; سنڌي شخصيتون: روبينه ابڙو

24 April, 2023

روبينه ابڙو

روبينه ابڙو

تخليق جي سمنڊ ۾ مڇيءَ جي اکين جهڙي شاعرہ کي جنم مبارڪون

ثناءُالله عتيق



ڳيريلي جي سومهڻي، چوڏس چانڊوڪي، سياري جي ڊگهي رات، اسر جو ڪڪڙن جا دس، باک ڀِنيءَ جي ماڪ، ڀُورين ڀٽارين جا ڌڻ، خلقت جي پيرن ۾ ڌُوڙ اٿاريندڙ ورن وڪڙن واريون گهٽيون، نمن جون ٿڌيون ڇانئون ۽ نِمورين جا انب کائيندي کلندي هڪ نينگرڙي پنهنجن وارن منجهان ويڳر به ڪو نه ڪڍيو هيو جو کيس وجود جي پُراسراريت، سوچ ۽ لوچ جا مٽڪا ڀرڻ شروع ڪيا هئا. جنهن دور ۾ سندس جنم ٿيو سنڌ جي سينڌ ڳاڙهي هئي، سنڌو نديءَ جو سينو آلو هيو، موئن جي دڙي جي اسٽوپي کي اڃان لوهي گرلون به ڪونه لڳيون هيون. سندس پسگرادائي ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو هارين جي هلچل بابت پڙلاءُ گونجندڙ هيو، بگي ٻنڊي جو ڪاڪو سوڀو موئن جي دڙي جو ماڻھوءَ بڻجي فڪري دور جي سرواڻي ڪري رھيو ھيو ۽ ٻلهڙيجي سنڌ جي لِٽل ماسڪو بڻجي چڪي هئي. لاڙڪاڻو سياست جو قطب نما ۽ سڄي سنڌ ڪنهن بيڪار، ڇُسي ۽ بوريت جهڙي ڊگهي ننڊ منجهان ڇُرڪي جاڳي پئي هئي. انهن ڏهاڙن ۾ اڪثر نياڻيون پنج درجا پاس ڪري گهرن جا مارنگ بڻجي وينديون هيون، ڪٿي ڪٿي ٻهراڙين ۾ ڪا منڊم ايندي هئي ته ڳوٺن جا ماڻهو ايامن تائين پيا ڳالهيون ڪندا هئا. اهڙي دور ۾ روبينه ابڙو اسڪول وئي ۽ پنهنجي پڙهائي جاري رکندي من اندر جا لوچ ميڙڻ سهيڙڻ لڳي. سندس پهريون شعر ڪهڙو هيو، سندس پهريون شعر لکندي ڪهڙي ڪيفيت هئي اهيا ته کيس ڀلي ڀت پروڙ هوندي پر سچ ته سندس ذهن جي ڪئنواس تي ڇانيل ديس جا رنگ سندس احساسن سان لبريز اهڙي آر تي ڀرت ڀريندا رهيا، جنهن فن کي اوس آخر دوام ئي ملڻو هيو. روبينه ابڙو پنهنجي شروعاتي تخليقي سفر ۾ سمنڊ ۾ جاڳندڙ مڇيءَ جهڙا خواب ته ڏٺا، پر انهن خوابن جي سُرمئي جزيرن تائين پهچندي پهچندي پاڻ هڪ دور جي ڪٿارسس جي بانيڪار شاعره بڻجي اڀري آئي. جيڪي اهنج ايذاءُ کيس مليا يا جيڪي ڏکن جا پهاڙ سندس وجود مٿان ڪرندا رهيا. اڄ شاعري جي ساهمي ۾ انهن دکن جو وزن ڪٻاڙي جي تور جيترو بيهي ٿو. سندس لهجي ۾ ديس جي ٿڌي هير جو هڳاءُ آهي، جيڪو ازل جي مسافرن کي اکين جي ماڻڪين تائين پنهنجو پاڻ سان روشناس ٿو ڪرائي.


جياپي جي دنگيءَ منجهه درياهه واري درد کي پرکڻ ۽ پيڙائن جي پاتال منجهان پار ٿي فن ۽ فڪر جي سڻائي بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيڻ ڪو ايڏو سئولو ڪم ته ناهي. ايئن ئي جيون جي آکاڙي ۾ جيترا سي حادثا ۽ سانحا ٿيندا رهن ٿا، اهڙي ڀنڀور جا عذاب ڀوڳييندي پنهنجي ٽريجڊي جي شاعراڻي آٽوبايوگرافي ريٽيندڙ روبينه ابڙو سچ ته پنهنجن آڱرين ۾ قلم ڦاسائي ڃڻ ته بي حسي جي پوري پنجوڙ کي ڪوريئڙيءَ جي ڃار ۾ قيد ڪريو ٿي ڇڏي.

شاعري ڇا آهي ؟! اهيو دل کي چبهندڙ هڪ سوال آهي، جيڪو هر ڪويءَ کان انگل ڪندو آهي ته پنهنجي ذهن جي چڪ تي چڙهيل خيالن کي پڪا پختا وجود ڏئي وري کين دل جي آويءَ ۾ رچائي ريٽو ڪرڻ جي وارتائن جي ڪٺن ذميواري آخر ڇو ته کڻجي؟! پر، شاعري عاشق آهي، شاعري محبوبا آهي، شاعري، “جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو” جو ڪرشمو آهي. شاعري عرش کان فرش جو معراج آهي، شاعري مٽي آهي، شاعري دز، ۽ ڌوڙ آهي، شاعري تخليق جي ماءُ آهي، بهشت ۾ ڏاڏي آدم جي ڪُک واري کُٽي پيل مٽي آهي، شاعري ماڻهوءَ جي وجود ۾ اک آهي، دل آهي، ڌڙڪن آهي. شاعري مڪمل ڪائنات آهي، جنهن جي نه شروعات آهي ۽ نه اختتام آهي، شاعري ڀاڳ آهي ۽ اهيو ڀاڳ روبينه ابڙو تي عاشق آهي.

ذهن جي پيالي ۾ اگر پاءَ سوچن جو نه ماپي سگهي ته انسان ويچارو به اياڻو اياڻو پيو لڳندو آهي. ايئن ئي الله نه ڪري ماڻهوءَ جي سوچ کي ذهني ڪينسر لڳي وڃين ته مورڳو پيو قبر جيترو ئي سوچيندو، ڪارو ڪاري جي رسمن ۾ پناه وٺندو، جاگيرداري قدرن ۾ ويهي حويليون اڏيندو، بي رحم بڻجي ماڻهپي جا قدر ڊاهي پٽ ڪندو. مگر، افراتفري، ڀڃ ڊاهه ۽ زوال پذيري واري دور ۾ به شاعري جا رستا آفاقي ٿين ٿا، شاعري جا قدر ارتقا سان مکاميل ٿيندي انائن جا پهاڙ ٽوڙيندي ڌرتيءَ تي سوچ ۽ لوچ جا گلاب پيدا ڪن ٿا. جيئن شاعري نينهن جو نيرون ڪوٽ آهي، ايئن ئي روبينه ابڙو پنهنجي شاعراڻي ورد ۽ وجد جو هڪ شهڪار زمانو آهي، سندس شاعريءَ ڪيترين ئي دلين لاءِ بهار رت بسنت جو سبب بڻي آهي.

ڏاٺ جي درد جهڙن ڏهاڙن ۾ ڀنڀورين جهڙا پرشوخ نظم لکندڙ روبينه ابڙو شاعري کي سنڌي اجرڪ جيان پئي اوڍيو آهي. چاهتن ۽ چانڊوڪيءَ جون پُراثرار لڱ ڪانڊاريندڙ ڪيفيتون کائنس قلم کڻي لکرائينديون رهن ٿيون، جنهن لکت ۾ روح جون رمزون سمايل هونديون آهن. نفعي ۽ نقصان واري تارازي کان آجي، سندس سٻاجهي سوچ، ڪٺن حالتن ۾ به ديس واسين لاءِ وڏو ڀرجهلو ثابت ٿي آهي. اهيو ئي ڪارڻ آهي ته نمرتا ۽ نهٺائيءَ واريون مرڪون سندس شاعري جا حسين ڇانورا بڻيل آهن.

ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ جي ڪنهن شاعره جو اڃان تائين پتو نه ٿو پوي پر ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ عورت کي سورمي بڻائي ڇڏيو. ايئن ئي سنڌي لوڪ ادب ۾ ئي کڻي ڏسجي ته سهرن، ڳيچن، سانوڻ ساٺن، لولين ۽ پرولين جي رکيڪا عورت ئي آهي. روبينه ابڙو وٽ اهيو ورثو امانت آهي، سندس جدت جي پني تي آڌاريل پوئٽري ۾ سورمين سکين جا روح جرڪندا ٿا نظر اچن ۽ سندس ڪيترائي اسم لوڪ رنگ سان پڻ مکاميل ڪيون بيٺا آهن.

روبينه ابڙو پنهنجي ڳوٺ ڳيريلي جو وسيع ۽ گهرو مزاج به ڏٺو، رت جا رشتا جڏهن ڪهاڙيءَ سان به جدا نه ٿيندا هيا، ڀت ڀائپيون جڏهن ڪاتيءَ سان به نه ڇڄنديون هيون. جنهن زماني ۾ سنڌي نورنامي جا اُچار نانيءَ يا ڏاڏيءَ کان ٻڌندي ذهن تي اُڪرجي ويندا هيا. هن نياڻي نماڻي انهيءَ دور ۾ الف اک ۽ ث، ثواب پڙهڻ شروع ڪيو، ميٽ لڳل پٽيءَ تي ڪانهه جي ڪلڪ سان سنڌي الف، بي، تي پڙهندي روبينه ابڙو ٻاراڻا گيت به پڙهيا ته پنهنجي مادرڀوميءَ جي دلڪش ماحول ۾ صوفين سنتن جا ٽولا “الو ميان جا آلاپ” ۽ “منهنجو ته نينهن لڪن سان” آلاپيندي ڏٺا، گهورڙيا فقير جنهن رڌم سان پنهنجو اظهار ڪندا هيا، ڦيريدار فقير جنهن انداز سان حق جا هوڪا ڏيندا هيا، ٻهراڙيءَ جي نج ماحول ۾ جيڪو عيدن ۽ عاشورن تي وهيو واپريو ٿي، اهيو ڪُل سرمايو روبينه ابڙو جي ڪُل ڪائنات بڻجي سندس شاعري جي ميراث بڻجندو رهيو. آخرڪار ٻآراڻين راندين، پرين شهزادن جي آکاڻين، دوين راڪاسن جي دلچسپ داستانن، اُکرين گُڏين جي راندين کان ويندي درسي بيتن، گيتن ۽ نظمن تائين روبينه ابڙو سماج جي هر رُخ کان متاثر ٿيندي پنهنجي دل جي دنيا دريافت ڪئي جنهن ۾ قدم کان عدم تائين جا اکڙين اوجاڳا، انتظار، اُڻ تُڻ، ازل جا احساس ۽ ابد جا اظهار ڃڻ ته چنڊ ستارن جيئن گئلڪسي جوڙيون بيٺا آهن.

اڄ تخليق جي سمنڊ ۾ مڇيءَ جي اکين جھڙي شاعرہ روبينه ابڙو جو جنم ڏينهن آهي، کيس شاعري ۽ شعور جون جنم مبارڪون. جيئن شاعري جي فن جو انت نه پار ايئن ئي شاعراڻي فڪر جا به ڪنارا ناهن ٿيندا. ايئن ئي روبينه ابڙو جي شاعري پڻ ڪيفيتن جي ڪائنات جو اجگر سمنڊ آهي، جنهن ۾ ڪيفيتن جا ڪيئي وجود جيئرا جاڳندا نظر ٿا اچن. درد جيڪو دلين ۾ دفن آهي، ڏک جنهن جا جنازا گهرن کان قبرستانن تائين ڏُولين تي کنيا ويا، پوڙهائپ جا پڇتاءُ جيڪي هاڻ ڪلهن تي ڦوهه جوانيءَ جا بار نه کڻي سگهندا، انتظارن جون پن ڇڻ موسمون جيڪي هاڻ ٻيهار بهارون ڪونه ٿي سگهنديون، لُڇ پُڇ جيڪا پٿر جيان مندر ۾ مورتي بڻجي وئي، شمشان گهاٽ جا شعلا جيڪي اُجهي ٻري راک جو ڍير ٿي چڪا، قدم کان شروع ڪيل مسافتون جيڪي هاڻ عدم جي لوح محفوظ تي اُڪرجي چڪيون آهن. ايئن ئي ان گهري دُک کي روبينه ابڙُو پنهنجي شاعري منجهه وجود جي وارثي، ديس جي دلداري ۽ ڪائنات جو آٽوگراف بڻآئي ڇڏيو آهي.

 

(ثناءُالله عتيق جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا