; سنڌي شخصيتون: خادم بالادي

09 April, 2023

خادم بالادي

خادم بالادي

سندس ادبي شخصيت، مطالعو، ڪتابَ، دوستي ۽ محبتون! - موري جي ادبي ماضيءَ جا اڻ وسرندڙ ڏينهن

خليق ٻگھيو



اڄ خادم بالاديءَ جو جنم ڏينهن آھي. خادم جو پھريون تعارف سندس شاعري آھي. ٻيون تعارف هڪ نقاد وارو آھي. سندس ٽيون تعارف هڪ دانشور وارو رھيو آھي. انهيءَ کان سواءِ منھنجي اڳيان سندس خاص تعارف هڪ سٺي پڙھندڙ وارو رھيو آھي. ڪتابن جو مطالعو سندس شوق رھيو آھي، جيڪو روز بروز وڌندو رھي ٿو. خادم نھايت حساس دل شخصيت به آھي ته ڪڏھن وري جبلن کان به سخت نظر ايندو آھي. مورو ادبي سنگت ۾ سندس تعارف هڪ ته ڀلي ڳالهائڻ واري نقاد وارو به رھيو آھي. ٻيو، سنگت جي عهديدار ۽ ادبي ڪارڪن وارو پڻ رھيو آھي. اوڻيهه سئو نَوي ۾ مون کي موري جو هڪ شاعر دوست ھاشم سولنگي ”مورو ادبي سنگت“ ۾ وٺي آيو. . .


ادبي سنگت موري ۾ جتي ٻيا ڪافي شاعر ۽ اديب دوست بڻيا، اتي ڀلوڙ شاعر امداد سولنگي، خادم بالادي، رضا حب، وقار سيال ۽ مئڪش سومري سان ڪافي ويجهڙائي ٿي. لکڻ سان منھنجو واسطو ادبي سنگت ۾ اچڻ کان اڳ به هو. پر اڳ مون ٿورو ٻاراڻو ادب ۽ ڪالم لکيا هئا، جيڪي روزانه اخبارن ۾ شايع ٿيا. سنگت مورو ۾ اچڻ سان جتي مذڪوره دوست مليا، اتي ڊاڪٽر سليمان سولنگي سان پڻ ملاقاتون رھيون. ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ اسان جي نج ادبي ۽ سائنسي فڪر واري تربيت ڪئي. هُن جدلياتي ماديت ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ بابت اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو هو. خادم بالادي تنھن زماني ۾ هڪ اهڙو نوجوان دوست هو، جنهن جا فڪري سوال اسان کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا، هُو جيترو تيزيءَ سان پڙھندو هو، اوتري تيزيءَ سان ڪتابن ۾ موجود مواد تي سوال اڀاريندو هو. سندس سوالن جي بدولت اسان وڌيڪ ڪتابن جي ويجهو وياسين.

شيخ اياز جي شاعريءَ کان مارڪسزم ۽ ترقي پسند ادب کان وجوديت جي فلسفي تائين اسان وٽ به ڪتابن پڙھڻ جو شوق جاڳيو. خادم تي جنھن فلسفي وڌيڪ گهرو اثر ڇڏيو، سو وجوديت وارو فلسفو هيو. سندس ڳالهه ٻولهه تي پڻ وجوديت غالب ٿي، پر مارڪسزم جي مطالعي ۽ جدليات ۾ نفي ۽ نفيءَ جي نفيءَ جي فلاسافي پڙھڻ بعد خادم وٽ سائنسي فڪر جو اثر جاڳڻ لڳو. جيڪو اڃان تائين قائم آھي. اڄ به خادم جديد کان جديد ترين فلسفن ۾ دلچسپي وٺندي نظر ايندو!. سندس فيس بوڪ وال تي ساختيات جو تنقيدي نظريو نظر ايندو ۽ ساختيات پڄاڻان جو بحث پڻ ملندو. اڄ به خادم جي تحريرن ۾ پوءِ سندس نثري نظم هجن يا مضمون يا فيس بوڪ جا اسٽيٽس، توهان کي فلسفي جا بحث ملندا.

منھنجو پنھنجو خيال هوندو هو ته خادم وجودي فلسفي شاعر آھي، پر حقيقت ۾ سندس تخليقن بابت ڪا به جامد راءِ قائم ڪريان، انهيءَ کان اڳ ئي ڏسندو هيس ته هن جي نثري نظمن ۾ سرريئلزم پئي نظر اچي. ڪڏهن هن وٽ رد تشڪيل ته ڪڏھن ته ڪڏهن پوسٽ ماڊرن صورتحال بابت ڳالهيون نظر آيون. تنھنڪري منھنجو سندس شاعريءَ بابت پڻ ڪو هڪ خيال ڪا هڪ راءِ نه رھي، ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته اڄ به خادم جي شاعري جديد فلسفي سان ويجهڙائي رکندڙ شاعري آھي، اڄ به سندس تخيل ۾ جديد شعور جا عڪس نظر اچن ٿا. اسان کي گڏ رکڻ وارو ميڪنزم امداد سولنگيءَ وٽ هوندو هو.

امداد اڄ به يارن جو يار ۽ هڪ خوبصورت شاعر هئڻ سان گڏ هڪ انٽليڪچوئل ذھن آھي. خادم جي وڏي خوبي سندس ڳالهين جي دانشمندي ۽ رواني آھي. هُو جيترو تيز ادب ۽ شاعريءَ تي ڳالهائي ٿو، سو ڪمال آھي. ڳالهائيندو به ايئن آھي، جيئن ڪو ڪتاب پڙھندو هجي!. ــ مون ڪڏھن به هن وٽ لفظن جي کوٽ ڪونه ڏٺي آھي. لفظن جي ترتيب سان ڪڏھن ڪو اھڙو جملو ڳالهائي وٺندو آھي، جو ٻڌندڙ ڪيترا ڏينهن انهيءَ جملي کي سمجهڻ ۾ لڳائي ڇڏيندا آھن. اها سندس علمي لياقت ليکبي. جڏهن فيس بوڪ اسان وٽ موجود نه هو ته خادم موبائيل تي ميسيجز ۾ سوال ڪندو هو، جواب ڏيڻ وقت منھنجي روين ۾ الائي ڇا محسوس ڪندو هو، جو ڪاوڙجي ويندو هو، پوءِ ڏينهن پڄاڻان پاڻهي هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئاسين ۽ هر ڀيري رسڻ بعد اهو جملو چوندو ته استاد جلال ٿو چوي ” محبت ڪڏهن مرندي ناھي“ ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويندا آھن ۽ مرڪي ڀاڪر پائي ملندا آھيون!!!!

اسان جا اختلاف علمي رھندا هئا، اڄ به ٿي سگهي ٿو موجود هجن، پر هاڻي زندگيءَ ۽ زماني جي ٻين مشغولين ۾ فرصت ئي نه ملندي آھي، جو گڏ ويهي ڪچھري ڪري سگهون. موري شھر۾ جڏھن ملون ته کن پل لاءِ هلندي، وري سڀ ڪو پنھنجي منهن ۽ ڪمن جا خفا. . . . هر ڀيري چونداسين يار ايندڙ آچر تي امداد وٽ هلبو ڪچھري ڪبي. پراڻيون يادون تازيون ڪبيون ۽ هر ڀيري خفن ۾ مون کان به ڳالهه وسريو وڃي. . . .

علي رضا حب هڪ سٺو ڪھاڻيڪار هو، پر تنھن زماني ڪراچي ويو ته وري ٻٽيهن سالن تائين وري نه ڏٺو. ڊاڪٽر نُور سيال پڻ به اسان جي ادبي سنگت جي محفلن جو ساٿي هو، پر ڊاڪٽري پڙھڻ بعد دور ٿي ويو. خادم بالاديءَ تنقيد کي پڻ خوب پڙھيو ۽ تنقيدي مضمون پڻ لکيا، اُنهيءَ ڪري سندس هڪ سڃاڻپ هڪ نقاد واري پڻ آھي. خادم سان وابسته انيڪ يادون آھن. ساڻس ڪئين ڪچھريون مقروض آھن. ساڻس اڄ به محبتون جڙيل آهن. سندس تحريرن خاص طرح شاعريءَ تي اڄ پاڻ نٿا ڳالهايون. پر کيس دل جي گهرائيءَ سان اڄوڪي ڏينهن تي مبارڪون ڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اڄ سندس جنم ڏينھن آھي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



خادم بالادي

ٻئي جنم ۾ به مان خادم جو دوست ٿي رھڻ پسند ڪندس. . . !

امداد سولنگي

جڏھن مان خادم بالاديءَ سان پھريون دفعو مليو ھئس ته مون کي فضا ۾ ايران جي نزار قاباني، احمد شاملو جي سٽن جي گونجار ٻڌڻ ۾ آئي ھئي.

 They want to break our lamps.

خادم سان پھرين ملاقات جو منظر چٽيء طرح ياد اٿم. ڪراچي بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ۽ منھنجي پياري دوست جي ايم ڪورائي سان گڏ ھڪ ڏينھن سندس ڪلاس فيلو گڏجي آيو ھو. مان، جي ايم ڪورائي، ڊاڪٽرمنور سيال، ايڊووڪيٽ علي رضا حب، عبدارزاق (مئڪش سومرو)، پروفيسر جي ايم ڀٽي ۽ وقار سيال روزانو موري جي پراڻي فٽل ريلوي اسٽيشن جي جنڪشن تي قائم ھڪ سادي ھوٽل تي چانھ پئيندا ھئاسين. جتي ھڪ ڏينھن خادم ٽائوزر ٽي شرٽ پھري بليڪ ڪلر جو چشمون پائي نئين زيرو ميٽر سي ڊي ۷۰ موٽر سائيڪل تي چڙھي ڪنھن انڊين اداڪار جي اسٽائيل ۾ اچي لٿو ھو. ھن جاذب نظر واري سھڻي نوجوان جو تعارف جڏھن جي ايم ڪرايو ته خبر پئي ته ھو اسان جي استاد ۽ موري شھر جي تمام معزز شخصيت سائين بخشل بالادي جو فرزند ھو. اتان خادم سان دوستيء جو سلسلو شروع ٿيو جنھن رشتي جي آڏو اڄ ڏينھن تائين ڪو به فل اسٽاپ اچي نه سگھيو آھي. خادم سان دوستي ان نھج تائين وڃي پھتي جو ھڪ ڏينھن امڙ اسان سڀني ڀائرن کي ويھاري تنبيھ ڪندي چيو ھو ته اوھان 7 ڀائر نه پر 8 ڀائر آھيو ۽ اوھان جو اٺون ڀا ھي خادم آھي. امان جڏھن ڪينسر وگھي انھيء جڳ جنھن کي شيخ اياز سپني سان ڀيٽ ڏني ھئي مان موڪلايو ته مان ۽ خادم سانده ڪيترا ئي ڏينھن ھڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري روئندا رھيا ھئاسين. خادم کي امان جي ھڪ ڳالھ بار بار روئاري ڇڏيو ٿي جو امان ھن جي لاء ماني رکي ڇڏيندي ھئي! خادم ايندو ھو ته مون کي چوندي ھئي ته ابا خام لاء ماني کڻي وڃ. خادم بنيادي طور تي حساس طبعيت رکندڙ ضرور ھو پر ھن جو ادب ڏانھن ڪو به لاڙو نه ھو . پر انھن سمورن دوستن ۾ منھنجو ادب ڏانھن عملي لاڙو ھيو ۽ مان ان وقت ٻاراڻي ادب جي سرگرمين، ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري سان سلھاڙيل ھئس مان ڪنھن اخبار جي ٻاراڻي ادبي صفحي ۾ به لکندو ھئس. بابا جي موري شھر ۾ خانگي اسپتال پڻ ھئي جيڪا ادبي، سياسي، سماجي سرگرمين جو اھم مرڪز ھئي. جتي ڪيترائي نامور اديب ۽ سياسي ڪارڪن روزانو ايندا ھئا. جنھن م خاص طور تي عظيم سنڌي، پروفيسر ڊاڪٽر لائق زرداري، نماڻو سنڌي، رکيل مورائي، ادريس جتوئي، احمد سولنگي، خادم ٻگھيو، شاھنواز پنھور، الھ بخش راٺوڙ، عبيد عباسي، اسد سولنگي، نجم سرھيو، محبتي ملاح، خان ڏاھري ۽ ڪجھ ٻيا ذھن تان لھي ويل دوست شامل ھوندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن سائين راشد، استاد بخاري، تاج جويو، خاڪي جويو، ميرمحمد پيرزادو، سائين جمال الدين مومن، سائين الھنواز رڪڻائي، حاڪم شاھ بخاري، سائين گدا خاصخيلي، حافظ محمد بخش خاصخيلي جھڙين شخصيتن جو به بابا جي ڪلينڪ تي درشن ٿي ويندو ھو ۽ دل خوشيء مان ڪپڙن ۾ نه ماپندي ھئي. ان سموري ماحول ملڻ ڪري مان عملي طور تي ادبي سرگرمين جو حصو ھوندو ھئس. آھسته آھسته منھنجو اھو ادبي رجحان منھنجي ڪجھ دوستن ۾ منتقل ٿيڻ لڳو ۽ اھي به پوء آھسته آھسته عملي طور انھن سرگرمين ۾ پاڻ مرادو شامل ٿيندا ويا جن ۾ خادم به ھڪ ھو. جيڪو سڀ کان پھرين منھنجي سوشلسٽ خيالن کان انسپائر ٿيو. انھن خيالن ھن کي ادب ڏانھن مائل ٿيڻ ۾ رھبري ڪئي. ائين خادم شاعري کان فلسفي ۽ فلسفي کان مضمون نگاري ڏانھن عملي طور تي لڙي پيو. سچ ته اھو وقت اھڙو ھو جو اسان کي ڪتابن پڙھڻ کان سواء ھر شي فضول لڳندي ھئي. اسان سڀئي خاص طور تي مئڪش، خادم، علي رضا، وقار ۽ مان ورلي ڪو سنڌيء جو ڪتاب ڇڏيندا ھئاسين. اسان سڀئي نيو فيلڊس واري پبلشر جا ريگيولر خريدار ھوندا ھئاسين . جئين ئي ڪنھن ڪتاب جي ڇپجڻ جي خبر پوندي ھئي ته VP ڪري گھرائيندا ھئاسين. پڙھڻ کان پوء موري ميونسپالٽيء جي پارڪ ۾ ويھي ان ڪتاب تي بحث ڪندا ھئاسين. . خادم ۽ اسان شيخ اياز جا وڏا Fan ھئاسين. شيخ اياز جي شاعري اسان کي اھو Vision عطا ڪيو جو اسان ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ چوٽيء جي اديبن کي بحث مبحاثي ۾ ساڻو ڪري وجھندا ھئاسين. خاص طور تي خادم فڪشن، فلسفي ۽ جديد ادبي نظرين کي پڙھي اھڙي ايپروچ ٺاھي ورتي ھئي جو سندس سوال وڏن اديبن کي ھيانءَ ۾ مڇيءَ جي ڪنڊي وانگر چڀي پوندا ھئا. خادم جي ايپروچ منڍ کان وٺي ھر قسم جي ڊاگميٽزم جي خلاف ھئي. سندس تنقيدي استدلال به ڏاڍو منطقي ھوندو ھو. خادم جڏھن سنگت جي ڪلاس ۾ ڪنھن لکڻي تي ڳالھائيندو ھيو ته ان لکڻيء جي اھڙي ماھرانه وڍ ٽڪ ڪندو ھو جو ٻڌنڌڙ دنگ رھجي ويندا ھئا. خادم مختصر وقت ۾ سوشل ميڊيا جي ايڪٽو ٿيڻ کان به گھڻو اڳ ۾ سنڌ جي وڏي پڙھندڙ سنجيده حلقي جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو ھو. سندس نثري نظمن ۽ فلسفياڻن مضمونن ھن کي سنجيده اديب متعارف ڪرائڻ ۾ مرڪزي ڪرادار ادا ڪيو. خادم ٿورڙي وقت ۾ نثري نظم جي Form کي اھا ٻولي عطا ڪئي جنھن جي لاء ڪافي وقت کان ھن صنف واجھايو پئي.

دريدہ !

مجھے التوا میں

مت رکھو.

تم اپنی مسرت کے لیئے

میرے پرت ادھیڑتے جا

رہے ھو

اور میں

اپنے آباؤ اجداد/نوع انسانی

کے ساتھ گھسیٹا جا رہا ھو

تم اسے لبرنتھ کہتے ہو!!!!

جو میرے نسلوں کی

اداسیاں ھیں!!!

کبھی مرکز میں لاکے

کھڑا کردیا گیا.

کبھی حاشیئے میں .

تو کبھی لا تشکیلیت کے دھوکے میں

ایک تشکیل بنا کے

اشرافیہ کو تحفے میں

دے دیئے گئےـ

ھمارے دن ـرات ـ ہمارے خواب ـہمارے چاندـ اور ھمارے کہکوں کی زمیں.

جہاں ھماری خوشیوں کے فصل اگتے ھیں

جہاں ھمارے گاؤن اور درخت اور کچی مٹی کی خوشبو والے راستے

جو!

ھمارے بزرگ ھیں،

ھمارے نسلوں کے آنے

جانے کا سعیہ

وہی کرتے رھے ھیں

دریدہ!

ھمیں التوا میں مت رکھو.

ھم لفظوں کے گورکھ دندھے والے لوگ نہین ھیں. (خادم بالادی)

مون جڏھن پھريون دفعو سندس ڇرڪ ڀرائيندڙ نثري نظم پڙھيا ھئا ته مون کيس چيو ھو ته خادم تنھنجا نثري نظم ته اسان جي سماج کي ڌوڏي ڇڏيندا! اڳتي ھلي اسان کي اسان ٻين ڪيترن ئي باشعور دوستن جو ساٿ مليو جنھن ۾ خليق ٻگھيو به شامل ھو. خليق جي ساٿ ۾ اسان کي ھڪ اھڙو ڏاھو دوست مليو جنھن سان اسان ھر قسم جو علمي بحث Organized انداز ۾ ڪندا ھئاسين. خادم ڪڏھن ڪڏھن خطرناڪ سوال اٿاري خليق کي Surprise ڪري ڇڏيندو ھو ۽ خليق وڏي معصوميت سان ھن کي جواب ڏيندو ھو ترس سڀاڻي ڪنھن ڪتاب مان ڳولا ڪري ان سوال جوجواب کڻي اچي توکي ٻڌائيندس. انھيء لکڻ ۾ ڪو وڌاء نه آھي ته بابا کان پوء جن ٻين شخصن اسان جي ذھنن تان اڻ ڄاڻائي جي ڪٽ لاٿي خليق ٻگھيو به انھن مان ھڪ ھو. . . خادم ۽ منھنجي تعلق جي وچم يادگيرين جا الاء ڪيترا وڻ ٻور جھليو بيٺا آھن. ڪٿان کان ھليا ھئاسين ۽ الاء ڪٿي وڃي پھتا آھيون . اڳتي جي ته ڪا خبر نه آھي. پر منھنجي دل جي اندر ھڪ معصوم خواھش ساھ کڻندي رھي ٿي ته جي اگر ٻيو جنم ڪٿي وجود رکي ٿو ته ان جنم ۾ به مان خادم جو دوست ٿي رھڻ پسند ڪندس. بس منھنجي ايتري خواھش آھي. !!!!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ميگزين ۾ ۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا