; سنڌي شخصيتون: علي احمد، حسن علي آفندي، مختيار ملاح،
Showing posts with label علي احمد، حسن علي آفندي، مختيار ملاح،. Show all posts
Showing posts with label علي احمد، حسن علي آفندي، مختيار ملاح،. Show all posts

09 April, 2023

علي احمد حسن علي آفندي

علي احمد حسن علي آفندي

سنڌ جي تاريخ جو پهريون آءِ سي ايس آفيسر

مختيار ملاح



انگريز پاران، هندستان ۾ وڏي ۾ وڏي ڪاموراشاهيءَ جو نظام، يعني انڊين سول سروس جو مقصد ڪاروباري نظام کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ، ۽ ان کي احسن طريقي سان هلائڻ جي لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ايڪٽ آف ۱۷۹۳ تحت Cadre System جو نفاذ عمل ۾ آندو. ان کان اڳ مروج طريقئه ڪار جي ذريعي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ رکڻ جي لاءِ شرطن تي مبني Agreement تي نوڪري ڏني ويندي هئي، جن کي انهن شرطن تي نوڪري ڏني ويندي هئي انهن کي Covenanted Servant چيو ويندو هو. ننڍي کنڊ ۾، ڪاموراشاهيءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مشھور آءِ سي ايس ڪاموري، قدرت الله شهاب پنهجي آتم ڪٿا ”شھاب نامه“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني ھندستان ۾ تجارت جي آڙ ۾ سياسي ڄار وڇايو ته انگلينڊ مان ملازمن جو وڏو تعداد ھتي آيو، جن جي ماھوار پگھار پنج پائونڊ ھوندي ھئي ۽ اھي ڪامورا گھڻي ڀاڱي ڪمپني جي ڊئريڪٽرن جا رشتيدار ۽ دوست ھوندا ھئا جن کي ڪمپنيءَ لاءِ واپار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ذاتي واپار ڪرڻ جي به اجازت ھئي. انهن جو اھڙي طرح مقامي ھندو واڻين سان تعلق جڙي ويو. اھي مقامي راجائن، واپارين، زميندارن کان زوريءَ نذرانا وصول ڪندا ھئا.چند سالن ۾ ھتان لکين روپيا ميڙي انگلينڊ وڃي ملڪيتون خريد ڪري اتان جا نواب ٿي ويندا ھئا. انهن جي ترقي ڏسي انگلينڊ جي ماڻهن جو ڪمپنيءَ جي ملازمت حاصل ڪرڻ ڏانهن رجحان وڌيو، ان جو فائدو وٺندي ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن نوڪريون وڪڻڻ شروع ڪيون، ۽ ھڪ نوڪري ھڪ ھزار کان ٽي ھزار پائونڊن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي. نوڪري پيسن تي ملي ھجي يا سفارش تي، ٻنهي صورتن ۾ ڪمپني جي ملازم جي ڪوشش اھا ھوندي ھئي ته ٿوري عرصي ۾ گھڻي کان گھڻو ڪمائي واپس وڃي عيش جي زندگي گذارين“.