شھربانو ڪاڪا
اديءَ سان ٿيل گفتگو
ذوالفقار نھڙيو
سوال_۱
منهنجو نالو شهربانو ڪاڪا آهي. آئون
سن ۱۹۶۸ع ۾ ڳوٺ سيراچون ڪاڪا اُن وقت
جي ضلعي حيدرآباد ۾ پئدا ٿيس. مون پنهنجي ابتدائي تعليم جا چار درجا پنهنجي اباڻي ڳوٺ
مان پڙهيا ۽ سن ۱۹۷۶ع ۾ ڪراچيءَ اچڻ کان پوءِ تعليم
حاصل ڪرڻ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿيو. تازو زيبسٽ ڪراچيءَ مان ايم ايس ايجوڪيشنل
ليڊرشپ ۽ مئنجمينٽ ۾ ڪري، انسٽيٽيوٽ آف بزنيس مئنيجمينٽ مان پي ايچ ڊي شروع ڪئي اٿم.
آئون سنڌ گورنمينٽ جي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ تحت هلندڙ مختلف ڪاليجن ۾ گذريل ٻارهن
سالن کان پرنسپال جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهيان. سرڪاري
ملازمت جي شروعات پرائمري اسڪول ٽيچنگ مان ڪئي، پوءِ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پرائمري اسڪول جي شروعات ٿي ته اوائلي
استادن ۾ مان به شامل ٿيس. تنهن کان پوءِ ۱۹۹۴ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيم ۽ ساڳئي سال ليڪچرر ٿيس.
