; سنڌي شخصيتون: شھزادو گلفام

28 April, 2023

شھزادو گلفام

شھزادو گلفام

عبرت، فلم ۽ گلفام

مير اعظم علي ٽالپر



اڄ ۲۴ اپريل جي تاريخ آهي، گذريل سال هن ئي تاريخ تي روزاني عبرت جي فلم ايڊيشن جي انچارج شهزادي گلفام جي هن دنيا مان موڪلاڻي ٿي هئي. شهزادو گلفام جنهن جو اصل ۽ پورو نالو غلام محمد ولد علي محمد ميمڻ هو، جنهن جو جنم ادبي لحاظ کان ادب واري زمين ٽَکَڙ ۾ ٿيو هو. جتي اڄ به تاج ٽکڙائي جهڙا شاعر موجود آهن. شهزادي گلفام جي اها وڏي خوش قسمتي هئي، جو سندس ڀرپاسي ۾ ادب ۽ ثقافت جو گهيرو هو. هن شروعاتي تعليم ٽکڙ ۾ حاصل ڪئي (پرائمري اسڪول ٽکڙ). پر غلام محمد ميمڻ (ان بعد المعروف شهزادو گلفام) کي سندس عزيز محمد خان غني ان وقت تعلقه گُوني هاڻ ٽنڊو محمد خان ضلع مان پاڻ گڏ حيدرآباد ۾ وٺي آيو ۽ هي ۱۹۴۷ع جو زمانو هو. غلام محمد ميمڻ شهزادو گلفام بڻجڻ کان پهرين نور محمد هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. ان کانپوءِ سٽي ڪاليج ۽ مسلم ڪاليج ۾ به پڙهيو هو.


جڏهن ته ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي سوشالاجيءَ ۾ پاس ڪئي. ان دوران ۱۹۵۶ع کان ئي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن کي نوڪري به ملي وئي هئي. هن کي ننڍي عمر کان ئي فلمن ڏسڻ جو شوق هو، ان ڪري هن ۱۹۴۷ع کان حيدرآباد اچڻ شرط سئنيما جو رخ ڪيو هو. البته ٽکڙ ۽ ٽنڊو محمد خان کان ٻاهر نڪري هن خاندان جو هي واحد شخص هو، جيڪو ايترو ٻاهر ۽ ترقي ڪري اڳڀرو ثابت ٿيو هو. فلمن ڏسڻ سان گڏوگڏ هن کي فلمن تي تبصرا ڪرڻ ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جو شوق هوندو هو. ان ڪري سندس گفتگو فلمي موضوع واري هوندي هئي. گلفام فلمبين ۽ تماشائي هئڻ کانسواءِ فلم جي ڪهاڻي ۽ گانا سمجهڻ جي صلاحيت رکندڙ شخصيت به هو.

هن کي فلمي صحافت ۾ “فلمي دنيا” رسالي جي معرفت شيخ اسماعيل ۽ ممتاز مرزا جهڙين شخصيتن آندو. ان کانپوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٽکڙ وارو غلام محمد ميمڻ شهزادو گلفام بنجي ويو. ان دوران شهزادو گلفام مشهور سنڌي رسالي ادبي، ثقافتي ۽ فلمي “بادل” جو به ايڊيٽر رهيو. جنهن ۾ سندس ساٿي قمر ڪوهستاني (شاعر ۽ ليکڪ) هوندو هو. قمر ڪوهستاني طنز و مزاح لکڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو هو. بهرحال هڪ ڳوٺ ٽکڙ مان محمد خان غني جو آندل ڇوڪرو آهستي آهستي هڪ مشهور فلمي صحافت جي شخصيت بنجي ويو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي مشهور ۽ مقبول اخبار عبرت جو فلمي صفحو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته شيخ عزيز ان لاءِ شهزادي گلفام کي مقرر ڪيو.

سنڌي اخباري دنيا جو رڪارڊ آهي ته سڀ کان پهرين واحد سنڌي اخبار عبرت هئي، جنهن پهريون دفعو ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۵۹ع تي شهزادي گلفام جي نگرانيءَ ۾ فلمي صفحو شايع ڪيو هو. ان کانپوءِ عبرت، فلم، گلفام هڪ ٿي ويا. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اخبار ۽ فلمي صفحي به وڏي ترقي جي منزل طئي ڪندا رهيا. ان ڪري عبرت اخبار پنهنجي مانَ وارن پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ شوق کي ڏسندي (ان وقت جي حالتن) فلمي صفحي (سنگل) کي باقائده هڪ هفتيوار رنگين ايڊيشن طور شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ ڌار ننڍي سائيز رنگين فلم ايڊيشن پهريون ڀيرو اخبار (عبرت) کان ڌار ۳۱ جنوري ۱۹۷۱ع تي ڇپيو هو، جنهن ۾ به راقم جو ئي مزاحيه مضمون “ايڪٽرن جا ڪرتوت” شايع ٿيو هو. ياد رهي ته هي سال ۱۹۷۱ع پاڪستان ۾ ٺهڻ وارين فلمن جي سلسلي ۾ بهترين فلمن جو سال هو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ٺهيون هيون. ان کانسواءِ هي سال ملڪ ۽ قوم لاءِ به ڏکيو سال هو، جنهن ۾ ۱۹۷۰ع جي چونڊن جا نتيجا قبول نه ڪرڻ ۽ اقتدار چونڊيل نمائندن کي نه ڏيڻ سبب گهريلو ويڙھ (خانه جنگي) اوڀر پاڪستان ۾ شروع ٿي وئي هئي. ان ڪري سئنيما گهرن ۾ فلمن جو شو شروع ٿيڻ کان اڳ احترام سان ترانو ٻُڌڻ جو اعلان ڪيو ويندو هو، پر چون ٿا ته اوڀر پاڪستان جي شهرن ڍاڪا وغيره ۾ ته فلمبين اُٿي بيهڻ ڇڏي ڏنو هو، پر اولھ پاڪستان واري سئنيما گهرن ۾ به تماشائي جوش جذبي بدران بيهندا هئا.

بهرحال شهزادي گلفام سان راقم جي سنگت ۱۹۶۸ع ۾ شروع ٿي هئي، جيڪا آخري دم تائين قائم رهي. عبرت پريس ۾ گلفام جي سنگت ۾ سائين شيخ عزيز، محمد حيات بلوچ، مايا رام، پروانو ڀٽي وغيره هوندا هئا، جڏهن ته شهزادي گلفام جي شاگردن ۾ فلم ايڊيشن کي ترتيب ڏيڻ وقت ڪم ڪار ۾ قاسم حيدر (جيڪو هن وقت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان رٽائرڊ آهي) شهزادي گلفام جي پهرين ورسي تي چيو ته “سائين مون کي گهڻو ڪجھ سيکاريو، فلم ايڊيشن ۾ خبرن جون هيڊنگس لکڻ، فوٽو ڪيپشن ڏيڻ ۽ اڄ ان عبرت جي فلم ايڊيشن جي انچارج شهزادي گلفام ۽ عبرت جي سرواڻ قاضي عابد صاحب جي بدولت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ امر جليل صاحب جي رٽائرمنٽ کانپوءِ ان پوسٽ تي مون کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان تان رٽائرڊ به ٿيس، اهو عبرت جي گهر کان سڀ ڪجھ ٿيو.

جڏهن ته عبرت فلم ايڊيشن ۾ ٻانهن ٻيلي طور ڪم ڪندڙ مشهور ليکڪ ۽ چترڪار اياز عالم ابڙو اڄوڪي شهزادي گلفام جي پهرين ورسي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو هو ته “سائين شهزادو گلفام منهنجو استاد ۽ محسن هو ۽ مون عبرت ۾ ڪم ڪندي سڀ ڪجھ اتان علم پرايو ۽ سکيو. اسان هڪ ڪٽنب جا ڀاتي هئاسين. ” راقم جي به اهائي حالت هئي.

بهرحال هيءَ پراڻي ڳالھ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وي سي اولڊ ڪئمپس ۾ ويهندو هو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب اسان جي سنگت فلم ۽ فلمي ايڊيشن تي ڪچهري شهزادي گلفام سان ڪندو هو. ان وقت گلفام يونيورسٽيءَ ۾ هيڊ ڪلارڪ هو، يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو، ان بعد مختلف پوسٽن تحت ايڊيشنل ايگزامنيشن ڊائريڪٽر ان بعد پي اي ٽو وي سي شيخ اياز، آخر ۾ ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ يونيورستي پريس جو مئنيجر مقرر ٿيو. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مزاحيه پروگرام “گامون جا گفتا” جو اسڪرپٽ پڻ تحرير ڪندو هو. جنهن کي پهرين انور بلوچ (ان جي انتقال) کانپوءِ نثار ميمڻ ڪندو هو. ان کانسواءِ نئون سج به تحرير ڪندو هو. جنهن جا ميزبان انور سولنگي ۽ ممتاز علي شيخ هوندا هئا. جڏهن ته شهزادي گلفام جي اسٽيج ڊرامي “رک مولا تي” سنڌ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي. جنهن کي اسٽيج ڪرڻ لاءِ ٺٽو ويندي ڊرامي جو هدايتڪار عبدالغفور سومرو بارش جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو هو. شهزادو گلفام بطور اداڪار فلم رت ۽ اجرڪ ۾ به ڪم ڪيو هو ۽ ان کان سواءِ سنڌي فلم ڌرتي ۽ آڪاش جا ٻه مشهور گانا به لکيا هئا، جنهن مان هڪ گانو “اي ڪاش نه اڀري ها هي سورج محبت جو” نورجهان ڳايو هو ۽ ٻيو گانو رڪارڊنگ وقت راقم الحروف پنهنجي دوست ۽ فلم جي ولين رحيم شورو سان گڏ سڄي رات ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ هو، جڏهن ته گانو عابده پروين جي آواز ۾ هاشم قريشي رڪارڊ ڪري رهيو هو ۽ موسيقار هئا غلام نبي، عبداللطيف ۽ ٻول هئا “پيار ڪري وٺ پيارا ڏس رات هٿن مان پئي وڃي، هن مندر ۾ ديپ جلن ٿا” سنڌي فلمي گاني ۾ شايد پهريون دفعو لفظ “مندر” ۽ “ديپ” شامل ڪيا ويا هئا. هن گاني جي رڪارڊنگ وقت راقم اهو گانو ٽيپ رڪارڊ ۾ ٽيپ ڪيو هو.

عبرت ۽ شهزادي گلفام پاران مهراڻ فلم رائيٽرس گلڊ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن نوان فلمي صحافي ۽ ليکڪ پيدا ڪيا، شهزادي گلفام کي اڄ به سائين پير مظهر الحق هر وقت ياد ڪندو آهي.

اڄ هڪ دفعو وري ۲۴ اپريل جي تاريخ اچي وئي آهي ته هڪ سال اڳ وڇڙي ويل شهزادي گلفام جي ياد به اچي وئي، شاعر سچ چيو آهي ته “تنهنجي ياد جي وري آ وير”!


 

غلام محمد ميمڻ المعروف شھزادو گلفام

”اي ڪاش نہ اڀري ھا سورج ھي محبت جو“ گيت جي شاعر جي چوٿين ورسي

اسد ڪيريو

اڄ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ليکڪ، شاعر، اسٽيج ڊراما نگار، فلم اسڪرپٽ رائيٽر، اسٽيج ناٽڪ ھدايتڪار ۽ الاھي سارين خوبين جي مالڪ پياري سائين غلام محمد ميمڻ المعروف شھزادو گلفام جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، ٽنڊي محمد خان جي درياھي پٽيءَ جي تاريخي بندر ۽ وڏن علمي شخصيتن جي شھر ٽکڙ ۾ ھڪ پورھيت علي محمد ميمڻ جي گھر ۾ ۲- مارچ ۱۹۳۵ع تي جنم وٺندڙ غلام محمد ميمڻ المعروف شھزادو گلفام تعليمي سلسلن کان فارغ ٿي لڳ ڀڳ۱۹۵۶ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪريءَ سان لڳو ۽ ۱۹۹۵ع ڌاري يونيورسٽي جي پريس مان مئنيجر جي حيثيت سان ريٽائر ڪيائين .

غلام محمد ميمڻ المعروف شھزادو گلفام زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن۾ ئي فنون لطيفه سان لنئون لاتو ۽ زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين فنون لطيفه سان وابسته رھيو، شھزادي گلفام کي اھو اعزاز حاصل آهي تہ ھو سنڌي ٻوليءَ ۾ شوبز صحافت جو بانيڪار ھو، جيڪو "فلمي دنيا" مئگزين کانسواءِ "بادل" رسالي جي شوبز سيڪشن جو انچارج رھيو ان کانسواءِ روزاني عبرت ۾ جڏھن پھريون ڀيرو شوبز صفحو ۳۰- آڪٽوبر ۱۹۵۹ع تي جاري ٿيو تہ ان صفحي جو انچارج پڻ شھزادو گلفام ھو، شھزادو گلفام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشھور پروگرام "گلڻ جا گفتا "جو پڻ اھم ڪردار رھيو ۽ ڪيئي ڏھاڪا ان پروگرام جي معرفت ريڊيو ٻڌندڙن جي سماعتن ۾ رنگ ڀريندو رھيو، شھزادو گلفام ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن جو ليکڪ پڻ رھيو ۽ ھن ڪيترائي ڊراما اسٽيج پڻ ڪيا سندس مشھور ڊرامن ۾ "مينديء رتا ھٿڙا"، "رت جا رشتا"، "رک مولا تي"، "گل ۽ خوشبو" وغيره وغيره شامل ھئا جڏھن تہ شھزادي گلفام مٽياريءَ جي ماڻڪ سائين ايس گل جي سنڌي فلم "حاضر سائين" جا مڪالما لکيا ۽ ھدايتڪار اسماعيل بن واصف جي فلم "ڌرتي ۽ آڪاش" جا نہ صرف مڪالما لکيا پر فلم لاءِ ڪجھ گيت پڻ لکيا خاص ڪري سندس لکيل ھيء گيت "اي ڪاش نہ اڀري ھا سورج ھي محبت جو ...........".، جنھن کي ملڪ جي عظيم گائڪہ ميڊم نورجهان ڳائي تاريخ ۾ گيت ۽ شھزادي گلفام کي امر ڪري ڇڏيو .

حيدرآباد جي ريڊيو، اسٽيج ، سماجي، علمي، ادبي ۽ شوبز جي دنيا جو ھيء ناميارو شخص ليکڪ، شاعر ۽ پنھنجي موج مستيءَ وارو بودلو ڪردار غلام محمد ميمڻ المعروف شھزادو گلفام اڄ کان چار سال اڳ اڄوڪي تاريخ ۲۴- اپريل ۲۰۱۹ع تي وفات ڪري ويو اڄ سندس چوٿين ورسيءَ جي ڏھاڙي تي اچو تہ ڀيٽا طور سنڌي فلم "ڌرتي ۽ آڪاش" لاء لکيل سندس سدا بهار گيت ملڪہ ترنم ميڊم نورجهان جي آواز ۾ ٻڌون ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪريون.

No comments:

راءِ ڏيندا