وفا حاڪم وساڻ
(ڀائرن جهڙو دوست خوبصورت شاعر - جنم ڏينهن مبارڪ)
دريا خان شنباڻي
مان ڪا وڏي ڊاڙ نه ٿو هڻان ته
منهنجا هي يار, هو يار يا هيترا يار. . . پنهنجا يار تمام ٿورڙا پر انهن ٿورڙن ۾ سڀئي
موتيء داڻا, انهن موتي داڻن ۾ هڪڙو داڻو وفا حاڪم وساڻ به آھي جنهن سان دوستي گهٽ,
ڀائري وڌيڪ آھي. اسان جي اها ڀائپي ننڍپڻ کان هلندي اچي جڏھن اسان مڊل اسڪول ۾ پڙھندا
هياسين, وفا حاڪم مون کان صرف هڪ سال جونئر. . . . مان ستين درجي ۾ پهتس ته عارب سولنگيء
۾ ڇهين درجي جي داخلا وٺڻ آيو. اسڪول ۾ مون کان وڌيڪ منهنجي ڳوٺائي ڇوڪرن سان گهڻي
دوستي هيس. انهن سان اٿي ويٺي ۽ گڏجي کائڻ پيئڻ هيس. هڪ ڏينهن منهنجن انهن ڳوٺاين
وفا جي دعوت ڪئي ۽ مان وفا کان اڳ دعوتي اوطاق تي پهتس ته ڏٺم هڪ کٽ تي سهڻي رليء
سان گڏ جهولن جهومڪن واري چادر ۽ مٿان کان هڪ خوبصورت وهاڻو رکيو هجي. ميزبان حد کان
زياده خوش ته سندن ڪلاس فيلو وفا حاڪم وساڻ پيو اچي ۽ ڀلا اهڙيون چادريون ڇونه وڇائجن.
وفا حاڪم جو گول چهرو, سهڻيون اکيون, مرڪ ان کان به وڌيڪ سهڻي ۽ سڀني سونهن کان وڌيڪ
سندس ڳالهائڻ ٻولائڻ ۽ ادب اخلاق جي بلندي رکندڙ حاڪم. . . . . تڏھن وفا ٻفا جو لقب
القاب ڪونه هيس جو هو لڪ ۾ شاعر ته هيو پر تخلص وغيره ڪونه رکيل هجيس. خير سان وفا
حاڪم وساڻ ميزبانن جي اوطاق پهتو ته خوشيء جي ڪا حد نه هئي, ميزبان اصل آسمان ۾
هجن, ۽ جڏھن سينگاريل کٽ تي حاڪم ويٺو ته ڪو وساڻ نه پر ائين ٿي لڳو ڪو سيد زادو
ويٺو هجي. گرمي به چئي اڄ نه هجان ته ڪڏھن هجان, سو مانيء کان پهريان خوب ڪچهري ۽
کل مزاڪ ٿي. چانھ. . ماني کانپوءِ مهمان کي پنهنجي گهر ڇڏي خيريت سان واپس وريا.
وفا ۽ اسان جو ڳوٺ ڏيڍ ٻن ميلن
جي مفاصلي تي آھي. ٿوري کڙڪ پئي ته حاڪم وساڻ شاعري ڪرڻ لڳو آھي سو ان بهاني مان پهريون
دفعو هڪ ڇوڪري سان گڏ ملڻ ويس ۽ اتي وياسين ته سندس والد صاحب به مليو, ڀائر مليا
۽ حاڪم مليو. حاڪم چانھ سان گڏ پنهنجي شاعري وارو رجسٽر به کڻي آيو ۽ سندس شاعري پڙھي
مزو ورتوسين. ان ڏينهن ٻڌايائين ته هن پنهنجو تخلص وفا رکيو آھي تڏھن شايد اسان نائين
ڏهين ۾ پڙھي رهيا هياسين.
بهرحال اهي ته آھن ننڍي لاڪون جون
ڪجھ يادگيريون ۽ وفا سان ته اهڙيون اهڙيون يادگيريون ۽ ڪچهريون آھن جو پورو هڪ ڪتاب
لکجي پر مختصرن هي ته, وفا صرف نالي جو وفا نه پر واقعي به وفا آھي, جنهن سان به
رکيائين ان سان نڀايائين ۽ جنهن سان به مخالفت ڪيائين ان جو ڪڏھن ٿيندو ئي ناهي. وفا
جيترو پنهنجو پاڻ کي ڏٺو آھي ان جي ڪجھ حصي جيترو مون به ڏٺو ۽ پرکيو آھي.
وفا هينئر ڇهن ڪتابن جو ليکڪ ۽
هر ڪتاب آڻڻ کان پهريان هن فقير سان صلاح مشورو ضرور ڪندو آھي نه صرف ڪتاب ڇپائڻ تي
پر زندگي جي ٻين ڪارگذارين لاءِ به مون ناچيز کي ناهي وساريندو. پوءِ اهي ڪي ادبي ڪم
يا پروگرام هجن يا عام زندگيء جا ڪي مسئلا مسائل.
مون کي ته جيئن ڀاءُ ڪري سڏيائين
ته ڀائرن جيان نڀايائين به سهي. چار پنجن ڏينهن جي وٿي به ٿي ويندي ته يا پاڻ ايندو
يا مون کي گهرائي وٺندو ۽ پوءِ مان هوندو آھيان ۽ وفا. . . . . ڳالهيون ئي ڳالهيون.
پاڻ تمام گهٽ ڳالهائو ۽ توڙي جو
ٽيتالهين چوئيتاليهين سال ۾ داخل پر مُرڪ سندس اهڙي جو ڄڻ ڪو ٻار مسڪرائي رهيو هجي.
۽ ان مسڪرائڻ پٺيان جيڪي ڏک ۽ درد سمايل آھن انهن جي خبر جڳ جهان کي گهٽ پر مون کي
خبر چار ته يار ڪهڙن مرحلن منجهان گذري رهيو آھي.
خوددار اهڙو جو بک تي ويٺو هجبو
پر هٿ ڪنهن اڳيان ڪونه ٽنگبو. . . . توڙي جو سندس ڪميونٽيء ۾ صفا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ غريب
پر هو انهن ايڪڙ ٻيڪڙن جي صف ۾ اچي ٿو.
وفا حاڪم ان ئي خودداري سبب نه
ته ڪا نوڪري وٺي سگهيو ۽ نه ڪو سٺو گهر نه ڪا سرڪاري بنگلو يا اوطاق. سندس اوطاق
به ان اسڪول ۾ آھي جنهن اسڪول مان سندس گهر جو گاڏو گهلبو رهجي ٿو. ان گهل گهلان ۾
پوءِ ياريون باشيون نڀائيندو وتندو آھي. پروگرام اٽينڊ ڪندو رهندو آھي.
بس آخر ۾ هي دعا ته "تو سان
منهنجي سهڻل سائين شل رهجي اچي!"
اڄ سندس جنم ڏينهن آھي کيس کوڙ ساريون
مبارڪون هجن.
(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱
جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
وفا حاڪم
شاعريءَ جي آڪاس تي چنڊ
جيان چمڪندڙ شاعر
ناشاد شوڪت شنباڻي
سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ ڪيترائي
شاعر ۽ تخليقڪار پيدا ٿيا آھن، جن پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي اندر جي، پنهنجي
ديس ۽ ديس واسين جي ترجماني ڪئي آھي، شاعريءَ ۾ شاعر پنهنجي احساساتي وجود کي اهڙي
طرح اظهاريندو آھي، جيڪو جڏهن هڪ حساس دل پڙهندڙ ڇو ته حساس دل انسان ئي تخليقڪار
جي ٻولي سمجهندو آهي ۽ ان تائين پهچندو آهي ته سندس اکين ۾ اظهاريل شعرن جي منظرن
جا چٽا عڪس اچي ويندا آھن ۽ پڙھندڙ جي مٿان عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي، شاعري
رومانس ۾ اهڙي رنگجندي آهي جو جڏهن کيس پڙهبو آھي ته يادگيرين جي سمنڊ ۾ دل تڙپڻ ۽
ٻڏڻ لڳندي آھي، شاعري ديس سان محبت ۽ پنهنجي وطن جي محبت ۾ سرشار هوندي آهي، شاعر ڪڏهن
به ڪٿي به پنهنجي احساس ۾ سخت ناهي ٿيندو پر جڏهن هو ڪنهن مظلوم جي چيخ ٻڌي ٿو ته
هن جي اندر جا احساس هماليه جي جبل کان به وڌيڪ مضبوط ۽ سخت ٿيندا آھن ظالم جي ظلم
خلاف شاعر نالو ئي حساس دل ماڻهوءَ جو آھي، اندر جي احساسن کي هڪ تخليقڪار ئي سهڻي
نموني اظهاري سگهندو آهي جنهن وٽ ڏات ڏانءُ پنهنجي ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ سڀاءُ
موجود هوندو آھي ته اُهو شاعر پنهنجي تخليقي سفر ۾ ڪٿي به ٿڪجندو ناهي نه ئي
مايوسيءَ جهڙي ڪفر کي پنهنجي ذهن تي اچڻ ڏيندو آھي، هڪ شاعر ئي هڪ تخليقڪار ئي ته
هڪ نئين زندگيءَ جو ڍنگ پنهنجي ادبي ٻوليءَ ۾ سمجهائيندو آھي. شاعر ڏات سان جڙيل
آھي ۽ ڏات ڏانءَ جي رنگ سان جڙيل آهي، شاعر وٽ جيڪڏهن اهي ٻئي فن آهن ته هو ڪٿي به
ڪڏهن به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي ناهي ڇڏيندو نه ئي سندس قلم مان ڪا غير
معياري تخليق لکبي آھي. اهڙو ئي هڪ خوبصورت شاعر ۽ هڪ تخليقڪار جنهن کي مون جنهن ڏينهن
کان پڙھڻ شروع ڪيو آهي ته ان کي دلين جو ترجمان شاعر سمجهيو آهي، هو نه اجايو لکندو
آھي نه ئي اجايو سندس تخليق ۾ ڊيگھ ڪندو آھي، ڇو ته اُهو سندر تخليقن جو مالڪ سنڌ
جو سڀاڳو سخنور وفا حاڪم وساڻ آھي.
اي خدا تنهنجي در هيءَ دعا ٿو
گهران،
ٻيو نه ڪجھ ڀي، فقط دلربا ٿو
گهران.
مان به انسان هان خواهشون کوڙ هن،
تون ته آهين سخي مان سخا ٿو گهران،
حسن جو هو ته حاڪم رهيو آ رهيو،
پيار ۾ آءُ هن کان، وفا، ٿو
گهران.
سائين امداد حسيني ڪٿي لکيو هو
ته،
”هڪ شاعر جو اوجاڳو جُوءِ کي جاڳائڻ
لاءِ آھي شاعر جي جيئڙي کي جس ٿو ڏجي پر مان هر ان شاعر کي جس ٿو ڏيان جيڪو پنهنجي
ذميواريءَ کي سمجهي نباهي ٿو، شاعر راتيون جاڳي ڪرڻا ڪرڻا شاعري ٿو تخليقي جيڪا ڏيھ/
ڏيهين تي ڏينهن بڻجي اجاگر ٿئي ٿي ۽ اهو سڀ عشق کان سواءِ ممڪن ناهي“.
سائين امداد حسينيءَ جي ڳالھ جيڪڏهن
وفا حاڪم جي تخليقن کي پڙهي سامهون رکجي ته وفا هِن ڳالھ تي بلڪل پورو آھي ته هو
راتيون جاڳي ڪرڻا ڪرڻا شاعري ٿو ڪري جيڪو ڪٿي به پنهنجي تخليقن ۾ کٽل ناهي پر هو
ته شاعريءَ جي وسيع دنيا ۾ هڪ خوبصورت چمڪندڙ ستاري جيان من کي روشن ڪندڙ شاعر
آهي.
دوست! تنهنجي اچڻ جو دلاسو هئو،
من اندر منهنجو تو لاءِ تاسو
هئو.
رات ڀر هن وٺا نيڻن بادل جيان،
ديس دل جو مگر پوءِ به پياسو هئو.
ڪجھ شاعر پنهنجي تخليقن ۾ ڏاڍا
سگهارا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي وجود جي درد کان وٺي پنهنجي سماج پنهنجي ديس کان
ويندي دل جي ديس تائين پهچي ويندا آهن ۽ اهڙو دلي اظهار پيش ڪندا آهن جو اکيون
انهيءَ اظهاري محبت کي پڙهي ڪجھ نمي وينديون آھن.
ديس دل جو مگر پوءِ به پياسو
هئو.
پياري وفا حاڪم کي تخليقي سفر ۾
ويهارو سال کن ٿيا هوندا شايد ان کان به مٿي پر سندس لکيل پراڻا دلي خيال به ڄڻ نواڻ
۾ اهڙا ته سرشار هوندا آهن جو لفظ ساھ ۾ سڳنڌ بڻجي روح کي راحت بخشيندا آھن وفا
پنهنجي شاعراڻي خيال ۾ ڏاڍو سگهارو آھي سندس شاعري وسيع ۽ سھڻن رنگن سان جوڙيل ھڪ
حسِين محلات جو ڏيک ڏيندي آھي جنهن محلات ۾ دل رهي ڪري کن پل لاءِ پنهنجي وجود جا
سارا ٿڪ وساري ويهندو آھي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا