; سنڌي شخصيتون: محب شيدي، خالد ڪنڀار، ضمير حسين خاصخيلي،
Showing posts with label محب شيدي، خالد ڪنڀار، ضمير حسين خاصخيلي،. Show all posts
Showing posts with label محب شيدي، خالد ڪنڀار، ضمير حسين خاصخيلي،. Show all posts

25 April, 2023

محب شيدي

محب شيدي

سندس اڌوري ڪهاڻي

خالد ڪنڀار



انهي ڏينهن اسان مٽياري شهر جي انهي پاڙي ۾ هئاسين. جتي اهو دهشت جي علامت بڻيل مشهور ڌاڙيل محب شيدي بلورن سان راند کيڏيندي وڏو ٿيو هو. انهي پاڙي ۾ هلندي هلندي مونکي هن جي هڪڙي پاڙيسري سنهڙي گلي ۾ کليل ڪاٺ جي در واري گهر ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته اهو محب شيدي جو گهر هو. جنهن سنهڙي گهٽي ۾ ڪجھ شيدي ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا. هن پاڙي جي هنن ماڻهن کي اها ڪٿي خبر هئي ته پاڙي ۾ ڪڪڙ وڙهائيندڙ ۽ ڪتن سان شڪار ڪندڙ هي شيدي جو ٻچڙو ملھ وڙهندو وڙهندو وڃي سنڌ جو اهڙو مشهور ڌاڙيل ٿيندو جنهن کان هن شهر جا ته ماڻهو ايترو ڪونه ڊڄندا هئا. پر پوري سنڌ انهي جي نالي کان ڏڪندي. مٽياري جو شهر اهو شهر هو جنهن مان روز صبوح ڪو ماڻهو محب لاءِ اخبار وٺي ٻيلي ۾ لهي ويندو هو. ڪنهن جي مٿي تي برف جي سري هوندي هئي. ڪوئي ڪيبين تان سگريٽ ۽ سوپاريون وٺي ويندو هو. پر سڀني جو رخ ٻيلي ڏانهن هوندو هو. شهر جا ڪيترا ئي ماڻهو روز ٻيلي ۾ محب سان ملندا هئا. .