ج ع منگھاڻي
سنڌي ٻوليءَ جي
منفرد ليکڪا
مير حاجن مير
سنڌي ادب جي ماضي توڙي حال ۾
عورت اديبائن جو ڪردار شاندار رهيو آهي. هنن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ معاشري ۾ ڏکين
حالتن کي منهن ڏئي. سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي. بلاشڪ عورت ليکڪائن ادب لاءِ جبل
جيڏو ڪم ڪيو آهي. اهڙين ليکڪائن ۾ محترمه ج ع منگهاڻي صف اول جي ليکڪا آهي. جنهن ڪنهن
خاص ادبي پروگرام ۾ شرڪت هڪ اڌ ڀيرو ڪئي هوندي. گهڻو تڻو ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان
پاسيري رهي آهي. هوءَ روشن خياليءَ جي دنيا جي مالڪ آهي ۽ لطيف جي ڊڪشن جي معنويت
تي مڪمل عبور رکي ٿي ۽ عقليت پسند ليکڪا آهي.
هوءَ نه رڳو شاعره آهي پر هوءَ ڪهاڻيڪاره،
ڪوهستان جي ٻوليءَ جي ڄاڻو، ناول نگار، مضمون نگار ۽ لطيف سرڪار جي شارح پڻ آهي،
سندس ڪتاب، ”مانجو ڪوهستان“ جي ٻولي، اعليٰ شاهڪار جو هڪ زنده مثال آهي، هوءَ سٺي
نثر نگار سان گڏ سُٺي شاعره به آهي. سنڌ ۾ سندس لکڻ جو ڏانءُ منفرد آهي. سندس نثر
جا چند ٽڪرا هيٺ ڏيان ٿو:
”ٿوري ۾ خوش، نه هئه نه کئه، نه
وَٺ نه کُوند، نه هُڻُ دُنبُڻُ، نڪو ٺَٽُ ٺنگر، نڪا ٽٽ ٻَٽاڪ، نڪا جَتِ پَتِ، نڪا
وٽن امونگڙو (بيحد گهڻو) نه هوندو پر ڏيک اهڙو ڏيندا جو سندس اڳيان هوند هستيءَ
(پيسي وارا) وارو هينمائي (جرئت ڪري) نه سگهندو. ڀلي ڪو پاسنگ (شاهوڪار) گهر جو ٽشينگُ
(ٻٽاڪي مڙس هجي).“
”ماٺيڻا اهڙا جو وٽن ويهه ته ڪن
پيا شونشڙاٽ ڪندا، گهڻي هُلَ ۽ اجائي بَڪَ سان ڪو نه پوين ڳالهائين ته اکر توري تڪي
ڳالهائين. ميڙي سيڙي، ايڙ ميڙ جا اکر گڏي سڏي اڍون (ڍڳ) ڪو نه ڪن، باقي ڪچهريءَ جا
ڪوڏيا. اوجاڳي جا پڪا، وِهَڪ جا ڏاڍا، (مضبوط) ڪانڀون ڪڍي وهن ته سج اڀاري ڇڏين.“
”جبل ۾ طبيب ۽ حڪيم جو ڌار تصور
ڪونهي. نه ئي جبل ۾ طبي وبا ۽ حڪمت بابت ڪي ڪلاس ٿيندا آهن. يا ليڪچر ڏبا آهن. جبل
جا ماڻهو پاڻ ئي پنهنجا ويڄ طبيب آهن ستيون، ڦڪيون، پٽيون پاڻ ڪن. لطيف چواڻي، پاڻ
ئي ٻڌن پٽيون، پاڻ ئي چڪيا ڪن. مصداق، جواڻ، سُڪو ليمون، کٽا ڏاڙهون، سونف، سُن مڪائي،
چمبر ڪاٺي، نوشادر، وهرُ، وَڏف، سڪ اٺانگڙا، ايريال، جَلَ، ڦلَ، ايجڻيون، سڪي سُنڍ،
ڪريا تَو، سونا، سُڪا ڦودني پن، اُر، جَئور ٽڪي، سِنهار، پٽ کٽالي، حسين ٻوٽو، اڇو
زيرو، ڪَپُئي، بوئي مادُر، موريءَ ٻج، مصري ٻاٻريچي، ڪَئو جا پن، هِنڱ، هنجو، مورتا
سنگ، مُنڍيري، ڪڙمت، اهي سڀ سندن دوائون، سُتيون، ڦِڪيون، پنيون ۽ پٽيون آهن.“
”نظر نهار تائين ڏسبو ته ڪو جبل
تي تر ۾، ڪو چوٽيءَ تي، ڪو اڌ ۾ ڪو کڏي کوٻي، کانٽي، ڪَورَ، ڪَپَر اَڏَ، جهڏ، ڏر، ڏرڙ
۾ ڏٿ ميڙيندي نظر ايندو، جِتِ (جتي) پير پير اڳيان، ڳاڱا، ڳاڱيون، پيرون، چڀڙ، اٺانگڙا،
ريبڙ، جهنگولا، وَهَر، پڇرا، مُڍيريون، ڪِڙِمَت، ڪرياتو، گيدوڙا، ڪونريون، جهنگ،
بصر، ليهاد، کٽاليون، ٻير، ڪو ڍير، مونگها، ڦنگيون، پِنبِر، ڏونرا، واڙيل، هنجهو،
هزار داڻي، حُسين ٻوٽو، مُڪ، سنگوٽيون، پٽ ڪنوار، سول، ايريال، انجير، گولون،
لُلرُ، لاڻو، مليرو گهوگهيٽا، ڍُنگڻي، چيچن، سِنگريون، ٻَرڙو، پونگرو، مزليون، مريڙو،
زَهَمَر، گولاڙا، واهَو، هرڙو سِنهارُ، ڊاک، ڏڌَر، ٽانڪاري، کنڀون، ڍامڻ، ڊپَ،
کنبَ مانڌاڻو، ٽوهه، لاڻي، الله جي ماني، آهر... پر هر هڪ نعمت مان جبل اندر توڙي ٻاهر
ڀريو بيٺو هوندو.“
مانجو ڪوهستان ۾ ڪردار سڀ
مانائتا آهن، سڀ ڪردار هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. پر ج ع منگهاڻي هڪ متنازعه ڪردار
دادلي گڊي تي خاڪو لکي سچ پڇو ته دادلي گڊي کي زنده ڪري ڇڏيو آهي. هڪ سنڌي ليکڪا
اهڙي ڪردار تي لکي وڏو ڪمال ڪيو آهي.
”شاعر اصل ۾ ادبي دنيا جا خاص
نمونا هوندا آهن. سندن حال تي ڇڏي ڏيڻ کپي، ڇو ته مٿن اهڙا معيار ڪو نه ٺهن جن تي
عام ماڻهوءَ کي پرکيو ويندو آهي.“ محترمه ج ع منگهاڻي جي شاعري خوبصورت، من موهيندڙ،
دل کي ڇُهندڙ ۽ اتساهيندڙ آهي. سندس شاعري ۽ روانگي اهڙي آهي ته ڄڻ ڪو درياءُ
وهندو هجي.
جلان ٿي آئون جلي ٿو بدن،
سموري سچائي سلي ٿو بدن،
مُنگهاڻي جو همدرد ۽ هم مزاج،
مُنگهاڻي سان گڏجي هلي ٿو بدن. (منگهاڻي)
سنڌ جو نامور شاعر، نقاد ۽
ماهوار سوجهري جي ايڊيٽر تاج بلوچ سنڌي شاعري بابت لکي ٿو؛
”جمالياتي شاعري کي مون هڪ سهڻي
۽ من موهڻي عورت جي ڳهن جي صورت ۾ پئي ڏٺو آهي. ’هڪ سٽو‘ مون کي سدائين عورت جي نڪ
جي ڪوڪي جيان محسوس ٿيو آهي. ’غزل‘ کي مون هُن جو بولو سمجهيو آهي. ’دوهو‘ هن جي ڪنگڻ
جيان، نظم هن جي هار مثال، ’ترائيل‘ هن جي پيرن جي پازيب جيان ۽ وائي مون کي سريلي
لهجي واري عورت وانگر لڳي آهي.“
ج ع منگهاڻي جا طويل غزل چانڊوڪيءَ
جيان روشن ۽ سندر آهن. سندس شاعري جي اڏام دور رس تائين آهي. سندس شاعري وارو سفر
ميرو يا هليل رستي وارو نه آهي نڪور آهي.
ڳالهه
مرڪي تو وڇوڙي جي ڪئي،
ريل ڪا
ڄڻ دل مٿان گذري وئي.
پياس ڪيڏي
اُتاولي آهي،
ڇا
هِتي ڪو ڪلال ڪونهي.
سنڌ ۽
سنڌيت هن جي فڪر جا سرچشما ۽ اهم موضوع طور رهيا آهن،
سنڌ
سان مضبوط ڪيئي سڱ آهن ساهه جا،
سنڌ
سان ليڪن ڪئي مون عاشقي ڀي مختلف.
*
سنڌ ڏاڍي
آ مٺي، ڏاڍي مِٺي،
سنڌ ڏاڍي
آ مٺي جهونگار جي.
*
تون نه
ٿو ڄاڻين سگهين، ڌوتا ڪڏهن،
هن مٽيءَ
جا معجزا ۽ ڪرشما،
*
ڏس ڪراچي
وينتيون پيئي ڪري،
ور ڪراچي
ڏي وري تون مورڙا.
محترمه ج ع منگهاڻي صاحبه جا
ماھوار سوجهري ۾ لکيل ايڊيٽوريل به دلچسپ، کرا، سچا ۽ حقيقي آهن. جيڪي هيئين سان
هنڊائڻ، سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جهڙا آهن.
هن وقت تائين محترمه جا گهڻا ئي
مشهور ڪتاب جهڙوڪ: (۱) پتنگ
پويان ڊوڙ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۸۷ ۱۹۸۶ع، (۲) خوابن جا ايوان (شاعري) ۱۹۹۹ع، (۳) ڇپر ڪين ڏي (تحقيق) ۲۰۰۲ع، (۴) رولاڪ خواب (شاعري) ۲۰۰۶ع، (۵) شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي
جائزو (تحقيق) ۲۰۰۶ع، (۶) رُڃ (ناول) ۲۰۰۶ع ۽ (۷) مانجو ڪوهستان (خاڪا) ۲۰۱۴ع کٿوري
۽ خوشبو ۲۰۱۷ع.
کٿوري ۽ خوشبو منگهاڻي صاحبه جو
شاهه لطيف تي تحقيقي مضمونن جو ڪتاب آهي. اهي مضمون پڻ شاندار آهن، لطيف جي حوالي
سان بيحد ڄاڻ ڏيندڙ آهن. هن وقت محترمه شاهه عبداللطيف جو رسالو به ترتيب ڏئي رهي
آهي.
محترمه ج ع منگهاڻي پنهنجي ڪتاب،
’شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو‘ ۾ لکي ٿي، ’لسٻيلي ۽ ڪوهستان ۾ گهاٽي جي معنيٰ
’گهڻو‘ آهي. اهو لفظ واقعي ڪوهستان ۾ انهيءَ معنيٰ ۾ آهي. پر اسان وٽ ڇِڊي جو ضد
گهاٽو آهي.
جملو: ”گهاٽو ٺاهجان، مهمان ائين نه چون ته شربت ڇڊو
پيارئون.“
جملو: ”ماکيءَ جو مَڌ گهاٽو هوندو آهي جنهن ۾ ليهءِ
به ٿئي ۽ مٺاڻ به ٿئي.“
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ لفظن جون
معنائون مختلف ڪڍيون (ڳالهايون) وڃن ٿيون. منگهاڻي صاحبه ڪوهستان ۽ لسٻيلي جي ٻولي
جي وڏي ڄاڻ پروڙ رکي ٿي.
پنهنجي تَر جي ٻولي جي ادراڪ
کيس ٻين عالمن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ معتبر بڻائي ڇڏيو آهي. هن سنڌ جي اڳوڻن ڀٽائي جي
شارحن ۽ عالمن جهڙوڪ: شوقيرام، قليچ بيگ، گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي،
علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان انصاري، ٻانهي خان شيخ ۽ ٻين شارحن جي پورهئي کي ڪوهستان
جي هلندڙ عهد ۾ به مروج ٻوليءَ سان ڀيٽيندي اصل ڪم کي آڏو آندو آهي. هوءَ غزل جي وڏي
شاعره آهي. هن جي غزل جي غنائيت ۽ لفظن جي رعنائي انتهائي جديد صوتي آهنگ جو زنده
مثال آهي ۽ ساڳي طرح نثر به سنس شاعراڻو، فصيح ۽ اعليٰ پائي جو آهي. نقادن جو چوڻ
آهي، ’پنهنجي ليکي لفظ جي ڪا معنيٰ ڪونهي. پر هڪ اعليٰ فنڪار پنهنجي وجداني ۽
تخليقي سوچن سان لفظن ۾ نئون ساهه ڀريندو آهي ۽ معنيٰ جا ڀنڊار لوڪ کي آڇيندو آهي.
جيڪي اڳتي هلي ادبي ميراثي بڻجي پوندا آهن.‘
منگهاڻي صاحبه، جو تحقيقي ڪم
هجي يا تخليقي عمل. هو ٻولي ۽ وجداني سطحن جي پارکو هجڻ جي اتي سان پنهنجي تخليقي
عمل کي ايڪسٽرا سينسري پرسيپشن جو مقام ڏياري ٿي.
’رولاڪ خواب‘ ۽ ’خوابن جا
ايوان‘ هن جا ٻه بليغ شعري مجموعا آهين. ’ڇپر ڪين ڏي‘ ۽ ’شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي
جائزو‘ ڀٽائي جي لسانيات بابت بي مثال ڪم آهي. ’رُڃ‘ سندس ڪلاسڪس ۾ شمار ٿيندڙ
ضخيم ناول آهي، جيڪو انساني معاشري ۾ ڪردارن جي چونڊ واري مجبوريءَ ۽ نتيجن کي
قبول ڪرڻ لاءِ هڪ خوصورت دستاويز آهي.
شاهه لطيف سنڌ جو ڀاڳوند شاعر
آهي، جنهن تي گهڻي ۾ گهڻو لکيو ويو آهي. شاهه جو فن فڪر پراڻو ٿيڻ وارو ناهي،
صديون گذرڻ کان پوءِ به نون جو نئون رکيو آهي. سندس خيال جي اُڏام ۽ فن جي پُختگي
کي هن وقت تائين ڪو ٻيو سنڌ جو شاعر پهچي نه سگهيو آهي. سنڌ جي وڏن وڏن عالمن،
محققن، اديبن، شاعرن، دانشورن، مفڪرن لطيف سائين جي فن کي سولو (آسان ڪري) عام ماڻهن
وٽ پهچائڻ جو ڪم ڪيو آهي. جيئن عام ماڻهو شاهه جي فڪر کي جلدي سمجهي سگهن. منگهاڻي
صاحبه اِن ڪم ۾ ٻين اديبائن کان ڪجهه وِکون اڳتي آهي. شاهه لطيف جي لغات تي عورت
اديبائن تمام گهٽ ڪم ڪيو آهي. پر منگهاڻي صاحبه لطيف جي لغات تي ڪم ڪري وڏن وڏن
محققن شاعرن کي ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن. ۽ اهي حيران به آهن هڪ عورت گهر ۾
ويهي، شاهه لطيف تي ايڏو لکي، ان جي لغات تي ڪيئن ٿي ڪم ڪري! مُنگهاڻي لفطن جون
معنائون سمجهائي ٿي.
متارا مري ويا، موکي تون ڀي
مَرُ!
تنهنجو ڏوس ڏمر، ڪونه سهندو ان
رِيءَ.
(لفظ) ”ڏوس ڏمر“ معنيٰ
ڪلياڻ آڏواڻي - تنبيهه عتاب
علامه آءِ آءِ قاضي - عتاب، تاب
گربخشاڻي - تاب، عتاب
شاهواڻي - عتاب
منگهاڻي- ڪنجوسي، ڏمر، رُسڻ، ڪاوڙ،
جيئن ته لفظ ”ڏمر“ عام آهي ۽ لفظ ”ڏوس“ بلڪل ئي اڻ ٻڌل، ڇو ته سڀني محترم محققن
جون ڏنل معنائون اهو ئي ٿيون ظاهر ڪن ته لسٻيلي ۽ ڪوهستان ۾ ڪنجوس کي ”ڏوس“ (ڏوسي)
۽ شوم چيو ويندو آهي.
لفظ ڏوس / ڏوسي جملن ۾
جملو- ايڏو ڏوس نه ڪر! صحيح
ماپي ڏي.
جملو- سندس پيءُ ته سخي هو ۽
هيءَ صفا ڏوسي آهي.
جملو- هاڻي ڇڏ کڻي ڏوس پڻو
پنهنجو.
بيت جي سمجهاڻي- پياڪ مري ويا
موکي! ڪلال! اي ساقي! تون ڀي مَرُ! هاڻي تنهنجون ڪاوڙن، ڪنجوسيون ۽ رساما انهن
سواءِ ٻيو ڪير سهندو؟
هڪ ٻيو بيت:
اڀر چنڊ! پس پرين تون اوڏا مون ڏور،
سڄڻ ستا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏي نه
ٻور،
جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ
سيٽيا.
(لفظ) ”وِلهه“ معنيٰ
ڪلياڻ آڏواڻي – کليل ٿڌي هوا
علامه آءِ آءِ قاضي - ٿڌ
گربخشاڻي – آلاڻ ٿڌ، کلي هوا،
ماڪ
شاهواڻي – کلي
منگهاڻي- ماڪ، پرهه ڦٽي کان اڳ،
رات مهل پسيل ٿڌ، آلاڻ ڀريو سيءُ (ولهه جو هوا سان تعلق ڪونهي) بلڪه ولهه ۾ نه هوا
ٿئي ڪونه، هوا هوندي ته آلاڻ / پوسال سڪي ويندي، بنا هوا جي آلاڻ ڀري ٿڌ.
جملو- رات ايڏي ولهه پيئي هئي
جو سڀ رليون، رانٽا پسجي ويا.
جملو- ولهه ۾ ستو هئين تنهن ڪري
زڪام ٿيو اٿئي.
جملو- ڌوتل ڪپڙا شام جو ئي
رسيءَ تان کڻي ڇڏجئين نه ته رات جو ولهه ۾ پسجي خراب ٿي ويندا.
بيت جي سمجهاڻي: اي چنڊ تون اڀري
۽ اُٿي پرين جو ديدار ڪر! هو مونکان پري آهن، پر توکي اوڏا / ويجها آهن محبوب وارن
کي چندن مان چڪ ڪري، واسي ماڪ ۾ ستا پيا آهن. مان پيرن سان پنڌ ڪري وٽن پهچڻ جهڙي
ناهيان ۽ بابل ڪو اٺ به نه ٿو ڏئيم جنهن تي چڙهي / سوار ٿي سويل ئي وڃي محبوب وٽ
پهچان. ج.ع. منگهائي جي لکڻين تي ڪنهن کي اعتراز هجي ته ڀل هجي، پر سندس پورهيو،
ان تنقيد، اعتراز کان گهڻو مٿاهيون، پيار ڀريو، مانائتو آهي، لطيف سمنڊ آهي ان سمنڊ
کي ڪَڇڻ (ماپڻ) ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. منگهاڻي جي تحقيق ڪا حرف آخر نه آهي ڇو
ته تحقيق جديد دور سان گڏ بدلجندي رهندي آهي. ان جي ڇنڊ ڇاڻ به ٿيندي رهندي آهي.
منگهاڻي تي اعتراز ڪندڙن لاءِ هڪ بيت:
ڳڀو پاڻيءَ ڍُڪ ۾، ٻوڙي جي
کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين،
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي
وڃي. (شيخ اياز)
سنڌي ٻولي ۾ قديم ڪهاڻي قصي جي
صورت ۾ روايتي انداز ۾ ملي ٿي. جنهن ۾ پلاٽ، ڪردار، حقيقت نگاري ۽ ان ۾ موضوع جي نڀاءَ
جي ڪمي رهي آهي. جديد سنڌي ڪهاڻي ۱۹۱۴ع کان
پوءِ ليکي وڃي ٿي. جديد سنڌي ڪهاڻي ويهين صدي ۾ پيدا ٿي ان ئي صدي ۾ پچي راس ٿي.
دنيا ۾ ڪهاڻيون چاليهه چاليهه پيجن تي لکيون ويون آهن ته ڪٿي هڪ سٽ جون به ڪهاڻيون
لکيون ويون آهن. را بندر ناٿ ٽنگور جتي ’زندهه يا مرده‘ جهڙي طويل ڪهاڻي به لکي،
اتي اڌ اڌ صفحي جيتريون به ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ’بانسري وارو‘، آپياري‘، ’ڀڳوان جي
جاءِ‘ وغيره مشهور آهن. محترم ج ع منگهاڻي ڪهاڻي م به پاڻ مڃايو آهي. پنهنجي قلم
جي ڪئنواس سان ڪهاڻي ۾ اهڙا ته رنگ ڀريا آهن، جيڪي اجري صبح جهڙا آهن. محترمه قلم
جي حرمت جو ڀرم رکيو آهي. سندر ڪهاڻيون لکيو اٿس.
سنڌي ٻولي ۾ ناول ترجمي جي صورت
۾ آيو ”راسيلاس“ سنڌي زبان ۾ پهريون مڪمل ناول هو. جيڪو، ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌرام
۱۸۷۰ع ۾ انگريزي مان ترجمو ڪيو هيو.
ان بعد مرزا قليچ بيگ جو اصلوڪن ناول ”دلارام“ آهي، ۱۸۸۷ع ۾ دلارام ناول لکيو هئائين. ٻيو اصلوڪن ناول مرزا قليچ بيگ جو ئي ”زينت“
آهي. عورت اديبائن ۾ پهريون ناول بادام ناتوان جو ’خوش خصلت خاتون‘ ليکيو وڃي ٿو.
اهو ناول جو سلسلو جهڪو ضرور ٿيو آهي پر رڪيو نه آهي. محترمه ج ع منگهاڻي جو ناول
”رڃ“ به خوبصورت ناول آهي. جنهن ۾ پلاٽ، مرڪزي خيال، منظرنگاري، ڪردار نگاري،
اسلوب، مقصدي پهلوءِ ٻوليءَ جو خاص خيال رکيو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌي ٻولي ۾ ٻيو
ڪو ايڏو وڏو ناول نظر نه پيو اچي. وڏي ناول جو اِهو اعزاز پڻ منگهاڻي صاحبه ڏي وڃي
ٿو. رڳو وڏي ناول جي ڳالهه ناهي، ناول سان نڀاءُ ان جي ڪردارن ۾ حسن ڀرڻ، خيال جي
پورائي، منظر نگاري جي عڪاسي چٽي پٽي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻولي جو ماهر، ناول نگار
محترم سراج لکي ٿو ته:
”منهنجي نظر ۾ ج ع منگهاڻي جو
(ناول) رُڃ پهرين نمبر تي عاليشان ناول آهي. اهو ٽيڪنيڪ Technique ڪهاڻي (Fiction) ڪردار نگاري Characterization ۽ منظوم نگاري جي لحاظ کان
اعليٰ درجي جو ناول آهي. آئون ته ايترو به چوندس ته سنڌي ۾ مون هھڙا اعليٰ پائي جا
ناول گهٽ پڙهيا آهن. آنءُ ان حد تائين به چوندس ته هن ناول کي دنيا جي سموري ڪائنات
۾ (فرينچ، انگريزي ۽ اسپينش ٻولين سوڌو) بهترين ادب سان بر ميچي سگهجي ٿو. کيس لکَ
شاباسون هجن منهنجي خيال ۾ اهو ناول حڪما حڪمي پهرئين نمبر تي بهترين ناول آهي.“
محترم ج ع منگهاڻي جو ناول رڃ
ته ورائي وارائي پڙهڻ جهڙو آهي، چند سٽون ناول رُڃ مان.
ستارا انهرو
ٿي چيو، ادا مهراب خان ته الائي ڇو اسان وٽ هڪ ڀيرو به نه آيو آهي!
هن جو پيار
اڄڪلهه جو نه هو، اهو ته ڄڻ ازل ابد کان هو.
طارق خان
صوفي تان اٿي اچي پلنگ تي ڀر ۾ ويهي چيو ماسي، ماءُ بنا زندگي گذارڻ ڪيڏي ڏکي ۽ اڌوري
آهي.
روز آڌيءَ
رات جو جان بيبيءَ جو طارق خان وٽ اچڻ سندس معمول هو ۽ جيترا ڏينهن طارق خان اتي
ترسيل هوندو هو ان معمول کي مينهن واءُ به روڪي نه سگهندا هئا.
حياتي اوکي
هجي يا سوکي بيهندي ناهي، زندگيءَ جو وهڪرو جاري ساري رهڻو آهي.
سائين اوهان
ته اسان کي پشتن کان سڃاڻو ٿا.
محبتن جي
سفر ۾ جڏهن تنهائيون مقدر بنجي وڃن ٿيون ته سڄو وجود تڙپي ٿو پوي ۽ پوءِ رُت بدلجڻ
جو احساس ئي ڪٿي ٿو رهي.
هوءَ خط پڙهندي
ويئي ۽ لڙڪن جي ٻوڏ کيس اندر ۾ ٻوڙيندي رهي. هوءَ سڏڪن سان روئڻ لڳي.
”پُٽ توکي
شاهه پڙهڻ جو شوق آهي؟“
نذيران ٽهڪ ڏيئي
چيو ”توتي ڪهڙو ڀروسو آهي.“
محترم ج ع منگهاڻي جو پورهيو
پيار ڀريو سندرتا، چمڪندڙ آهي، سندس شاعريءَ، ڪهاڻي، ناول تحقيق تي گهڻو ڪجهه لکي
سگهي ٿو. محترمه سنڌي ٻولي جي شاهه ليکڪا آهي، سدا مرڪندي رهي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي
خدمت ڪندي رهي.
مددي ڪتاب
۱. چپرڪين
ڏي... (ج ع منگهاڻي شاهه لطيف چئير ڪراچي ۲۰۰۲ع)
۲. رولاڪ
خواب (ج ع منگهاڻي شاهه لطيف چئير ڪراچي ۲۰۰۶ع)
۳. شاهه
لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو (شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۲۰۰۶)
۴. رُڃ
ناول (سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۲۰۱۱ع)
۵.
مانجو ڪوهستان (ج ع منگهاڻي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۲۰۱۴ع)
۶. ورهاڱي
کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر پروفيسر نور افروز خواجه (گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ۱۹۹۹ع)
۷. سنڌي
ٻولي تحقيقي جرنل- ڪافي نمبر (سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد)
ج ع منگھاڻي
تعارف
ج ع منـگهـاڻـيءَ جو پورو نالو
جـنـت خـاتـون ڌيءَ علي محمد بڪڪ آهي. هوءَ سنڌي ادب جي ناليواري ليکڪا آهي. هن ڪراچيءَ
جي هڪ ڳوٺ ’بڪڪ‘ ۾ جنم ورتو. سندس والد سيٺ علي محمد هڪ اعليٰ تعليم يافته شخص هو،
جنهن جي اثر ۽ تربيت جي ڪري سندس اولاد، پٽ ۽ ڌيئرون، اعليٰ تعليم يافته آهن ۽
مختلف عهدن تي فائز آهن.
ج ع منگهاڻيءَ جي پهرين لکڻي ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ’هلال پاڪستان‘ اخبار جي عورتن واري صفحي ’سگهڙين سٿ‘ ۾ ڇپي،
ان کان پوءِ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿيون. هيءَ ليکڪا هڪ ئي وقت ٻاراڻي
ادب جي ليکڪا هئڻ سميت ناول نگار، لطيفيات جي ڄاڻو، محقق ۽ شاعر آهي. ۱۹۸۲ع ۾ ’ڪهڙي منجهه حساب‘ عنوان سان سندس ناول روزاني هلال پاڪستان ۾ قسط وار ڇپيو
هو. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب ’پتنگ پٺيان ڊوڙ‘ (۱۹۸۶ع)، آگم پبليڪيشن، حيدرآباد ڇپايو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب (۱) ’خوابن جو ايوان‘ (۱۹۹۹ع)،
سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي ۽ (۲) ’رولاڪ
خـواب‘ (۲۰۰۶ع) ۾ سـنت ڪنوررام فائونڊيشـن،
احمدآباد پاران ڇپيل آهن.
لطيفيات تي ج ع منگهاڻيءَ جو
تحقيقي پورهيو، خاص ڪري لطيف جي ٻوليءَ تي ڪوهستاني حوالي سان ڪيل ڪم تحقيق جي
ميدان ۾ نئين وک مڃيو پيو وڃي. ان حوالي سان سندس ٻه ڪتاب (۱) ’ڇپر ڪين ڏي‘ (۲۰۰۲ع) ۽
‘شاهه لطيف جي ٻولي جو تحقيقي جائزو‘ (۲۰۰۵ع)، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڇپايل آهن. سندس
هڪ ناول ’رڃ‘ (۲۰۰۶ع) سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي
پڌرو ٿيو آهي. ج ع منگهاڻيءَ جي شاعريءَ ۾ جدت، ٻولي پختي ۽ خيال ترقي پسنداڻا
آهن. هوءَ تاج بلوچ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ماهوار ’سوجهرو‘ مئگزين جي (۲۰۰۳ع کان ۲۰۰۶ع تائين) چيف ايڊيٽر به رهي آهي
.
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا