; سنڌي شخصيتون: عبدالقدير ڪاڃون

28 April, 2023

عبدالقدير ڪاڃون

عبدالقدير ڪاڃون

علم، حلم، سوچ ۽ سچائي جو پيغام پهچائيندڙ شخصيت

زاهد علي ڀٽو



هو نه وڏيرو آ، نه سردار، نه ڀوتار نه ئي پير نه مير نه ڪو بلڊر، نه سيٺ نه سرمائيدار آ، نه ئي ايم پي اي نه ايم اين اي نه وزير نه مشير پر هو انتهائي سادگي پسند، صوم صلات جو پابند استاد عبدالقدير ڪاڃون صاحب آهي جيڪو تازو سرڪاري نوڪري تان رٽائر ٿيو آهي، ۽ پنهنجوگهڻو وقت الله ۽ رسول جي حڪمن جي پيروي ڪندي حقوق الله سان گڏ حقوق العباد پورا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي.


تازو سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مسلسل وسندڙ مينهن ۾ تباهي ۾ متاثر ٿيندڙ غريب مسڪين ماڻهن جي مدد واري ڪم ۾ کيس سرگرم ڏسي سندس جذبو ڏسي مونکان رهيو نه ٿيو ۽ دل ۾ احساس ٿيو ته وڏن ماڻهن، ڪانڀو خانن، سرمائيدارن، ڀوتارن، سياستدانن جي تشهيرلاء ملها، بي ملها ماڻهو پگهار، بنا پگهار جي سندن تشھير و تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا پر سائين عبدالقديرڪاڃون صاحب جهڙي ساده دل، شريف ماڻهن جي چڱي ڪمن جي نيڪي تعريف کان ڪن لاٽار ڪندا ڇوته سائين عبدالقدير صاحب جهڙن ڪردارن وٽان ڪو سڻڀو يا ڏوڪڙن جو آسرو ناهي هوندو سو انهي ڪري سائين عبدالقدير صاحب ۽ ٻين اهڙن املھ ڪردارن جا ٿورا اسين سنڌ واسي لاهي نٿا سگهون ته ڳائي ته سگهون ٿا نه !هونئن ته سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب ڪيتري ئي عرصي کان تن تنها علمي ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو پيو اچي پر جڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو اوکو وقت جيئن ڪورونا وبا، ٻوڏ يا ڪا ٻي اوکي سوکي ۾ غريب مسڪين ماڻهن جي مدد لاء کيس سدائين اڳڀرو ئي ڏٺو آهي

سو ان خيال ان احساس تحت سائين جي خدمت خلق واري ڪمن کي ڏسي ساراهڻ کانسواء رهي نٿو سگهجي ۽ هي چند سٽون سائين جن کي ڀيٽاطور ارپيان ٿو. اهڙا ڪردار سماج لاء ڇپرڇانء آهن اهڙن ڪردارن جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي حيثيت آھر حصو گڏائجي.

سندس ڳوٺ باهو ڪاڃون جي روڊ، رستن جي حالت زار هجي يا کنڊر بڻيل اسڪول وارو مامرو هجي سائين سدائين انهن مسئلن جي حل لاء سرگردان رهندو آيو آھي ۽ جڏهن مسئلن جي حل ۾ چونڊيل نمائندن جي يا سرڪاري آفيسرن جي ڪن لاٽار ڏسندو آھي ته انهن کي سنئون دَڳ ڏيکائِڻ لاء ميدان تي اچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو آھي.

سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب صرف پنهنجي ڳوٺ باهو ڪاڃون جي مسئلن تي ئي متحرڪ ناهي ٿيو پر هو ته ڏهرڪي شھر جي شھري مسئلن جي حل لاء هر تحريڪ ۾ اول دستي ۾ اڳيان ۽ نمايان رهيو آھي.

سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب ڏهرڪي شھري اتحاد جي باني ميمبرن منجهان آھي ۽ ڏهرڪي جي سماجي مسئلن جي حل لاء سندس جدوجهد ڪنهن کان لڪل ناهي. شھر جي نوجوان نسل پاران شراب سميت ٻين نشن جي استعمال ۽ وڪري خلاف اڪيلي سر ميدان تي آيو۽ جدوجهد جو آغاز ڪيو ته سماجي برائين خلاف سندس جدجهد ۾ شھرين به ساٿ ڏنو.

استاد عبدالقدير ڪاڃون صاحب مون سميت ڪيترن ئي لکندڙ نوجوانن جي رهنمائي ڪندڙ رهيو آھي.

 گورنمينٽ سنگل سيڪشن هاء اسڪول ڏهرڪي ۾ جڏهن اسين پڙھنداهئاسين ته سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب پنهنجي پيرڊ دوران لکڻ پڙھڻ لاء اتساهيندو هو۽ شڪاپور کان مهراڻ اڪيڊمي کان ڪجھ دوست گلن جهڙا ٻارڙا سميت ٻاراڻا رسالا کڻي ايندا هئا. استاد سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب معرفت پڙھڻ لاء پنهنجي خرچي مان وٺندا هئاسين ايئن لکڻ پڙھڻ جو شوق پروان چڙھندو ويو.

سائين پنهنجي شاگردن جي علمي تربيت سان گڏ اصلاحي تربيت به ڪندو هو ته شاگردن جي ذهني تربيت به ڪندو هوشاگردن کي نصيحت ڪندي چوندو هو ته توهان پڙھي ڪامياب ٿي ڪو ڪم، ڪاروبار ڪيو ته ان سان سماج جو برو نه ٿئي پر ڀلو ٿئي. جيئن ويڊيو گيمز، سنوڪر جا دڪان يا ويڊيو سينٽرز ڪاروبارآمدني جو ذريعو ته آھن پر سماج جي خدمت بدران سماجي طور نوجوان منفيت جو شڪار ٿي ويندا. ۽ روزگار جا مثبت ذريعا جيئن ڪتابن جي دڪان. اسڪول. ٽيوشن سينٽرز آمدني جو ذريعو هجڻ سان گڏوگڏ اصلاح ڪندڙ۽ پڻ آمدني جا جائز ۽ سٺا ذريعا آھن.

سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب پاڻ سندن ڀائر پٽ، ڀائٽيا مطلب ڪُل گهراڻو نيڪ نمازي، پابندي سان نماز پڙھندڙ پرهيزگار ۽ بااخلاق ۽ باڪردار طور پنهنجي زندگي جو منشور ٺاهيو اٿن.

 استاد عبدالقدير ڪاڃون صاحب هاء اسڪول استاد طور ريٽائر ٿيڻ پوء اڪثر وقت علم، ادب جي تبليغ يعني لکڻ پڙھڻ ۾ مصروف رهي ٿو.

مونکي ياد ٿو اچي ته اسڪول پڙھڻ دوران مونکي لِکڻ جو

 ڏاڍو شوق هو ۽ انهي شوق کي وڌائيندڙ ۽ همٿائيندڙن ۾ استاد عبدالقدير ڪاڃون صاحب به هو۽ ايئن آءُ پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو پهريون انٽرويو به سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب کان ورتو هو، جيڪو انوقت ڏهرڪي مان ڇپجندڙ هفتيوار اخبار ”ڪُوڪ “لاء ورتو هو.

استاد عبدالقدير ڪاڃون صاحب سينيئر قلمڪار آھي سائين جا علمي، ادبي، ديني ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي پاران پوئين سال ۲۰۲۱ جي جنوري جي ڏهين تاريخ تي سندس ٻن ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي هئي. ان کان علاوه سندس علمي، اصلاحي لکڻيون عبرت ميگزين سميت ٻين اخبارن، رسالن ۾ ڇپيل آھن ۽ سندس لکيل شاندار ڪهاڻيون پڻ عبرت ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل آھن.

. تازو سائين هڪ اهم تاريخي ۽ تحقيقي ڪم هٿ ۾ کنيو

آھي. اُهو، اِهو ته سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب ڏهرڪي شھر جي تاريخ، تاريخي جاين( جڳهن)۽ شخصيتن تي

”ڏهرڪي جا ڏيک“ نالي ڪتاب لکي رهيا آھي. جنهن منجهان ڪجھ عڪس فيس بوڪ تي قسط وار ٿي پڙھڻ لاء مليا آھن، باقي اھڙي تاريخي ڪتاب ”ڏهرڪي جا ڏيک“ جي ڇَپجڻ ۽ هٿن ۾ اچڻ جو شدت سان انتظار آھي نه صرف مونکي پر ڏهرڪي شھر جي هر اُن فرد کي جنهن جنهن کي اُن ڪتاب جي ڇپجڻ جي ڪِڙواھ ڪَنن تي پُهتِي آھي.

اڄ پهرين جنوري سائين عبدالقدير ڪاڃون صاحب جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي، سائين جن کي جنم ڏينهن جي موقعي تي دل جي اٿاھ گهرائين سان سالگره جون مبارڪون ڏجن ٿيون

 

(زاھد ڀٽو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا