; سنڌي شخصيتون: فقير حاجن نظاماڻي

30 April, 2023

فقير حاجن نظاماڻي

فقير حاجن نظاماڻي

پکي سڀ نه ھنج

نور چنو



ساٿي سچل ڀٽي چوندو آ ته؛ ”جيئري شخصيت تي تعريفي مضمون نه لکڻ گھرجي، ڇو ته زندگيءِ جي لاھن چاڙھن ۾ ٿي سگھي ٿو اھا شخصيت پاڻ نه نڀائي سگھي ۽ پوءِ تعريفي مضمون لکڻ واري تي به سوال اُڀا ٿي وڃن؟“


پر وري ڊاڪٽر خادم چوندو آهي ته؛ ”ماڻھوءَ جي جيئري ئي ان جي تعريف ۾ ڪجھ لکڻ گھرجي ته جيئن ھو پاڻ به پڙھي سگھي. مرڻ کانپوءِ ته مالڪ به تڏي تي ڪاپي رکي ڇڏيندا آھن ته جيئن قُل پڙھڻ وارا ڪجھ لکي وڃن.“

بهرحال! مٿي ڄاڻايل ٻئي يار، منھنجي لاءِ معتبر آھن ۽ مان کانئن گھڻو سکيو به آھي. پر ھن دفعي مان ڊاڪٽر خادم جي ڳالھ مڃيندي ھڪ زنده شخصيت تي ڪجھ لکڻ لاءِ قلم کنيو آهي.

چوٽياريون ڊيم جي بھترين ٽوئر ۽ سائين ماڪن شاھ ۽ ڀائو قربان ملاح جي شاندار ميزبانيءِ کان پوءِ اسان جو ٽولو ڀٽ شاھ جي حاضري ڀرڻ لاءِ روانو ٿيو، ٽولي ۾ شريڪ ھر ھڪ ساٿي سان کل ڀوڳ ڪندا سانگھڙ کان ھالا روڊ تي ڪاھي رھيا ھئاسين ته نظاماڻين جا ڳوٺ شروع ٿي ويا، ھر اڌ مُني ڪلو ميٽر کان پوءِ ھڪ ٻيو ڳوٺ ۽ سڀني ڳوٺن جا نالا لفظ فقير سان شروع ٿي رھيا ھئا. اچانڪ ڊاڪٽر خادم منگي کي ياد آيو ته ھڪ نظاماڻي اُن جو به يار آھي جيڪو ھنن ڳوٺن مان ئي ڪنھن ھڪ ڳوٺ جو رھواسي آهي ۽ پوءِ ڊاڪٽر ھمراھ جي تعريفن جي ھڙ کولي ڇڏي.

تعريف ٻڌي سڄي سنگت ان نتيجي تي پھتي ته جيڪڏھن ھمراھ ايڏو ئي ڀلو آهي ته پوءِ ٻه ٽي پل ڪچھري ڪجيس ۽ ٻه ٽي ڍُڪ چانھن جا به وٽس پيئجن. خدا جي ڪرڻي اھڙي ٿي جو جيئن ئي ڊاڪٽر خادم پنھنجي يار کي فون ڪئي ته ھمراه حوال وٺڻ کانپوءِ چيو ته جتي توھان بيٺا آھيو، اتان اڌ ڪلو ميٽر تي منھنجو ڳوٺ آهي، ھليا اچو. اصل ڄڻ دل کي دل سان راحت ھجي. گاڏي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي جي روڊ ڏانھن گھمائي ڇڏي سين. مين روڊ کان لھڻ سان ئي سامھون ھڪ دل کي موهيندڙ اوطاق نظر ۾ آئي، جنھن جي وڏي در جي وچ تي ھڪ سنھڙو سيبتو، وڏن شھپرن سان ٿڌي ناسي رنگ جي وڳي ۾ مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل ۽ ڪلھن تي لوئي رکيل ھمراه اسان جو منتظر بيٺو ھو.

اھڙو شاندار استقبال ئي اسان جي دل کسي ويو مٿان وري جنھن پاٻوھ سان ھمراھ ڀاڪر پائي آجياڻو ڏنو ان جو اثر اڃان تائين دل تي تازو آهي. اوطاق ۾ داخل ٿيڻ سان ئي کاٻي ھٿ تي ھڪ ڇپرو ھيو جنھن ۾ مچ جو بندوبست ٿيل ھو ۽ ڪجھ ھمراھ ويٺا به ھئا، ساڄي ھٿ تي واڙو ھيو جنھن ۾ مينھون، ڳئون ۽ ٻڪريون ٻڌل ھيون. ڪڪڙين جا ولر به پيا ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙون پائين مٿان وري وڻن ۽ ٻوٽن سان ڀريل اوطاق مالڪ جي فطرتي عاشق ھجڻ جو پڪو ثبوت ڏئي رھي ھئي. اوطاق جي پڌر کان ٿورو مٿي مُوڙا پيا ھئا جتي ويھي اسان ڪچھري شروع ڪئيسين.

حال احوال کان پوءِ تفصيلي تعارف شروع ٿيو، جنھن ۾ ميزبان پنھنجو نالو فقير حاجن نظاماڻي ٻڌايو. سنگت ۾ ھڪ ٻيو معتبر شخص به شامل ٿيو جنھن جو تعارف فقير علي ڏنو خان نظاماڻي ۽ فقير حاجن نظاماڻيءِ جي وڏي ڀاءِ طور ٿيو جيڪو پڻ ھڪ شاندار شخصيت جو مالڪ ھو. فقير علي ڏنو خان نظاماڻيءِ کي ڪنھن ڪم سانگي ٻاھر وڃڻو پيو جنھن ڪارڻ ساڻس ڪچھري گھٽ ٿي سگھي پر جيڪا به ٿي نھايت ساراه جوڳي ٿي. ڪچھري ڪيئن شروع ڪجي اھڙو ڏانءُ ڪوئي حاجن نظاماڻي کان سکي، شروعات ئي ڀٽائيءَ جي بيتن سان ڪيائين، اصل مان ته گھٽ ۾ گھٽ ڀٽائيءَ کي ايڏي حب، احترام ۽ احتياط سان پڙھڻ وارو عاشق پھريون دفعو ڏٺو ھوندو. پڙھڻ جو انداز ايڏو نرالو جو ھيڻائيءَ وارا بيت ھيڻي انداز ۾ ۽ اتساه ڏيارڻ وارا بيت سينو وڏو ڪري ايئن پڙھي رھيو ھو جو بيت پاڻيءَ وانگر دل ۾ لھي وڃن. فقير حاجن ٻڌايو ته ھو ڀٽ شاهه تي ساٿين سميت تنبوري تي وائي به پڙھندو آهي ۽ کيس خميس واري رات اربع جي شام مليل آهي، اھڙي اعزاز واه جو شخصيت تي اثر ڇڏيو اٿس. ڪچھري دوران اھڙو ڪو به ٽاپڪ نه ھيو جنھن تي حاجن فقير ڀٽائيءَ جو بيت نه ٻڌايو ھجي پر جھڙو نه سر سسئيءَ کي پڙھيائين اصل ڄڻ اسان جي لونءِ لونءِ به سسئي ٿي وئي. سسئيءَ جو ڏاج سسئيءَ جا زيور، سسئيءَ جا پنڌ اھڙي ته خوبصورت انداز ۾ ٻڌايائين ڄڻ اسان سسئيءَ سان گڏ ھجون.

ڪچھريءَ دوران يا بيت پڙھڻ دوران وڏن شھپرن کي ھٿ ھڻڻ جو ڏانءُ به حاجن فقير کي خوب اچي. ھو ڀٽائي جو پارکو ته آھي ئي آھي پر حالات حاضره کان به چڱو خاصو واقف لڳو. سياست، سماج، پاڙو، اوڙو ۽ تر جو درد به سيني سان سانڍيون پيو اچي. ڪچھريءُ جي وچ ۾ ئي ماني لڳي وئي، وقت نه ھجڻ ۽ بک نه ھجڻ جي باوجود ماني ڏاڍو مزو ڏنو. ننڍو گوشت، مرغي ۽ دال جھڙا طعام واه جو پڪل ھئا ۽ پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته اھڙو دسترخوان روزانو ٽئي وقت لڳندو آهي ۽ گھران ئي پچي ايندو آهي. شل هيءُ اوطاق سدائين آباد ھجي. ماني کان واندا ٿياسين ته چانھن به اچي وئي جيڪا پڻ ڀٽائيءَ جي بيتن سان پيش ڪئي وئي جنھن جو لطف نه ٿو وساري سگھجي.

فقير حاجن! جي خاص ڳالھ اھا لڳي جو ھو ڪچھريءَ ۾ پنھنجي ٻارھن تيرھن سالن جي نينگر کي به شامل ڪري رھيو ھو جيڪو پڻ نھايت فرمانبردار ھو ۽ توجهه سان بيت ٻڌي رھيو ھو. فقير حاجن ڀٽائيءَ تي گڏ ڪيل پورھيو به دل سان سنڀاليو آهي، سندس ننڍڙي لائبريريءَ ۾ پراڻا نسخه وڏي احترام سان پوتين ۾ ويڙھي رکيا ويا آهن، ھن انهن کي وڏي احترام سان کولي ديدار ڪرايو، وقت گھڻي نه ھجڻ جي ڪري اسان کائنس موڪلائي نڪري آياسين پر دليون فقير حاجن جي اوطاق تي ڇڏي آياسين، فقير حاجن نظاماڻي ھڪ نھايت ئي دلفريب شخصيت جو مالڪ آهي ۽ دعا آھي ته ھو ورھن تائين ھر خميس جي رات ڀٽ تي پنھنجي ڊيوٽي ڏيندو اچي ۽ سنڌ جي سونھن اوطاقي ڪچھريءَ کي به آباد ڪندو اچي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا