ج ع منگھاڻي
سنڌي ٻوليءَ جي
منفرد ليکڪا
مير حاجن مير
سنڌي ادب جي ماضي توڙي حال ۾
عورت اديبائن جو ڪردار شاندار رهيو آهي. هنن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ معاشري ۾ ڏکين
حالتن کي منهن ڏئي. سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي. بلاشڪ عورت ليکڪائن ادب لاءِ جبل
جيڏو ڪم ڪيو آهي. اهڙين ليکڪائن ۾ محترمه ج ع منگهاڻي صف اول جي ليکڪا آهي. جنهن ڪنهن
خاص ادبي پروگرام ۾ شرڪت هڪ اڌ ڀيرو ڪئي هوندي. گهڻو تڻو ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان
پاسيري رهي آهي. هوءَ روشن خياليءَ جي دنيا جي مالڪ آهي ۽ لطيف جي ڊڪشن جي معنويت
تي مڪمل عبور رکي ٿي ۽ عقليت پسند ليکڪا آهي.
