; سنڌي شخصيتون: وفا حاڪم وساڻ، دريا خان شنباڻي، ناشاد شوڪت شنباڻي،
Showing posts with label وفا حاڪم وساڻ، دريا خان شنباڻي، ناشاد شوڪت شنباڻي،. Show all posts
Showing posts with label وفا حاڪم وساڻ، دريا خان شنباڻي، ناشاد شوڪت شنباڻي،. Show all posts

15 April, 2023

وفا حاڪم وساڻ

وفا حاڪم وساڻ

(ڀائرن جهڙو دوست خوبصورت شاعر - جنم ڏينهن مبارڪ)

دريا خان شنباڻي



مان ڪا وڏي ڊاڙ نه ٿو هڻان ته منهنجا هي يار, هو يار يا هيترا يار. . . پنهنجا يار تمام ٿورڙا پر انهن ٿورڙن ۾ سڀئي موتيء داڻا, انهن موتي داڻن ۾ هڪڙو داڻو وفا حاڪم وساڻ به آھي جنهن سان دوستي گهٽ, ڀائري وڌيڪ آھي. اسان جي اها ڀائپي ننڍپڻ کان هلندي اچي جڏھن اسان مڊل اسڪول ۾ پڙھندا هياسين, وفا حاڪم مون کان صرف هڪ سال جونئر. . . . مان ستين درجي ۾ پهتس ته عارب سولنگيء ۾ ڇهين درجي جي داخلا وٺڻ آيو. اسڪول ۾ مون کان وڌيڪ منهنجي ڳوٺائي ڇوڪرن سان گهڻي دوستي هيس. انهن سان اٿي ويٺي ۽ گڏجي کائڻ پيئڻ هيس. هڪ ڏينهن منهنجن انهن ڳوٺاين وفا جي دعوت ڪئي ۽ مان وفا کان اڳ دعوتي اوطاق تي پهتس ته ڏٺم هڪ کٽ تي سهڻي رليء سان گڏ جهولن جهومڪن واري چادر ۽ مٿان کان هڪ خوبصورت وهاڻو رکيو هجي. ميزبان حد کان زياده خوش ته سندن ڪلاس فيلو وفا حاڪم وساڻ پيو اچي ۽ ڀلا اهڙيون چادريون ڇونه وڇائجن. وفا حاڪم جو گول چهرو, سهڻيون اکيون, مرڪ ان کان به وڌيڪ سهڻي ۽ سڀني سونهن کان وڌيڪ سندس ڳالهائڻ ٻولائڻ ۽ ادب اخلاق جي بلندي رکندڙ حاڪم. . . . . تڏھن وفا ٻفا جو لقب القاب ڪونه هيس جو هو لڪ ۾ شاعر ته هيو پر تخلص وغيره ڪونه رکيل هجيس. خير سان وفا حاڪم وساڻ ميزبانن جي اوطاق پهتو ته خوشيء جي ڪا حد نه هئي, ميزبان اصل آسمان ۾ هجن, ۽ جڏھن سينگاريل کٽ تي حاڪم ويٺو ته ڪو وساڻ نه پر ائين ٿي لڳو ڪو سيد زادو ويٺو هجي. گرمي به چئي اڄ نه هجان ته ڪڏھن هجان, سو مانيء کان پهريان خوب ڪچهري ۽ کل مزاڪ ٿي. چانھ. . ماني کانپوءِ مهمان کي پنهنجي گهر ڇڏي خيريت سان واپس وريا.