; سنڌي شخصيتون: جي اين مغل

30 April, 2023

جي اين مغل

جي اين مغل

بهادر ۽ سٻاجھڙو صحافي

نثار بالادي



ٿيندو ائين آيو آھي ته جڏھن ڪو قلمڪار، چترڪار، فنڪار استاد يا ڪا سماجي/ سياسي شخصيت اسان کان موڪلائي وڃي ٿي، تڏھن اسين انهيءَ جي نانءُ ڪا تقريب ڪوٺائي سندس باري ۾ سارڻيون ساري سندس چڱن ڪمن تي ويچار ونڊيون ٿا، اھو به ڀلو عمل آھي پر پريس ڪلب حيدرآباد ۽ يونين آف جرنلسٽ حيدرآباد جي ساٿين تاريخي قدم کڻندي جيڪو سلسلو شروع ڪيو آھي ته انهن مهان شخصيتن، جن جو صحافتي، سماجي، تاريخي، ثقافتي ۽ جهموري ڪردار انسان دوست، عوام دوست رھيو آھي، تن ڪردارن کي سندن زندگيءَ ۾ روبرو مدعو ڪري، سندن سڄي ڄمار جي پورھئي، انھيءَ ۾ ثابت قدمي، سچائي ۽ بهتر جاکوڙ تي کين ڀيٽا پيش ڪجي. اھو ساراھڻ جوڳو ۽ سڀني لاءِ اھڙي عمل تي اڳڀرائي ڪرڻ جي واٽ جي آگاھي وارو قدم آھي. يقينن ٻين کي به اڳتي وڌي پنهنجن شھرن ڳوٺن ۾ اھڙن مانوارن ڪردارن کي مدعو ڪري کين روبرو محبتن، پيار، خلوص ۽ قربتن جي ڀيٽا ڏيڻ گهرجي.


جيئن، سنڌ ڇا بلڪ پوري دنيا ۾ پنهنجي صحافتي ڪردار ڪري سنڌ جو اڻموٽ، بهادر ۽ سچار صحافي ساٿي جي اين مغل مشھور و مقبول آھي. شايد ئي انهيءَ مقام تي ڪو پهچي؟ جي اين مغل ھڪ غريب ڪٽنب جو ڀاتي، سنڌ جي مٽياري شھر جو رھواسي، جنهن جي بهتر تعليم و تربيت ٿيل ھجي، اھو ڪا سڻڀي نوڪري بدران ان دور ۾ ”صحافت“ کي پنهنجي منزل ۽ مشن بنائي، جڏھن اليٽرانڪ ميڊيا جو اھڙو اوج ڪونه ھو، خلق پرنٽ ميڊيا کي ئي معتبر آگاھي ۽ پنهنجي ڏکن تڪليفن جو آواز سمجهي، مڪمل اعتماد ڪندي ھئي. اڄ واري صحافت ڪانه ھئي، جنهن ۾ بنا تعليم جي ھرڪو صحافي بنجيو وڃي (معذرت سان) گهر ويٺي ڪنهن جي به ڪمپوز ڪيل خبر رڳو ڊيٽ لائين تبديل ڪري پنهنجي نالي سان وڌ ۾ وڌ زير زبر اٿلائي پٿلائي ڪم ٽپايو ڇڏين، پر جي اين مغل ۽ ان دور ۾ ڪيترائي صحافي ساٿي جيڪي بنا ڪنهن رنگ نسل ذات پات واري متڀيد جي بنا خوف خطري جي، خلق لاءِ لکندا آيا. کين ڀلي اڄ وانگيان آرامده سهولتون نه مليون ھجن، پر سندن پورھيو ۽ ڪم کين قدم قدم تي اھو احساس ۽ يقين ٿو ڏياري ته انهن پنهنجي صحافتي ڪم سان سچائي رکي، جو اڄ به خلق ۾ انهن لاءِ عزت ۽ احترام آھي. مون لاءِ اھو وڏو اعزاز آھي ته مون فقير جو صوفي منش باڪردار جاکوڙيندڙ صحافيءَ سان ۱۹۷۱ کان تعلق رھندو اچي. کيس تمام ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو. تمام مختلف ۽ منفرد، پيار ڪندڙ، سکيا ڏيندڙ، درويش صفت، تمام وڏو ماڻھو ڏٺم. جڏھن ڪراچيءَ مان نڪرندڙ سگهاري سنڌي اخبار جو ڪراچيءَ ۾ اسٽاف رپورٽر ھو ته مان به انهيءَ اخبار جو سانگھڙ ضلعي جي تعلقي شھدادپور جو رپورٽر ھوس ۽ وقت به وقت ڪراچي آفيس وڃڻ ٿيندو هو ته مغل صاحب سان نياز نوڙت ٿيندي ھئي. مان ساڻس گڏ ڪراچي پريس ڪلب ويندو ھوس ته مغل صاحب ڪي ايم سي (ايم اي جناح روڊ) کان ڪراچي پريس ڪلب پنڌ هلندو ھو. چوندو ھو پنڌ ڪرڻ بهتر آھي. مان به خوشي خوشي ساڻس گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ان دور ۾ بين القوامي شخصيت مرحوم منهاج برنا صحافين جو ھيرو بنيل ھو، جيئن اڄ اسان وٽ پنهنجو لالا رحمان پنهنجي ڪردار، مسلسل سچائين، تجربن جي اعتماد ڪري صحافين لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ آھي، تيئن ئي منهاج برنا ان دور ۾ نه رڳو ڪراچي، بلڪ پاڪستان سطح تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جو روح روان رھيو. مان ڏسندو ھوس ته مغل صاحب کي منهاج برنا تمام گھڻي عزت ڏيندو ھو. اھوئي سبب ھو جڏھن آمريت جي خوفناڪ اونداھي دور ۾ اخبارن تي سينسرشپ ۽ صحافين لاءِ جرنل ضياءَ زمين تنگ ڪري ڇڏي، تڏھن سڀ کان پهريائين ڪراچي پريس ڪلب مان اظھار جي آزاديءَ تي بندش خلاف پوري ملڪ جي باشعور صحافين، ڪراچي پريس ڪلب کي مورچو ٺاھي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ چئن چئن جي جٿي ۾ صحافين بک ھڙتال ڪندي گرفتاريون پيش پي ڪيون. انهيءَ انتظامي ڪميٽيءَ تي جي اين مغل صاحب شامل ھو. مون به سانگھڙ ضلعي مان مرحوم الياس ابڙي سان گڏجي گرفتاري پيش ڪئي. مغل صاحب انهيءَ تحريڪ جو نمايان ڪردار ھو. ھيءَ جا اظھار جي آزادي آھي، انهيءَ ۾ صحافين جو تمام اھم ڪردار اڀري سامهون آيو. جھڙوڪ اھا تحريڪ ان مارشلا خلاف اڳتي ھلي جمهوريت لاءِ جاکوڙ جو رستو بنجي وئي. انهيءَ کانپوءِ سياسي سماجي ۽ پورھيت مزدور تنظيمن به اڳڀرائي ڪئي. جيل، ڪوڙا، پوليس تشدد لاٺي چارج سان به صحافي ڪونه ڊنا. ريگل چونڪ صدر جي چونڪن تي آمريت خلاف نعرا صحافين لڳائي پوليس تشدد برداشت ڪندي جيڪا قوم کي آگاھي ۽ واٽ ڏني، اڄ جيڪا نالي ماتر جمهوريت آھي، اھا ملڪ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ صحافين جي جدوجهد جو ثمر آھي. ان دور ۾ بين الاقوامي ميڊيا ئي ثبوت ھئي، انهي لازوال تاريخي جدوجهد جو ڪردار جي اين مغل آھي، جنهن جڏھن ڏٺو ته ڪراچي واري اخبار کي زوري ٽرسٽ ۾ آڻي، ان ۾ آمريت جو راڳ شروع ڪرايو ويو آھي ته اتان نڪري وري لاھور مان نڪرندڙ روزاني انگريزي اخبار فرنٽيئر پوسٽ لاءِ سموري سنڌ جو بيورو بنجي واهه جو قلم جا جوھر ڏيکاريا. مان به انهي اخبار جو سانگھڙ ضلعي مان ضلعي رپورٽر طور مغل صاحب جي اعتماد ڪري ٿيس، جڏھن مرحيات ڄام صادق عليءَ جي وڏ وزارت جو دور سموري سنڌ لاءِ جيل بنيل هو، سانگھڙ ضلعو ته ڄام جو گهر هو، جتي چڱن ڀلن جا پٽڪا پئي لاٿا ويا. اتي فقير رپورٽنگ ڪندي مٿو ڦاڙائي ويٺو. ضمني چونڊن ۾ شفيع ٻجوري مرحوم ۽ ٻين سان ٺيڪ ٺاڪ تشدد ٿيو، ان دور ۾ ڄام صادق علي جو ڀٽ شاهه ريسٽ ھائوس تي پريس ڪانفرنس دوران ذري گھٽ جھيڙو ٿيندي بچيو. ڄام کي اسانجي سامهون جي اين مغل ست سريون ٻڌايون. ڄام زھر جا ڍڪ پي، جي اين کي منٿون ڪرڻ لڳو. ڄام جنهن ڪيترن کي لک پتي بنائي ڇڏيو، تنهن گھڻي ئي هن يگاني مستاني صحافيءَ کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي، لٺ ۽ چٺ ڏيکاري، پر جي اين مغل الائي ڪھڙي مٽيءَ جو ٺھيل ھو؟ اصل پانڌ ڪونه پسايائين. اسانکي اھڙن اَملھ صحافين جي نقشِ قدم تي ھلڻ گهرجي.

اسين جي اين مغل کي تاريخ سمجهون ٿا ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي ساٿين کي سرخ سلام، جن جي اين مغل کي مانُ ڏيندي پوري صحافتي راڄ لاءِ آگاھي ڏني آھي. اچو پنهنجن ھيروز جو قدر ڪيون، کين جيئري مانُ ڏيون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا