علي احمد حسن علي آفندي
سنڌ جي تاريخ جو پهريون
آءِ سي ايس آفيسر
مختيار ملاح
انگريز پاران، هندستان ۾ وڏي ۾
وڏي ڪاموراشاهيءَ جو نظام، يعني انڊين سول سروس جو مقصد ڪاروباري نظام کي وسيع ڪرڻ
جي لاءِ، ۽ ان کي احسن طريقي سان هلائڻ جي لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ايڪٽ آف ۱۷۹۳ تحت Cadre System جو نفاذ عمل
۾ آندو. ان کان اڳ مروج طريقئه ڪار جي ذريعي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ رکڻ
جي لاءِ شرطن تي مبني Agreement تي نوڪري ڏني
ويندي هئي، جن کي انهن شرطن تي نوڪري ڏني ويندي هئي انهن کي Covenanted Servant چيو ويندو هو. ننڍي کنڊ ۾، ڪاموراشاهيءَ
جي تاريخ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مشھور آءِ سي ايس ڪاموري، قدرت الله شهاب پنهجي
آتم ڪٿا ”شھاب نامه“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني ھندستان ۾ تجارت جي آڙ
۾ سياسي ڄار وڇايو ته انگلينڊ مان ملازمن جو وڏو تعداد ھتي آيو، جن جي ماھوار
پگھار پنج پائونڊ ھوندي ھئي ۽ اھي ڪامورا گھڻي ڀاڱي ڪمپني جي ڊئريڪٽرن جا رشتيدار
۽ دوست ھوندا ھئا جن کي ڪمپنيءَ لاءِ واپار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ذاتي واپار ڪرڻ
جي به اجازت ھئي. انهن جو اھڙي طرح مقامي ھندو واڻين سان تعلق جڙي ويو. اھي مقامي
راجائن، واپارين، زميندارن کان زوريءَ نذرانا وصول ڪندا ھئا.چند سالن ۾ ھتان لکين
روپيا ميڙي انگلينڊ وڃي ملڪيتون خريد ڪري اتان جا نواب ٿي ويندا ھئا. انهن جي ترقي
ڏسي انگلينڊ جي ماڻهن جو ڪمپنيءَ جي ملازمت حاصل ڪرڻ ڏانهن رجحان وڌيو، ان جو
فائدو وٺندي ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن نوڪريون وڪڻڻ شروع ڪيون، ۽ ھڪ نوڪري ھڪ ھزار کان ٽي
ھزار پائونڊن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي. نوڪري پيسن تي ملي ھجي يا سفارش تي، ٻنهي صورتن ۾ ڪمپني
جي ملازم جي ڪوشش اھا ھوندي ھئي ته ٿوري عرصي ۾ گھڻي کان گھڻو ڪمائي واپس وڃي عيش
جي زندگي گذارين“.
هندستان جي آفيسرن جي ڀرتيءَ
لاءِ ھن اداري جو سربراھ برطانوي حڪومت جو رياست جو سيڪريٽري ھوندو ھو، جيڪو برٽش ڪابينه
جو پڻ ميمبر ھو. ھن اداري جي چونڊيل لاڳيتو پھرين ھڪ ھزار آفيسرن جو تعلق يونائيٽيڊ
ڪنگڊم سان ھيو. اهي سڀ برطانوي شھري هئا ۽ اتان جي تعليمي ادارن مان پڙھيل ھئا.
سال ۱۹۰۵ع ۾ نوڪرين ۾ پنج سيڪڙو بنگال
کي نمائندگي ملي. ۱۹۴۷ ۾ ھن اداري جي چونڊيل آفيسرن ۾
۳۲۲ ھندستاني ۽ ۶۸۸ انگريز شامل ھئا. سن ۱۹۳۰ع
تائين، ھندستان جي ماڻهن جو تعداد تمام گھٽ ھو ۽ انهن مان اڪثر ننڍن عھدن تي ويٺل
ھيا. ۱۹۴۷ع ۾ ھي ادارو ختم ٿي ويو ۽ ان
جي جاءِ تي ٻه ادارا ٺھيا جن مان ھڪ هندستان ۾”انڊين سول سروس“۽ ٻيو پاڪستان ۾ ”سينٽرل
سپيرير سروس آف پاڪستان (Central Superior Services of
Pakistan) جڙيو. ۱۹۳۹ع ۾ گڏيل ھندستان ۾ مجموعي طور ۶۸۸ آءِ سي ايس آفيسر ھئا، جن ۾ ۵۶۴
انگريز ۽ ويلس جا باشنده ۸۴ اسڪاٽلينڊ،۳۷ آئرلينڊ ۽ بقايا ۱۲۴
ھندستاني ھئا.
آزاديءَ کان اڳ ئي سنڌ جا
نوجوان به محنت ڪري قسمت آزمائي ڪري آءِ. سي. ايس. جو امتحان پاس ڪندا هئا، پر ان
سلسلي ۾ اڄ سوڌو نه ڪا تحقيق ٿي آهي. بهرحال، سنڌ جي تاريخ جو پهريون نوجوان حسن
علي آفنديءَ جو فرزند علي احمد حسن علي هو، جنهن ۱۸۸۴ع ۾ آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪيو.
حسن علي آفنديءَ ٽي شاديون ڪيون
هيون. سندس پهرين گهرواري سندس عزيزن مان هئي، جيڪي اصل هالن جا ويٺل هئا. ان گهر
مان کيس ٻه پٽ-ميان علي محمد ۽ ميان ولي محمد ٿيا. سندس ٻي شادي ڪراچيءَ جي ايراني
ڪٽنب مان ٿي، جنهن مان کيس ڇجج پٽ – ميان علي احمد، علي اڪبر، عبدالحميد،
عبدالعزيز، عبدالمجيد ۽ عبدالوهاب ٿيا. جڏهن ته ٽئي گهر مان کيس چار نياڻيون هيون.
حسن علي آفنديءَ جي سموري ڪٽنب ۾ علي احمد جي شخصيت منفرد هوندي هئي ۽ گهر جا ڀاتي
کيس ”باس“ سڏيندا هئا.
ميان علي احمد، حسن علي آفنديءَ
جو ٽيون نمبر پٽ هو، جنهن جو جنم ايراني گهرواري مان پهرين سيپٽمبر ۱۸۷۱ع ۾ حسن علي هال، ڪراچيءَ ۾ ٿيو. اتفاق سان پهرين سيپٽمبر ”سنڌ مدرسي جي
بنياد“ جو ڏينهن به آهي. ميان علي احمد، ننڍپڻ کان ئي هوشيار ۽ چالاڪ هو. علي احمد
شروعاتي تعليم اين. جي. وي اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪئي. ۱۸۸۹ع ۾ جڏهن هن سنڌ مدرسي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪندڙ اڪيلو سنڌي هو. بعد ۾ ڊي
جي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، پر تمام جلد، جڏهن سندس عمر ارڙنهن سال هئي ته کيس والد وڌيڪ
تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ڪيو، جتي هن قانوني بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لنڪلنس اِنِ ۾
۱۴ جون ۱۸۹۲ع تي داخلا جو امتحان پاس ڪيو. ۱۸۹۳ع ۾ هن ب ئريسٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. ۲۱ سالن جي عمر ٿيڻ تي، ۱۸۹۴ع ۾ هو
ڪوئين ڪاليج آڪسفورڊ ۾ آءِ.سي. ايس جي مقابلي جي امتحان ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۸۹۵ع واري امتحان ۾ انتهائي امتيازي نمبرن سان ڪامياب ٿيو. سال ۱۸۹۵ع ۾ آءِ.سي.ايس جي امتحان ۾ ۶۵ اميدوار
مقابلي لاءِ شريڪ ٿيا، جن مان ٽي هندو ۽ ٻه مسلمان : يوسف علي ۽ علي احمد حسنعلي،
جيڪي بمبئي يونيورسٽيءَ جا شاگرد هئا، اهي آڪسفورڊ ڏانهن سنڌ گورنميٽ جي اسڪالرشپ
تي شريڪ ٿيا هئا.
جڏهن اها خبر حسن علي آفندي تي
پهتي ته سندس فرزند آءِ سي ايس جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي ته هن ڪراچي ۽ حيدرآباد
۾ وڏا جشن ڪيا ۽ دوستن ۽ مائٽن کي پنهنجي خوشيءَ ۾ شامل ڪيو. حسن علي آفندي کيس
پيغام موڪليو ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڏيهه واپس موٽي اچي ۽ ساڻن ملي وڃي، پر علي
احمد کي ٽريننگ ۽ ڪجهه ٻين سرڪاري مصروفيتن جي ڪري اچڻ ۾ دير ٿي وئي، ۽ ان دوران
افسوس جو سندس والد، سنڌ جي جديد تعيلم جو باني ۽ نالي وارو وڪيل حسن علي آفندي ۲۰ آگسٽ ۱۸۹۵ع تي، هن فاني دنيا کي هميشه ڇڏي
چڪو هو ۽ پنهنجي اهڙي محنتي ۽ صالح فرزند کي پڇاڙيءَ جو ڏسي نه سگهيو. ۽ ٻئي طرف
علي احمد پڻ پنهنجي والد جي آخري رسمن ۾ پهچي نه سگهيو.
احمد علي حسن علي، والد جي وفات
کان پنج مهينا پوءِ ۱۸۹۵ع ۾ سنڌ
واپس آيو، جتي والد جي مزار تي حاضري ڀريائين ۽ پنهنجي بيمار والده سان مليو، پر
چند مهينن ۾ سندس والده پڻ ۱۶ ڊسمبر ۱۸۹۶ع تي الله سائين کي پياري ٿي
وئي. هڪ سال جي اندر والدين جي وفات کيس جهوري ڇڏيو.
هندستان پهچڻ شرط، علي احمد کي
گڏيل پرڳڻن (يو. پي) جي غازيپور ضلعي ۾ ۱۸۹۵ع ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. تمام جلد پنهنجي قابليت، محنت ۽ هوشياريءَ
جي ڪري، مختلف ضلعن جهڙوڪ مظفر نگر، مانيپور، پليبٽ، جونپور وغيره جو ڪليڪٽر ۽
مئجسٽريٽ طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. ان کان پوءِ رونيو کاتي مان بدلي ڪري کيس جڊيشل
کاتي آندو ويو ۽ ڪانپور ضلعي جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ڪيو ويو، ان کان پوءِ لکنوءَ جو
ايڊيشنل ججن ٿيو. حقيقت ۾ ان دور ۾ ڪنهن به سنڌي مسلمان کي اهڙن عهدن تائين پهچڻ ڪنهن
وڏي اعزاز کان گهٽ نه هو، ڇو ته سنڌ جا ڪي هندو نوجوان ڪن وڏن عهدن تائين ته پهچي
ويا هئا، پر سنڌ جي مسلمانن ۾ احمد علي حسن کي هڪ انوکو مثال هو. علي احمد کان
پوءِ، اڪثر آفيسر هندو سنڌي ٿيا، جن ۾ هيرانند خوشيرام ڪرپالاڻي، نيڻومل پوهومل ٿڌاڻي،
سنتداس خوشيرام ڪرپالاڻي، هاسومل بهرمل ليلارام شيوداساڻي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
مختلف شهرن ۽ کاتن ۾ رهڻ دوران
سندس طبعيت خراب رهڻ لڳي، ان ڪري، ۱۹۱۲ ۽ ۱۹۱۳ع جي لاءِ طبي بنيادن تي، هڪ سال جي ڊگهي موڪل ڪري، ڇهه مهينن لاءِ لنڊن
روانو ٿي ويو ۽ آخري ڇهه مهينا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران کيس
ان دور جي هندو سيٺ ۽ وڏي سياستدان وشنداس نهالچند پاران، حيدرآباد ۾ ”حسن علي
آفندي پارڪ“ جي واٽر ڪورس تي ڪيل ڪورٽ کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. بالآخر، ۱۰ مارچ ۱۹۱۳ع تي، مسٽر آر ايس بومسفيلڊ، آءِ
سي ايس فيصلو سندس حق ۾ ڪيو، پر هن پوري ڪيس پوئواري ڪندي، سندس صحت هڪ دفعو ٻيهر ڊهي
پئي، ۽ حيدرآباد جي سرجن کيس ڪجهه مهينن لاءِ مڪمل آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني. حيدرآباد
جي سول سرجن کيس اهڙو سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو، پر ان هوندي به يو. پي صوبي جي سرڪار
کيس حڪم نامو موڪليو ته هو هڪدم ڪراچيءَ جي ميڊيڪل بورڊ جي سامهون پيش ٿئي. ان بورڊ
۾ پرنسيپل ميڊيڪل آفيسر به شامل هو، جنهن رپورٽ پيش ڪئي ته هو نوڪري ڪرڻ جهڙو آهي،
۽ اگر هو نوڪري جاري رکڻ نه ٿو چاهي ته استعيفا پيش ڪري. سرڪار سندس موڪل واري
درخواست رد ڪندي حڪم جاري ڪيو ته هو هڪ دم عليڳڙهه جي اسسٽنٽ جج طور چارج سنڀالي وٺي.
سن ۱۹۱۳ع جي جون جي مهيني ۾، سخت
گرميءَ ۾، هو عليڳڙه لاءِ روانو ٿيو، پر سج جي گرمي ڪري، ۸ جون ۱۹۱۳ع تي هندستان جي ڀٽندا اسٽيشن وٽ،
ريل گاڏيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان وقت سندس عمر صرف ۴۸ ورهيه هئي. سندس وفات جي خبر باهه وانگر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پهچي وئي. ٻنهي
شهرن جي هندو توڙي مسلمانن ڏک ۾ ڪاروبار کي بند ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪٽنب سان تعزيت
لاءِ پهچي ويا. سندن جسم خاڪيءَ کي عارضي بنيادن تي امبالا شهر ۾ دفنايو ويو، بعد
۾ سندس ڀائر اتان لاش کڻائي اچي حيدرآباد ۾ سندس والد حسن علي آفنديءَ جي قدمن ۾
سپرڪار ڪري ڇڏيو.
علي احمد حسن علي ٻه شاديون ڪيون.
سندس پهرين گهرواري، جنهن کي هو ”ايلنگزيڊريا“ چوندو هو، خيرپور جي وزيراعظم سردار
محمد يعقوب جي نياڻي هئي. سندس هيءَ گهرواري ساڻس گڏ هئي، جڏهن هو هڪ سال لاءِ
انگلينڊ ۾ رهي آيو ۽ واپس اچڻ تي، ۱۹۱۰ع ۾
سندس گهرواري جو انتقال ٿي ويو. هن گهرواريءَ مان کيس هڪ ڌيءُ جو اولاد هو. ان کان
پوءِ جڏهن جو جونپور جو ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ هو، تڏهن اتي خانبهادر سلطان علي جيڪو
امبالا جو ويٺل هو، ۽ لکنوءَ جي ”رايل ميل سروس“ جو سپرنٽيڊنٽ هو. انهيءَ مان اولاد
ڪونه هئس.
ميان علي احمد جي گهڻي دلچسپي
رونيو کاتي سان هوندي هئي، جڏهن کيس روينيو کاتي مان بدلي ڪري جوڊيشل کاتي ۾ بدلي ڪيو
ويو ته هو، ان عمل تي خوش نه هو. کيس روينيو کاتي ۾ ڪمشنر ٿيڻ جو شوق هو. سندس ٻي
خواهش هئي ته هو سنڌ ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي.
جيڪو عرصو هو انگلينڊ ۾ رهيو،
اتي جي ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي سوسائٽين جو ميمبر هو ۽ مخلتف موقعن تي ليڪچر به ڏيندو
هو. ۱۸۹۲ع ۾ هو انگلينڊ ۾ قائد اعظم جو ڪلاس
فيلو ٿي رهيو. گڏيل هندستان جي ڪيترن ئي مشهور شخصيتن سان سندس ذاتي تعلقات هوندا
هئا. علي ڳڙهه جو ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽيءَ جي زماني ۾ سر سيد احمد خان سان سندس ويجهڙائپ
هئي. علي احمد آفندي، سنڌ مدرسي جي ڪيترن ئي ڪاميٽين تي ميمبر پڻ هو.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۲۶ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا