استاد غلام قادر جروار
وڇوڙي جو گهاءُ
سليم جروار
انساني زندگي ۾ ڪيتريون ئي انمول
شخصيتون، واقعا، حادثا، خوشيون ۽ مختلف يادگار گهڙيون اچي گذري وينديون آهن جن جا
نقش نسلن تائين منتقل ٿيندا رهندا آهن، انسان نه چاهيندي به ان وقت کي پنهنجي ذهن
مان نٿو ڪڍي سگهي، ائين ئي اسان جي زندگي ۾ هڪ اهڙو ڏينهن آيو جنهن اسان جي پوري ڪٽنب،
عزيزن ۽ مٽن مائٽن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. اهو ۱۸ جنوري ۱۹۹۰ جو هڪ واقعو اسان جي پوري ڪائنات
مان خوشين ۽ ٽهڪن جو وجود مٽائي ماتم ۽ درد کڻي آيو اهو ڏينهن ۳۳ سال گذري وڃڻ بعد به درد جي هڪ لهر کڻي ايندو آهي.
۱۸ جنوري
۱۹۹۰ تي ڳوٺ جي ڀر واري شهر ڊگهڙي ۾
ڌارين اسان جي ڀاءُ استاد غلام قادر کي اسان کان ايترو پري ڪري ڇڏيو جتان هو اڃا
واپس ناهي موٽيو. ان وقت آئون ٽيئن چوٿين درجي ۾ پڙهندڙ ٻار هوس پر هر ڳالھه ياد
آهي. هر حال ۾ اسان جو ننڍڙو گهر خوش هو بابا پرائمري استاد هو، ادا غلام قادر جي
مئٽرڪ ڪرڻ ۽ عمر ۱۸ سال ٿيڻ سان ئي سندس پرائمري
استاد طور ڀرتي ٿي وئي ۽ بدين ضلعي جي تلهار شهر جي ڀر ۾ ڊيوٽي ملي ملازمت جي پنجن
ڇھن مهينن ۾ پابندي سان ڊيوٽي تي ويو، جمعي ڏينهن موڪل سبب خميس تي ڳوٺ واپسي ٿيندي
هئي ۽ اسان ننڍن ٻارن کي ڊگهڙي کان ايندڙ ان بس جو شديد انتظار رهندو هو ادا شيون
وٺي ايندو هو. پر ۱۸ جنوري ۱۹۹۰ جي خميس جو ڏينهن ادا جي واپسي جو آخري ڏينهن هو. اهو ڪنهن کي به اندازو ڪونه
هو، ان ڏينهن منجهند جو ماتلي واري بس مان لهي پنهنجي اسٽاپ طرف وڃي رهيو هو ته
شهر ۾ ئي ڪاٺين جو اسٽال هڻي ويٺل پٺاڻ بنا ڪنهن سبب جي ادا سان وڙهي پيا ۽ ٿُڏن ۽
لتن سان ايترو تشدد ڪيو جو سندس اندر ڌڪ لڳا ۽ تلي ٽُٽي پئي ان حالت ۾ به شهر جي
سول اسپتال پاڻ هليو ويو جديد اوزار نه هئڻ سبب ڊاڪٽر سندس تلي ٽُٽڻ جو اندازو نه
لڳائي سگهيا وقت گذرڻ سان سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٿيندي وئي کيس ميرپور خاص منتقل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي پر ميرپورخاص پهچڻ کان پهرين ئي خوش ۽ مسڪرائيندڙ چهرو اجهامي
ويو. رابطن جو نظام نه هئڻ ڪري منجهند جو ڄاڻ ملڻ کان وٺي سندس خاڪي جسد اچڻ تائين
هڪ هڪ پل اذيت ۾ گذريو. ياد اٿم سياري جي ان سرد شام اسان جي اڱڻ تان خوشيون ٻهاري
ماتم ڀرپا ڪري ڇڏيو.
شهيد استاد غلام قادر غير معمولي
نوجوانن ۾ سڃاتو ويندو هو، هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هو متحرڪ شاگرد هو، پنهنجي ساٿين
سان گڏجي جيئي سنڌ تحريڪ جي اسڪولي ونگ لطيف سنگت کي سرگرم ڪيو، ٻاراڻا رسالا پڙهي
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشهور پروگرامن ۽ رسالن ۾ لکندو هو ۽ ان مناسبت سان
سموري سنڌ ۾ قلمي دوست سندس ساٿي بنجي ويا ۽ ننڍڙي ڄمار ۾ وسيلن جي نه هئڻ باوجود
هن پنهنجو مضبوط حلقو قائم ڪري ورتو، پر کيس ڪهڙي خبر هئي اهو سڀ ڪجهه کانئس ۱۸ سالن جي مختصر عمر ۾ ئي واپس ورتو ويندو.
شام جي پوياڙي کانپوءِ رات جي
پهرين پهر ايمبولينس جي سائرن نه فقط علائقي کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، پر سنڌ جي سيمائن
جي ٻئي پار به اکيون اڃا تائين آليون آهن، جتي اسان جي ڏاڏا پنهنجي عزيزن جي نياڻي
سان ادا جو رشتو پڪو ڪيو هو ۽ ايندڙ گرمين جي موڪلن ۾ سندن شادي جا ڏينهن به ٻڌجي
چڪا هئا. وقت جي ظالم گهڙين کين هڪٻئي جو ٿيڻ کان اڳ ئي بنا ڏسڻ جي الڳ ڪري ڇڏيو.
ڪاش! ۱۸ جنوري ۱۹۹۰ جو ڏينهن ئي نه اچي ها ته شايد
اڄ اسان جو ڀاءُ شهيد استاد سڏجڻ بجاءِ نئين سنڌ اڏڻ واري استاد ۽ بهترين ليکڪ طور
سڃاتو وڃي ها پر ائين ٿيو ڪونه ۽ ساڳيا درد، ساڳيون يادون ساڻ ڪري ۱۸ جنوري هڪ ڀيرو ٻيهر موٽي آيو آهي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا