; سنڌي شخصيتون: محب شيدي

25 April, 2023

محب شيدي

محب شيدي

سندس اڌوري ڪهاڻي

خالد ڪنڀار



انهي ڏينهن اسان مٽياري شهر جي انهي پاڙي ۾ هئاسين. جتي اهو دهشت جي علامت بڻيل مشهور ڌاڙيل محب شيدي بلورن سان راند کيڏيندي وڏو ٿيو هو. انهي پاڙي ۾ هلندي هلندي مونکي هن جي هڪڙي پاڙيسري سنهڙي گلي ۾ کليل ڪاٺ جي در واري گهر ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته اهو محب شيدي جو گهر هو. جنهن سنهڙي گهٽي ۾ ڪجھ شيدي ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا. هن پاڙي جي هنن ماڻهن کي اها ڪٿي خبر هئي ته پاڙي ۾ ڪڪڙ وڙهائيندڙ ۽ ڪتن سان شڪار ڪندڙ هي شيدي جو ٻچڙو ملھ وڙهندو وڙهندو وڃي سنڌ جو اهڙو مشهور ڌاڙيل ٿيندو جنهن کان هن شهر جا ته ماڻهو ايترو ڪونه ڊڄندا هئا. پر پوري سنڌ انهي جي نالي کان ڏڪندي. مٽياري جو شهر اهو شهر هو جنهن مان روز صبوح ڪو ماڻهو محب لاءِ اخبار وٺي ٻيلي ۾ لهي ويندو هو. ڪنهن جي مٿي تي برف جي سري هوندي هئي. ڪوئي ڪيبين تان سگريٽ ۽ سوپاريون وٺي ويندو هو. پر سڀني جو رخ ٻيلي ڏانهن هوندو هو. شهر جا ڪيترا ئي ماڻهو روز ٻيلي ۾ محب سان ملندا هئا. .


محمد قاسم ۽ آسيت شيدي جو اهو ڇوڪرو پنهنجي رنگ روپ کان وٺي وارن مان ڪٿان به شيدي ڪونه لڳندو هو. هن پاڙي ماڻهن وٽ هن جو ڦوٽو ته ڪونهي تڏهن اڃان اينڊرياڊ موبائيل فون جو دور ڪونه هو پر جڏهن مون گوگل مان ڊائون لوڊ ڪيل ڦوٽو هنن کي ڏيکاريو ته سڀني جي چهري تي الاهي ڇو خوشي نظر آئي. ها اهو ته محب شيدي آهي. ڏسين ڪونٿو جهڙو ڪر پٺاڻ هجي. هڪڙي همراه ته ڀر ۾ بيٺل هڪڙي ڳاڙهي نوجوان ڇوڪري جي ڪلهي تي رک چيو بس هن جهڙو ڳاڙهو هو. تيستائين هڪڙي ٻي ڀر ۾ بيٺل محب شيدي جي پاڙيسري چيو ته محب شيدي شيدي ونجھ وٽي راند جو به وڏو ڪاريگر هو. ائين اسان هن تي ڳالهائيندا ڳالهائيندا انهي پاڙي مان ٿيندا ٿيندا انهي هڪڙي ڪمري واري گهر ۾ داخل ٿياسين جيڪا ڪنهن شاه جي اوطاق هئي. اسان جيئن انهي اوطاق ۾ ويٺلن سان محب شيدي تي ڪچهري شروع ڪئي ته منهنجي ڀر ۾ سگريٽ دکائي ويٺل هن جي چوري واري دور جي هڪڙي ساٿاري هن جي ڪهاڻي شروع ڪئي؛

هو صفا ارڏو هو. بس هو ننڍي هوندي کان وٺي چور هو. چوري هن جي انگ انگ ۾ هئي. هن جو پيءُ بٺي تي سرون وجهندو هو. هن جي ماءُ هن تي ساه ڏيندي هئي. جڏهن به ڪنهن چوري ۾ پوليس هن کي کڻڻ ايندي هئي ته هن جي ماءِ هن جي طرفدار ٿي پوليس سان وڙهي پوندي هئي. ڪيترا ئي دفعا هن پوليس کي گهر ۾ گهڙڻ کانسواءِ موٽائي ڇڏيو. هي چور هو انهي ڪري هن جي گهڻي ياري به چورن سان هئي. چور هن وٽ اڪثر ڪري ايندا ويندا هئا. هن پهرئين پهرئين چوري ۾ باگڙين جون ٻڪريون ۽ ڍڳا ڪاهيا هئا. هي اڪثر ڪري چوري ڪري ويندڙ چورن کان ڦر ڪندو هو.

هڪڙي دفعا منگواڻا ذات جا ماڻهو مينهن چوري ڪري ويا پئي. هن انهن کان چوري ڦر ڪري ورتي. اصل ڪهاڻي اتان شروع ٿي. انهي ئي مينهن جي ڦر مان منگواڻن ۽ هن جي وچ ۾ اختلاف ايترا ته وڌي ويا جو هن ئي شهر جي وچ تي منگواڻن محبت تي فائر ڪيا. انهي مان هي پاڻ بچائيندو لڪندو، پنهنجي گهر تائين پهچي ويو. گهر پيل بندوق کڻي هي واپس منگواڻن سان وڃي شهر ۾ وڙهيو، جتي هن هڪڙي منگواڻي کي ماري وڌو.

ائين هي هڪڙي چور مان ٿيندو ٿيندو خون کان پوءِ ڌاڙيل ٿي ويو. پوءِ ته هن پوري سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڏنو.

ڳهيلن سان ملي ويو. سپر هاءِ وي تي ڪيتريون ئي ڦرون ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا ڪيائين. کسينا موري تان هن شيعا عالم اغوا ڪيا هئا. اهو هن جو ڪيس گهڻو مشهور ٿيو هو. انهي زماني ۾ موبائيل فون ڪونه هوندا هئا. تڏهن اخبار ۽ بي بي سي تي خبر پوندي هئي. گهڻو ڪري هر جمع جي رات هو شهر ۾ ايندو هو. اڳ ۾ اعلان ته ڪونه ٿيندو هو. پر ڳالھ هلي ويندي هئي ته اڄ محب شيدي مٽياري ۾ ايندو پوءِ شهر ۾ داخل ٿيندو هو ته فائر ڪندو هو. جيڏي مهل ويندو هو ته به فائر ڪندو هو. هو هن شهر جي ڪيترن ئي سيٺن کان به پئسا وٺندو هو. ڪجھ ميمڻ ته هن مان ئي ڪروڙ پتي ٿي ويا. انهن کي پئسا ڇو ڏيندو هو انهي جي روحاني راز جي خبر ناهي.

هو جڏهن ٻيلي ۾ وڃي ڳهيلن سان مليو ته ڳهيلا ته اڳي ئي جڳ مشهور هئا جن نديم ۽ شبنم جي گهر مان به چوري ڪئي هئي. هن شهر جي گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته محب شيدي کي مارائڻ ۾ ڄام ڳهيلي وارن جو هٿ هو، جيڪي رينجرس سان مليل هئا. پر هن شهر جا ماڻهو چون ٿا ته هن کي زهر ڳهيلن اڳ ۾ ڏئي ماري ڇڏيو هو. ڄام ڳهيلي جي ماءُ گهڻو زور ڀريو هو ته محب کي زهر نه ڏيو پر هن جي پنهنجي پٽن اڳيان ڪو نه هلي. . رينجرس مئل محب شيدي تي فائر ڪيا.

هن شهر جي ڪنن ۾ اها سس پس به هلندڙ آهي ته محب شيدي کي دل جي لڳي مارائي وڌو. سندس سهڻي محبوبا جي ڀاءُ پهرئين گولي هنئي هئي. پر اها ڳالھ رڳو ڪنن جي سس پس آهي يا حقيقت انهي تي هن شهر جي ماڻهن کي به ڀروسو ناهي.

پر هن جو اهو يار جيڪو هن جي ڪري جيلون ڪٽي آيو. اهو ته ائين ٿو چوي ته ٻن ڄامن جي سازش هئي. انهي ڪري ڪانڀو خان جي پٽ سانگهڙ واري نوازشريف جي جلسي ۾ هن جي موت جي خوشخبري جو اعلان ڪيو هو. محب شيدي جي جنازي ۾ ڪير به شريڪ ڪونه ٿيو هو. نه اهي اخبار رسائيندڙ ۽ برف جي سلي رسائيندڙ نه وري هن لاءِ سگريٽ وٺي ويندڙ جن کي هو هڪڙي پاڪيٽ جي بدلي ۾ انهن ڏينهن ۾ پنج سئو جو نوٽ ڏئي ڇڏيندو هو. نه وري هن جي خاندان مان ڪو. اتي انهي پاڙي ۾ هن جو اهو يار به مليو جنهن جيل مان محب جي ڀيڻ کي نياپو موڪليو هو ته محب جي لاش جي ڌڻيپ ڪريو. پر محب جي ڀيڻ هن جي ڌڻيپ نه ڪئي. انهي ڪري محب کي لاوارث ڄاڻائي دفن ڪيو ويو. هن جي قبر تي هن جي خاندان مان ڪو به نه ويو. هن جي گهر جي ڪنهن به ڀاتي هن جي فاتحه به وصول ڪونه ڪئي. هن جي قبر تي هاڻ ڪڏهن ڪڏهن هن جو اهو يار ويندو آهي. جنهن هن جي ڪري جيل ڏٺيئ.

انهي محب جي جيل واري سنگتي ڇھ ڏينهن جيل ۾ تڏو به وڇايو هو. اتي ئي هن پنهنجي ڏوهاري برادري کان محب جي فاتح به وصول ڪئي هئي. اهو هن جو سنگتي ٻڌائي ٿو جڏهن محب تي وڏي وٺ پڪڙ ٿي ته هن امام بارگاه تي به اچڻ ڇڏي ڏنو. نه ته اڳي مجلس ٻڌڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ شهر جي امام بارگاه تي ايندو هو. اسان هن جي ماءِ پيءِ ۽ ڀيڻن کي هتان ڪڍي ڇڏيو. پيءِ کي ميرپور خاص جي انهي وقت جي مشهور ڌاڙيل وٽ ڇڏي آياسين ۽ ماءِ کي ڪوٽڙي ۾ محب جي ڀيڻ وٽ ڇڏي آياسين. پورو گهر دربدر ٿي ويو. محب پنهنجي پيءِ جي جنازي ۾ به شريڪ ٿي نه سگهيو هو.

اسين اڃان انهي ئي هڪڙي ڪمري واري گهر ۾ ويٺا آهيون. هن جي ننڍپڻ جا يار ۽ چوري واري وقت جا يار اسان جي آس پاس ويٺا آهن. ايستائين هن جي ڀاڻيجي کي ڪو دوست وٺي اچي اسان سان هن کي ملرائي ٿو. انهي سان ڳالهيون ڪندي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هو هن وقت به ڪنهن نشي ۾ آهي. هو ٻڌائي ٿو ته هن پنهنجي انهي مامي کي اکين سان ڪونه ڏٺو هو. اهو محب شيدي جو ڀاڻيجو، هاڻ شهر ۾ جڳهين کي رنگ ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي. هاڻ هو پنهنجي ماءِ سان گڏ محب شيدي جي انهي گهر ۾ رهندو آهي.

وقت بدلجي چڪو آهي. محب شيدي هن پاڙي جي دلچسپ ڪهاڻي آهي. هن جو پيءِ ته پنج وقتي نمازي هو. پر ڇورو اهڙو ته نڀاڳو نڪتو جو پوري گهر کي دربدر ڪري ڇڏيائين. مڱڻيجن ۽ مينهن جي چوري هن کي ڌاڙيل پر وحشي ۽ درندو ڪري ڇڏيو.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲۴ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

محب شيدي

ضمير حسين خاصخيلي

ڦري دليون سري بازار، تنهنجا محب شيدي وارا پار، ظالم او قاتل ڊپ ٿو لڳي.

هي سنڌ جو بدنام زمانه ڌاڙيل محب شيدي آهي جنهن جي هاڪ هند سنڌ تائين هلندي رهي ٿي. ايستائين جو سندس لاءِ گانا به ڳايا ويا ته فلمون به ٺاهيون ويون. فلم محب شيدي ۾ سندس ڪردار سنڌ جي ناليواري اداڪار گلاب چانڊيو ادا ڪيو هو. فلم جو هدايتڪار شاھ اسد هو. جڏهن ته فلمساز ايس گل ۽ ڪهاڻيڪار ايم بچل ميمڻ به مٽياري جو هو ته فلم جي شوٽنگ به مٽياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري اداڪارن ڪم ڪيو هو. مون ڪجھ مهينا اڳ هڪ پوسٽ رکي هئي ته بدنام ڌاڙيل محب شيدي کي پيدا ڪنهن ڪيو؟ ۽ مارايو ڪنهن؟ پيدا ۽ ختم ڪرائڻ وارا سندس دوست هئا يا دشمن؟ اهڙو سوال اڄ به مون سميت اڪثر مٽياري واسين جي ذهنن ۾ ڊوڙندو رهي ٿو ڇو ته محب شيدي مٽياري شهر جو رهواسي هو. سندس باري ۾ اڪثريت راءِ اها آهي ته محب شيدي شروع کان وٺي چوريون چڪاريون ڪندو رهندو هو. ڇتو جواري، ڪوڏي ڪوڏي توڙي ملھ جو ناليوارو پهلوان، ڀلو ڪوڪڙي، سڄو ڏينهن اڙيء ۾ ڪڏهن سندس پٽڪو ڌوڙ ته ڪڏهن وري مخالف جا ڪپڙا ليڙون ليڙون. پر سندس زندگيءَ جو ٻيو رخ به هو صفا کل ڀوڳائي. ننڍي وڏي سان گار جو هجتي يار ويس ماڻهو ننڍڙا ٻار کيس مائن ڀيڻن تي گاريون ڏيندا هئا ته هو وري سڄي آڪاه ڪڍي ويهي گاريون ڏيندو هو. بھرحال اها سندس عام زندگي هئي، جنهن سان ڪنهن جو ڪجھ به نه ٿو وڃي. پر سندس ڌاڙيل واري زندگي اڄ به مٽياري وارن جي لاءِ هر روز ڪچهرين جي زينت بڻيل هوندي آهي.

اڄ به مٽياري جي ماڻهن جي ڪنن ۾ سندس گولين جا آواز گونجندا رهندا آهن. اڄ به اهي ڪچهريون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن ته محب شيدي شام ٿيندي ئي ويھ پنجويھ هٿياربند، ساڻ ڪري، شهر جي گهٽين ۾ لهي پوندو هو. اڪثر جهيڙا جهٽا مشهور وڏي بازار ۾ ڪندو هو. منگواڻا برادري جي ٻن ماڻهن کي به وچ شهر ۾ گولين جو کاڄ بڻايو. جيڪا تاريخي ناانصافي ۽ کلي دهشتگردي هئي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. جڏهن ته خود محب شيدي جي به اها زندگيءَ جي وڏي کان وڏي غلطي هئي، جيڪا شهر ۾ سندس لاءِ نفرت جو سبب بڻجي وئي. ڪجھ ماڻهو سندس ذاتي واسطيدار ۽ ان مان فائدو وٺندڙن کي ڇڏي ڪري باقي علائقي لاءِ هو دهشت جي علامت بڻجي ويو. ٻيون به اهڙيون ڪيتريون ئي وارداتون هيون. جيڪي شهر جي ماڻهن خلاف هيون. عام ماڻهو توڙي علائقي جي چڱن مٺن لاءِ هاڻي هو مٿو جو سور بڻجي چڪو هو.

پوءِ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ۹۰ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ميان محمد نواز شريف وزيراعظم هو. هو مٽياري کان باء روڊ سعيد آباد وڃي رهيو هو. جنهن تي محب شيدي کيس چيلينج ڪيو ته جيڪڏهن وزير اعظم باء روڊ مٽيندو ته کيس اغوا ڪندس. ان کانپوءِ پوري سنڌ حڪومت ۾ وٺ پڪڙ پئجي وئي. ڄام صادق علي وزير اعلي سنڌ هو. هن هتان جي بااثر شخصيتن تائين پيغام پهچايو ته وزيراعظم جي سيڪيورٽي تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ٿيندو. جنهن به وڏيري جي ويجهڙائپ نظر آئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پوءِ چون ٿا ته علائقي جي بااثر شخصيتن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو ۽ نيٺ ان ئي ڏينهن مٽياري لڳ ڳوٺ الھ بچايو ڳهيلو وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي وئي. اهڙي دعوا چون ٿا ته خود وزير اعظم سعيد آباد ۾ پنهنجي خطاب دوران ڪئي هئي.

پر مٽياري ۾ سندس موت جي حوالي سان ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون هلنديون آهن. جنهن مان سڀ کان مشهور ڳالھ هيء آهي ته محب شيدي کي سندس سڀ کان ويجهي دوست ڄام ڳهيلو جي هٿان مارايو ويو. پهرين کيس زهر ڏئي بيهوش ڪيو ويو. پوءِ مبينا پوليس مقابلي ۾ گوليون هڻي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي.

چون ٿا ته پوءِ اڳيان هلي ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪجھ هٿياربندن ڄام ڳهيلي سان محب شيدي جو پلاند ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. پر گهڻي قدر اها ئي راء ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ۽ محب شيدي فلم ۾ پڻ ائين ئي ڏيکاريو ويو آهي. فلم توڙي حقيقت ۾ محب شيدي جي ڌاڙيل بڻجڻ جي اصل وجھ مينهن جي چوري ڄاڻائي ويندي آهي. فلم جي شروعات ۾ محب شيدي تر جي بااثر شخصيت سردار شاهنواز خان کي قسم ڏئي ٿو ته اڄ کانپوءِ هو ڪنهن به قسم جو ڏوھ نه ڪندو ۽ هاڻي محنت مزدوري واري زندگي گذاريندو جنهن کانپوءِ هو ڌاڙيل بڻجي وڃي ٿو ان دوران هو هڪ بس ڦر ڪري ٿو جنهن ۾ صحافي ضمير به سوار هجي ٿو جيڪو محب شيدي جي حوالي سان رواني خبرون شايع ڪندو هو ان موقعي تي صحافي ضمير کائس سندس ڌاڙيل بڻجڻ جو اصل سبب پڇي ٿو جنهن تي محب کيس پنهنجي زندگيءَ جو احوال ڪجھ هن ريت ٻڌائي ٿو. ته هو سندس والد ۽ والده جي پريشاني ۽ وڏيري شاهنواز خان جي لاڳيتي دٻاء کانپوءِ ڏوهن جي دنيا کي الوداع چئي عام ماڻهو واري زندگي گذارڻ شروع ڪري ٿو ان دوران سندس واسطيدار ٻه چور مينهن جي چوري ڪري آيا جن جي پويان ڀاڳيا لڳل هئا ۽ چورن اهڙي چوري جو الزام سندس مٿان لڳرائڻ لاءِ اهي پيرا سندس گهر تي اڇلائڻ چاهيان ٿي ان دوران محب شيدي کين ڏسي وٺي ٿو ۽ هو کين اهڙي حرڪت کان روڪي ٿو ته چورن ۽ سندس وچ ۾ گارگند ٿي پوي ٿي جنهن تي ٻئي ڌريون هٿين پئجي وڃن ٿيون جنهن کانپوءِ محب شيدي پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙي وڃي بندوق کڻي ٿو ۽ ماء روشن عطا جي ڪيترن ئي منٿن باوجود هو ٻاهر نڪري ٻنهي چورن کي ماري وجهي ٿو ۽ ان ڏينهن ئي ٻيلي ڏانهن رخ ڪندي چوي ٿو ته اڄ کانپوءِ آئون ڌاڙيل محب شيدي آهيان ۽ حقيقت ۾ به ڪجھ ان ريت ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته اصل جهيڙو مينهن جي چوري تان ٿيو هو پوءِ تقريبن به سال کن هو ڌاڙيل رهيو ان دوران هن ڪيترائي قتل ڪيا جن ۾ پوليس جا آفيسر توڙي جوان پڻ شامل هئا ڌاڙيل واري زندگي دوران شام ٿيندي ئي هو مٽياري ۾ لهي پوندو هو جتي هو بيخوف ٿي شهر جي گهٽين ۽ بازار ۾ گهمندو وتندو هو سندس ٽولي ۾ ڪاري ڪرڪلي، حسين پنهور، رحيم پنهور سميت سنڌ جا بدنام زمانه ڌاڙيل شامل هوندا هئا هاڻي اصل سوال اهو آهي ته محب شيدي فلم ۾ ڏيکاريل وڏيرو شاهنواز خان اصل ڪير هو؟ محب شيدي سان سندس ڪيترو تعلق هو؟ فلم ۾ ڏيکاريل اهي به چور ڪير هئا ۽ محب شيدي جو ساڻن ڪهڙو تعلق هو؟ اهي سڀ سندس دوست هئا يا دشمن؟ ڇا سندس ڌاڙيل بڻجڻ ۾ وڏيري شاهنواز خان جو هٿ هو؟ يا وڏيرو شاهنواز کيس سڌارڻ چاهيندو هو؟ سڀ کان اهم سوال ته محب شيدي جي سڀ کان ويجهي دوست پر اعتماد ساٿي ڄام ڳهيلو جنهن کي هو پنهنجو ڀاء سمجهندو هو ان آخر کيس ڇو مارايو؟ جڏهن ته ڄام پڻ کيس ڀاءُ ئي سمجهندو هو هونء ته انهن سمورن سوالن جي هاڻي ڪابه اهميت نه رهي آهي پر محب شيدي مٽياري جو اصل رهواسي هو ۽ هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ سان سلهاڙيل رهندو هو ان ڪري مون سميت مٽياري جا اڪثر ماڻهو سندس ڌاڙيل بڻجڻ جو اصل سبب ۽ سندس موت جو اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ سوچيندا رهن ٿا ڇو ته اهڙن سوالن جا جواب نه ته ريڊيو پاڪستان ٻڌائي سگهيو نه ئي بي بي سي جهڙو معروف ادارو واضح ڪري سگهيو جڏهن ته اهي ادارا اڪثر ڪري سندس خبرون شايع ڪندا رهندا هئا پر محب شيدي جي اصل زندگي بابت ڄاڻ نه ڏئي سگهيا.

 

(سنڌ سوشل ميڊيا فورم جي فيسبڪ پيج تي، ضمير حسين خاصخيلي جي پوسٽ تان ۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا