; سنڌي شخصيتون: خادم بالادي، خليق ٻگھيو، امداد سولنگي،
Showing posts with label خادم بالادي، خليق ٻگھيو، امداد سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label خادم بالادي، خليق ٻگھيو، امداد سولنگي،. Show all posts

09 April, 2023

خادم بالادي

خادم بالادي

سندس ادبي شخصيت، مطالعو، ڪتابَ، دوستي ۽ محبتون! - موري جي ادبي ماضيءَ جا اڻ وسرندڙ ڏينهن

خليق ٻگھيو



اڄ خادم بالاديءَ جو جنم ڏينهن آھي. خادم جو پھريون تعارف سندس شاعري آھي. ٻيون تعارف هڪ نقاد وارو آھي. سندس ٽيون تعارف هڪ دانشور وارو رھيو آھي. انهيءَ کان سواءِ منھنجي اڳيان سندس خاص تعارف هڪ سٺي پڙھندڙ وارو رھيو آھي. ڪتابن جو مطالعو سندس شوق رھيو آھي، جيڪو روز بروز وڌندو رھي ٿو. خادم نھايت حساس دل شخصيت به آھي ته ڪڏھن وري جبلن کان به سخت نظر ايندو آھي. مورو ادبي سنگت ۾ سندس تعارف هڪ ته ڀلي ڳالهائڻ واري نقاد وارو به رھيو آھي. ٻيو، سنگت جي عهديدار ۽ ادبي ڪارڪن وارو پڻ رھيو آھي. اوڻيهه سئو نَوي ۾ مون کي موري جو هڪ شاعر دوست ھاشم سولنگي ”مورو ادبي سنگت“ ۾ وٺي آيو. . .