; سنڌي شخصيتون: شھربانو ڪاڪا

17 April, 2023

شھربانو ڪاڪا

شھربانو ڪاڪا

اديءَ سان ٿيل گفتگو

ذوالفقار نھڙيو



سوال_۱

منهنجو نالو شهربانو ڪاڪا آهي. آئون سن ۱۹۶۸ع ۾ ڳوٺ سيراچون ڪاڪا اُن وقت جي ضلعي حيدرآباد ۾ پئدا ٿيس. مون پنهنجي ابتدائي تعليم جا چار درجا پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان پڙهيا ۽ سن ۱۹۷۶ع ۾ ڪراچيءَ اچڻ کان پوءِ تعليم حاصل ڪرڻ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿيو. تازو زيبسٽ ڪراچيءَ مان ايم ايس ايجوڪيشنل ليڊرشپ ۽ مئنجمينٽ ۾ ڪري، انسٽيٽيوٽ آف بزنيس مئنيجمينٽ مان پي ايچ ڊي شروع ڪئي اٿم. آئون سنڌ گورنمينٽ جي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ تحت هلندڙ مختلف ڪاليجن ۾ گذريل ٻارهن سالن کان پرنسپال جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهيان. سرڪاري ملازمت جي شروعات پرائمري اسڪول ٽيچنگ مان ڪئي، پوءِ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پرائمري اسڪول جي شروعات ٿي ته اوائلي استادن ۾ مان به شامل ٿيس. تنهن کان پوءِ ۱۹۹۴ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيم ۽ ساڳئي سال ليڪچرر ٿيس.


سوال_۲

جيستائين تعليمي شعبي جي چونڊ جو تعلق آهي ته مان چوندس چونڊ جهڙي عياشي غريب قومن جي ٻارن کي نصيب ناهي ٿيندي. جيئن ته منهنجو والد صاحب پاڻ استاد هيو وڏي عيال جي ذميداري مٿس هئي. تنهن ڪري مون کي به اهو شعبو چونڊڻو پيو. ماستريءَ سان گڏ وڌيڪ تعليم جو سلسلو به جاري رهندو آيو.

سوال_۳

سنڌ جي تعليم جي صديون نه ته به ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي پيل آهي. انجو اهم سبب انتظامي نا اهلي آهي، جنهن ڪري استادن ۽ اسڪولن جي مجموعي ڪارڪردگي جانچي نه پئي وڃي. نصاب ڪيترو به بهترين هجي پڙهائيندڙ استاد جي سچائي جي کوٽ ۽ قابليت جي گھٽتائي ان مان لاڀ وٺڻ نه ڏيندي. ٻي ڳالھ ته اسان جو نئون نسل شهرن ۾ خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيو آهي جتي انگريزي ۽ اردوءَ تي زور ڏنو وڃي ٿو پر اسان جا ٻار سنڌي نٿا پڙهن. مائٽن تي به اسڪول انتظاميه جو زور هجي ٿوته ٻارن سان اردو يا انگريزي ڳالهايو سنڌي نه، جنهن ڪري خالص سنڌي آواز جهڙوڪ ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڃ اُچارڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا. ائين شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. ڪئمپس اسڪولن جي نالي تي ننڍا ننڍا سنڌي ميڊيم اسڪول ضم ڪيا پيا وڃن جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي معدوميت جو خطرو آهي. تازو ميرٽ تي ٿيندڙ استادن توڙي هيڊماسترن جي ڀرتي هڪ اميد افزا قدم آهي. آئون يقين سان چوندس ته اهي سنڌ جي تعليم ۾ بهتري آڻيندا.

سوال_۴

سنڌ جي تعليمي سرشتي ۾ ڪنهن انقلابي تبديليءَ بدران جيڪڏهن موجوده سرشتي کي اثرائتو بڻايو وڃي ته بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا.

سوال_۵

سنڌ جي شاگردن ۾ ڪابه ڪوتاهي ناهي سواءِ هڪ جي اها آهي شارٽ ڪٽ جي ڳولها جيڪا حقيقت ۾ انهن کي هڪ ڊگھي ۽ اڻانگي رستي ڏانهن وٺي ويندي آهي. ياد رهي ته سڌي رستي تي هلڻ سان منزل جلد ملندي آهي.

سوال_۶

ادب ڏانهن لاڙي جو سبب گھر جو ادبي ماحول هو ٻاراتڻ ڪتابن ۽ اخبارن جي وچ ۾ گذريو. جڏهن ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري رهي هيس ته اڌ کان مٿي ڪورس جا ڪتاب منهنجا اڳواٽ پڙهيل هئا. منهنجو والد صاحب ٻن ناولن ۽ ڪيترين مختصر ڪهاڻين جو مصنف هو. تنهن ڪري ادب ۽ اديب اسان جي ذات جو حصو ٿي ويا. ادب ۾ منهنجن خدمتون ڪي خاص ناهن . سواءِ انجي ته مون پنهنجي والد صاحب جو ناول ڪندن ٻيهر ڇپرايو. پرنسپال جي حيثيت سان پنهنجي ڪاليج جو هڪ شاندار مئگزين جاري ڪيو. سنڌ جي مختلف ماڳن مڪانن تي سفرناما لکيا ته جيئن سنڌ اندر سير ۽ سفر ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائجي. ڪجه تعليمي ۽ سماجي نوعيت جون تحريرون به شامل آهن. جن کي هڪ ڪتابي شڪل ڏيڻ جي تياري ڪري رهي آهيان. تحقيق ۾ منهنجو موضوع سنڌي مادري ٻوليءَ جي تعليم متعلق آهي. مان سمجهان ٿي ته اسان جي ٻوليءَ کي ٻاهران خطرو گھٽ اندروني خطرو وڌيڪ آهي تنهن ڪري مادري ٻوليءَ جي سکيا تي زور ڏيڻ گھرجي.

سوال_۷

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سياست سان ڪا خاص دلچسپي نه رهي آهي. منهنجو ته اهو خيال آهي ته بلاول کي به شادي ڪري ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجي زندگي گھارڻ گھرجي.

سوال_۸

سنڌ جي عورت زندگيءَ جي هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهي آهي اهو يقينن سنڌي مرد جي ساٿ کان سواءِ ممڪن ناهي. اسان جي نوجوانن کي گھرجي ته پنهنجي ڀينرن ۽ نياڻين کي تعليم جي ميدان ۾ همٿائين انهن جو ڀرپور ساٿ ڏين اها قومي ۽ سماجي خدمت آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ مرد جي تعليم هڪ فرد جي تعليم آهي جڏهن ته هڪ عورت جي تعليم هڪ نسل جي تعليم آهي.

سوال_۹

سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ اڪيلائي ڪٿي آهي اڄ جو اڪيلو ماڻهو به هجومن ۾ ٿو گذاري. جي فرصت ملندي آهي ته آئون پنهنجي پاڻ سان ڪچهري ڪندي آهيان اهو منهنجو محبوب مشغلو آهي. زندگيءَ جا بهتر فيصلا انهيءَ فرصت جي لمحن ۾ ڪندي آهيان.

سوال _۱۰

گذريل وقت جون ڪيتريون ئي خاص ۽ فخر لائق يادگيريون آهن جن کي قلمبند ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي.

سوال_۱۱

ڪو خواب جنهن جي تعبير جي جستجو هجي؟

منهنجو ارادو سنڌمدرسته الاسلام جيان هڪ شاندار تعليمي ادارو قائم ڪرڻ جو آهي. جنهن لاءِ سخت محنت به ڪري رهي آهيان. اميد اٿم ته اهو خواب ضرور تعبير ماڻيندو.

 

(ذوالفقار نھڙيو جي فيسبڪ پوسٽ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا