; سنڌي شخصيتون: صوفي غلام مصطفيٰ جويو، رياض ڪلهوڙو،
Showing posts with label صوفي غلام مصطفيٰ جويو، رياض ڪلهوڙو،. Show all posts
Showing posts with label صوفي غلام مصطفيٰ جويو، رياض ڪلهوڙو،. Show all posts

31 March, 2023

صوفي غلام مصطفيٰ جويو

صوفي غلام مصطفيٰ جويو

پِريَمِ تنھنجا پارَ، ڪھڙا چئِي ڪيئن چوان

رياض ڪلهوڙو



هن ڪائنات ۾ تخليق ٿيل سڀني جاندارن ۾ انسان جو مان ۽ مرتبو سڀني کان مٿانهون آهي. کيس اڻ ڳڻين خوبين، خصلتن ۽ نعمتن سان نوازيو ويو آهي. ڪجھ خوبيون ته اهڙيون به آهن جيڪي سواءِ انسان جي، ٻئي ڪنهن به جاندارن ۾ نه ٿيون ملن. دماغ (سوچ ۽ سوچ جي اونهي پرواز) ۽ اظهار جي سگھ ته مڙني کي مات ڏيو ڇڏي. اظهار جو لاڙو ته هر هڪ جاندار ۾ ملي ٿو، پر انسان جي ڀيٽ ۾ اهو لاڙو ٻين جاندارن وٽ تمام گھٽ يا ائين کڻي چئجي ته نه هئڻ برابر آهي. انسان ۾ اظهار جي سگھ تمام پختي، معنيٰ خيز ۽ مثبت نتيجا ڏيندڙ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ انسان هوا، باهه ۽ پاڻيءَ تي مڪمل ضابطو رکي ٿو. لوهه کي هوا ۾ اڏارڻ يا پهڻن کي پاڻيءَ ۾ تارڻ، هزارين ميلن جي دوريءَ تي بنا تار ۽ تند جي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ انسان جي فن ۽ فڪر جا نتيجا آهن.