شھزادو گلفام
عبرت، فلم ۽ گلفام
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ ۲۴ اپريل جي تاريخ آهي، گذريل سال هن ئي تاريخ
تي روزاني عبرت جي فلم ايڊيشن جي انچارج شهزادي گلفام جي هن دنيا مان موڪلاڻي ٿي
هئي. شهزادو گلفام جنهن جو اصل ۽ پورو نالو غلام محمد ولد علي محمد ميمڻ هو، جنهن
جو جنم ادبي لحاظ کان ادب واري زمين ٽَکَڙ ۾ ٿيو هو. جتي اڄ به تاج ٽکڙائي جهڙا شاعر
موجود آهن. شهزادي گلفام جي اها وڏي خوش قسمتي هئي، جو سندس ڀرپاسي ۾ ادب ۽ ثقافت جو
گهيرو هو. هن شروعاتي تعليم ٽکڙ ۾ حاصل ڪئي (پرائمري اسڪول ٽکڙ). پر غلام محمد
ميمڻ (ان بعد المعروف شهزادو گلفام) کي سندس عزيز محمد خان غني ان وقت تعلقه گُوني
هاڻ ٽنڊو محمد خان ضلع مان پاڻ گڏ حيدرآباد ۾ وٺي آيو ۽ هي ۱۹۴۷ع جو زمانو هو. غلام محمد ميمڻ شهزادو گلفام
بڻجڻ کان پهرين نور محمد هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. ان کانپوءِ سٽي ڪاليج ۽
مسلم ڪاليج ۾ به پڙهيو هو.
