ۾ شامل هو. جھوڪ شريف جي ميلي دوران مرشد چيزل کان جڏهن خاص فقيرن بابت سوال ٿيو ته پاڻ فقط ٻن فقيرن جا نالا ورتائون جن ۾ هڪڙو محمد يوسف جويو ۽ ٻيو هو مغيري صاحب..! فقير محمد يوسف قول ۽ فعل جو ايترو پختو هو، جو سندس ناماچاري جو دائرو نه فقط سنڌ پر بلوچستان تائين وسيع هو. مالوند ماڻهو هو، پر ظاهري ڏِک ۾ ڪا به ٺاهه ٺوهه نه هئس ۽ نه وري زبان تي ڪڏهن ڪي وڏائي وارا لفظ آيس. سادو کائيندو ۽ سادو هنڊائيندو هو. جيڪڏهن ايئن چئجي فقير غلام مصطفيٰ ۾ سندس والد محمد يوسف جون سڀ صفتون شامل هيون ته وڌاءُ نه ٿيندو. فقير جو چهرو، صبح جهڙو اُجرو ۽ چنڊ جهڙو چمڪيلو هو، سدائين مُک تي معصوم ٻار جهڙي مرڪ هوندي هئس. کلي کيڪارڻ ته سندس ازلي عادت ۾ شامل هو. سهڻي فقير ويراڳيء، غلام مصطفيٰ جويي جي شخصيت بابت سندس حيات هوندي ئي لکيو هو ته: ”فقير صاحب مهربان ۽ پرخلوص طبع رکن ٿا. هر دل عزيز، پيار ڏيندڙ ۽ شفيق انسان آهن...فقير سائين موجوده دور جو بهترين انسان، سخي مرد ۽ يگانو انسان آهي. فقير جي ڪلام ۾ وحدانيت، رسالت، پنجتن پاڪ جي محبت، مرشدن ڪريمن جو حقيقي عشق، پيار ۽ حسن جي ڳالهه سمايل آهي“.

اعليٰ صفتن جي مالڪ، نهايت نيازمندي سان پيش ايندڙ هن الله لوڪ انسان، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ رتيديري آيو، جتان بي اي جو امتحان پاس ڪري ٽپال کاتي حڪومت پاڪستان ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ۱۹۶۵ع ۾ سيد چيزل شاهه کي مرشد مڃي، سندس هٿ هيٺ بعيت ڪري صوفي مسلڪ ۾ پير پاتائين. دست بعيت کان زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين درگاهه فتح پور جي حاضري ڀريندا رهيا، خاص ڪري محرم مهيني جو پهريون ڏهاڪو درگاهه تي گذاريندا هئا. صوفي شاهه عنايت جي ميلي تي وڃڻ به سندن معمول ۾ شامل هو. زندگيءَ جي آخري ورهين ۾ سيد صادق علي شاهه جي ورسيءَ ملهائڻ جي شروعات پڻ ڪيائون، جيڪا اڄ تائين انهيءَ عقيدت ۽ احترام سان ملهائجندي رهي ٿي. غلام مصطفيٰ جويي جي اهڙي صفتن کي نظر ۾ رکندي، فقير محمد طيب گھانگھري لکيو آهي ته: ”جتي رڳو نفس جي سرڪشي ۽ شيطان جي رضا خوشي، روح جي خودڪشي ۽ رب جي فراموشي گوناگون ٿيندي نظر اچي، اتي فقير غلام مصطفيٰ صوفي القادري قلندرانه صفت جو مالڪ، هر وقت شريعت، طريقت ، حقيقت ۽ معرفت جي ڏيئي کي پنهنجي رت ست ۽ نور ظهور سان روشن ڪندي، عشق، محبت، بهادريءَ، سچائيءَ ۽ صفائيءَ جو سبق ڏيندي نظر اچن ٿا“.

چانديءَ جهڙي چمڪ رکندڙ، هن صوفي سالڪ پنهنجي شاعري کي مختلف سرن ۾ ورهايو آهي. ڀيروي، تلنگ، پيلو، لوڙائو، درٻاري، مانجھ، جوڳ، مالڪوس، راڻو، پهاڙي، ڪئونس، ڪونسيو، ڀيم، سورٺ، ڪوهياري، ملهار، بلاولي، گورک ڪلياڻ، آسا، کنڀات، ڪيڏارو ۽ کنڀڪ سندس رسالي ”سعادت العشق“ جي زينت بڻيل آهن. فقير غلام مصطفيٰ جويي جي شاعريءَ تي مشتمل هي ضخيم ڪتاب ۲۰۱۴ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. صوفي غلام مصطفيٰ جويي جي شاعريءَ ۾ موضوعن کي بيان ڪندي فقير ڀورل جويي لکيو آهي ته: ”فقير بابا جو ڪلام تقريبن هر موضوع تي مشتمل آهي. جھڙوڪ توحيد، نظريه وحده الوجود، پنجتن و امامن سان محبت، ڪربلا جو ذڪر، مرشد پاڪ سان عشق، صوفي بزرگن ولين سان محبت، نفي اثبات عشق حسن، سوز فراق سسئي پنهون، هير رانجها، مومل راڻو، مطلب ته ڪٿي سسئي ته ڪٿي مومل ته ڪٿي پنهون ٿي منزل ڏانهن هلندا رهن ٿا“.

مجموعي طور ۶۲۱ صفحن تي مشتمل، فقير  جي هن رسالي ۾ ۵۰۹ ڪافيون، ۳۷ بيت، ۳۲ بندن تي هڪ ڪيڏارو، ۽ ٻه سي حرفيون شامل آهن. شاعريءَ ۾ ”نيازي“ ۽ ”دلاور“سندس تخلص هئا. علمي لياقتن جي ڪري مرشد چيزل سائينءَ کين ”ماستر“ جي لقب سان نوازيو. رسالي کي سهيڙيندڙ فقير جي فرزند ڀورل جويي، مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”فقير جن توحيد جا وڏا قائل رهيا آهن، نفي ته فقير بابا جن جي شيوو رهي آهي“.

آدم ۾ ٿــي الله، مــٿــان آدم کـــي تــون ايــذائـيــن

ونحن اقرب پاڻ چوي ٿو، ڇو ڀولو ٻيو ڪو ڀائين

درگاهه فتح پور جي سجاده نشين سيد سرفراز علي شاهه لکيو آهي ته: ”هن جو ڪلام مفڪري انداز ۽ عشق ۾ چيل آهي...هن جي ڪلام ۾ عشق ۽ حسن جو ڪمال سمايل آهي“.

 

اســان عــشـق تـوسـان ڪيـو آ ڪنداسين

لکيــن ڀـل ڌڪـا ڏي، تڏهـن بي اينداسين

ٻـئـي جـڳ اگـر ڪـو، ڏئـي هـڪ هٿيلـي

ڇڏي در اوهان جو، نه ٻئي در وينداسين

 

ٻـيـا قـول ڪـهڙا ٿـو ڪـريـن، قـالـو بـلا کـي پـاڙ تـون

جھاڙ تون او جھاڙ تون، پنهنجي اندر کي جھاڙ تون

فقير غلام مصطفيٰ جويي جو پنهنجي مرشد چيزل شاهه بادشاهه سان محبت نه پر مودت وارو تعلق هو. عاشق علي فتح پوري، فقير ۽ مرشد سائين جي تعلق بابت لکيو آهي ته: ”اسان جي فقير سائين جن جو شمار سائين چيزل شاهه بادشاهه جي اهڙن طالبن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي دل جي آئيني ۾ حقيقي رهبر جو ديدار ڪيو آهي. فقير سائين جن تصوف جي دنيا جا اهي ماڻڪ آهن، جنهن راهه سلوڪ جا سڀئي نقشا چٽي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيا آهن“.

تنهنجي پيرن جي پڻي ٿيان، ٻيو خدا کان ڇا گھران

تنـهنـجي پيـرن ۾ پـلان، پئـي ٺـران اوءن پئـي ڳران

تنـهنـجـي قـدمـن جـو قـدر، بيشـڪ ڀايان برڪت بحر

جـي هيٺ قـدمن ٿـي گـذر، وڌ سون عرشن کان تران

سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ٻوليءَ تي عبور رکندڙ غلام مصطفيٰ جويي پنهنجي شاعريءَ ۾ تلميحن، تضمينن، تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين کي پڻ خوب ڪتب آندو آهي. سندن شاعري کي پڙهڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته پاڻ راڳ جا به چڱا ڀلا ڄاڻو هئا. بيت، ڪافي ۽ ڏوهيڙن جي سٽاءُ مان معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ استاد شاعر ٿي گذريا آهن. شاعريءَ جي اونهائپ ۽ اهميت جي باري ۾ اردو ادب جي ممتاز عالم، ممتاز صديقيءَ جي هنن لفظن سان قلم کي بند ڪريان ٿو ته:

”شاعری ایک پہیلی کی طرح ہوتی ہے۔ یہ قارئین پر منحصر ہوتا ہے کہ وہ اپنے مکمل ادراکِ زندگی، جذبات، اور مشاہدات کی بنیاد پر اشعار کے الفاظ و رموز کے متعلق کیا آگاہی حاصل کرتے ہیں“۔

No comments:

راءِ ڏيندا