; سنڌي شخصيتون: عبدالسلام ٿهيم

09 April, 2023

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿھيم

الوداع۔ پيارا. ۔۔توکي الوداع

جھانگير عباسي



لاڙ جي ڌرتي جاتي واري علائقي جي ھن من مھڻي تخليقڪار عبدالسلام ٿھيم سان منھنجو سنڌ جي ڪيترن ڪھاڻيڪارن سميت پھريون ڀيرو رابطو سال ۲۰۱۷ مارچ مھيني جي ۱۵ تاريخ تي وقت ٿيو ھيو جڏھن ھن جو ۳۷ جنم ڏينھن ھيو.  مون کيس واڌائيون ڏيندي ھن کان موھن جي دڙي تي لکيل ڪھاڻي جي بابت پڇيو ھيم جو آء ان وقت موھن جي دڙي سان لاڳاپيل ڪھاڻين جي سھيڙ ڪري رھيو ھيس.  سلام جي پاٻوھ ۽ احترام وار موٽ مون کي ھن جو ڪري ڇڏيو ۽ پو۽ لڳا تار ساڻس ڊگھيون ڪچھريون قائم ٿيون ۽ ھو منھنجو ائين اڻ ڏٺو محبوب دوست بڻجي ويو جئين اڄ تائين امداد ڪانھيو۔عڀدالغني شر۔حسيب ڪانھيو ۽ سانگي شبير منھنجي دل جي ويجھو آھن.  مون کي ان ڳالھ تي به پاڻ مٿان حيرت آھي ته بدين جي سامونڊي تعلقي گولاڙچي ۾ آرمي ڪالج اندر ۲۰۰۷ کان ۲۰۱۰ تائين پرنسيپالي ڪندي سوين ڀيرا سجاول. ديوان ۽ جاتي ٺٹي جي ڪئي ادبي پروگرامن منجھ وڃي به ھن يار سان ڪڏھن ملاقات نه ٿي ھئي خاص ڪري ۲۰۱۰ واري مھا ٻوڏ ۾ جڏھن مون کي ٺٽي واري پل سان سنڌو ڪپر لڳ ٻن مھينن لا۽ ڪئمپ اسڪولن جو برگيڊ بدين پاران انچارج به ڪيو ويو ھو۔


سنڌي ڪھاڻي جي ڪينواس تي سن ۲۰۱۰ واري ڏھاڪي جي منڍ ۾ اڀري آيل ڪھاڻيڪارن منجھان عبدالسلام اھڙو ڪھاڻيڪار ٿي سامون آيو جنھن وٽ ڪئي ڪھاڻيڪارن جي انسپائيريشن ھوندي به ھن وٽ اسلوب، انداز ۽ ڪھاڻي جو سٽاء خالص پنھنجو ھيو اھو ئي سبب آھي ته ھن ۱۲ سالن جي مختصر ادبي عرصي ۾ جتي پنھنجن ھمعصرن اختر حفيظ۔ حسيب ڪانھيو، امداد رند، امر اياز شيخ، امداد ڪانھيو، عبدالغني شر، غلام علي اڄڻ، ھوش ڀٽي، دين محمد راڄڙي ۽ سانگي شبير سميت ٻين ڪيترن ڪھاڻيڪارن کان جتي بلڪل الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي اتي سينئير ٽھي جي ڪھاڻيڪارن جي دل ۾ به پاڻ لا۽ مان ۽ مرتبو ماڻيو اھو سڀ سلام جي بھترين مزاج، مخلصي ۽ نياز نوڙت جو آء ثمر سمجھان ٿو۔

سلام بنيادي طور تي ڪھاڻيڪار ھيو پر نثر ۾ ھن اخباري ڪالمز۔اسٽيج ڊرام لکڻ سان گڏ آھي دوستن سان ملي منعقد به ڪرايا. ھڪ استاد طور تي سچي من واري لڱن سان پڙھائيندو رھيو ۽ سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو ٿي رھيو. ٻارن لا۽ ھن ڪھاڻيون به سرجيون ڪھاڻيڪار طور ھن جو پھريون ڪھاڻي ڪتاب ``اوسئيڙي ۾ جڙيل آس. ۲۰۱۳ `` ۽ ٻيو ڪھاڻي ڪتاب ``گلن سان تعزت. ۲۰۱۷ `` ۾ شايع ٿي جتي مڃتا ماڻي اتي سلام کي نئين ٽھي جي پھرين سٿ وارن ڪھاڻيڪان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي آڻي بيھاريو.

عبدالسلام ڏيڊ سال اڳ سجاول ضلعي جي شاعرن، نثرنگارن، ڪھاڻيڪارن، ليکڪن، صحافين، تعليمدانن تي جئين ھڪ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي ھن کي پتي جي پٿري سبب تڪليف ڪارڻ پريشاني واري تڪليف کي به سھڻو پيو ۽ ٻڌائيندو ھو ته آپريشن ڪرائڻوآھي پو۽ ھن ايس آء يو ٽي سينٽر ڪراچي مان سال کن اڳ ڪامياب آپريشن به ڪرايو ۽ ھر ٻئي مھيني چيڪ اپ خاطر ڪراچي پاسي اچ وڃ به رھندي آيس. صحتيابي کان پو۽ ڪجھ مھينا اڳ آپريشن واري ھنڌ نفيڪشن ڪارڻ تڪليف وڌڻ ڪري تڪڙا تڪڙا ڪراچي جا پنڌ ڪندو رھيو جو کيس ان جا۽ وارو ڦٽ ڪينسر جو موذي مرض اختيار ڪري ويو پرھن بھادري سان ان بيماري جو مقابلو ڪندي ڪنھن کي به بيماري جي ٻڙڪ پوڻ نه ڏني ۽ سڀ سان پھريون جيان کلندو ٽھڪندو ئي رھيو۔

۳۱۔ مارچ جي اڄوڪي رمضان مھيني جي ٻئي جمعي واري ڀلاري ڏينھن تي پياري عبدالسلام جي اوچتي وڇوڙي واري خبر جي جھوري وڌو آھي ھي ڄميو به مارچ مھيني ۽ وري وڇڙيو به ھن بھار مند واري مارچ مھينيزندڱي جون ۴۳ بھارون پسي انھي عرصي واري حيات ۾ ھن پنھنجي حياتي کي سجايو گھاري پنھنجن پيارن کان ادبي جھان تائين سرجيل تخليقن ۾ ھو ھاڻ ھميشه زنده رھندو.

۔اچو ته سڀ گڏجي ھن گل جھڙي انسان جي وڇوڙي جي تعزيت بھار مند سان ڪيون جنھن پنھنجي جوڀن رت ۾ اسان سڀني کان عبدالسلام جھڙو گل گلابي ڇني کسي ڌار ڪيو آھي. ۔

 

(جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي رکيل تعزيتي نوٽ بتاري!خ ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع تان کنيل)


عبدالسلام جو وڇوڙو الا!

رزاق سھتو

عبدالسلام ٿھيم، اسان کان وڇڙي ويو۔ سارتر جي وجودي فلسفي موجب ماڻھو جو عمل ئي کيس سدائين زنده رکي ٿو۔ سلام ٿھيم ڪھاڻيڪار، ڊراما ليکڪ، اديب حساس دل رکندڙ انسان هئو۔ کيس ادبي پورهيو ئي زنده رکندو منھنجي ساڻس اڪثر فون تي ڊگهي ڪچھري ٿيندي رهندي هئي۔ جڏھن بيمار ٿيو۔ ڪڊني بيوفائي ڪري ويس ته آپريشن ڪرائي ھڪ ڪڊني جي سھاري چڱو ڀلو ٿي موٽيو۔ مون کائونس چڱ ڀلائي جو پڇو هئو۔ وري اچانڪ جيرو خراب ٿي ويس ۽ جانبر نه ٿي سگهيو۔ سندس وڇوڙي جو ٻڌي صدمي ۾ هليو ويس۔ ان راھ سڀ کي ھلڻو آھي۔ پر سندس وڃڻ جي ويل نه ھئي۔۔

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي کنيل)


عبدالسلام ٿھيم

۽ اسان جو نوجوان ڪھاڻيڪار پڻ وڇڙي ويو....

محمد سليمان وساڻ

منھنجي امڙ اسپتال جي ICU ۾ آهي ۽ هن وقت وينٽيليٽر تي آهي. مونکي ICU ۾ ڊاڪٽر گهرائي ٿو ۽ امڙ جي طبيعت بابت ٻڌائي ٿو تہ کيس دعائن جي ضرورت آهي. مان آلين اکين سان واپس اسپتال جي ويٽنگ ايريا ۾ اچي اٻاڻڪو ويٺو آهيان. ٽشو پيپر سان اکيون ۽ چشمو صاف ڪري موبائيل کوليان ٿو ۽ بي خيالي ۾ اسڪرين تي فيسبوڪ تي ٺڙڪ ٿئي ٿي. سامھون دکدائڪ خبر آهي تہ نوجوان ڪھاڻيڪار عبدالسلام ٿھيم اسان کان وڇڙي ويو آهي. هڪ ڏک مٿان وري ٻيو ڏک سو بہ خوبرو نوجوان جو. اکيون وري لڙڪن سان ڀرجي اچن ٿيون ۽ يادگيرين جو سلسلو واپس وري ٿو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاء سندس ڪھاڻين جا ٻہ مجموعا ۽ ڪھاڻي ڪارنر لاءِ سندس موڪليل ڪھاڻيون، سنڌ سلامت فورم تي سندس ليک يا شخصيتن بابت سندس لکيل تاثر، چيٽنگ ۽ فون ڪالز ياد اچن ٿيون..

بس هو تہ ھاڻي وڇڙي ويو جيڪو هڪ مُکڙي جيان هيو، معصوم مُرڪ جو مالڪ ....

عبدالسلام ٿھيم ۱۵ مارچ ۱۹۸۰ع تي پرائمري اُستاد محمد مبارڪ ٿھيم جي گهر ۾ جنم ورتو.

سنڌي ۾ MA پاس ڪيائين پروفيشنل لحاظ کان Handicap،

 International، ACF International ۽ Plan Pakistan ۾ Disablily & Hygiene تي ڪم ڪيو ۽ ھاڻي NTS ٽيسٽ پاس ڪري پرائمري ٽيچينگ ڪري رھيو هيو.

ادبي لحاظ کانھن ۱۹۹۵ کان ٻاراڻيون ڪھاڻيون لکي لکڻ جي شروعات ڪئي، جيڪي ان وقت ھلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز جي ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ صفحن ۽ گل ڦل، گلڙا ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون. تنھن کانپوءِ ڪجھ سال ادبي کيتر کان پاسيرو رھيو، ٻيھر ۲۰۰۵ کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيائين، جيڪو سلسلو آخر تائين جاري رهيو. سندس ڪھاڻين جا ٻہ ڪتاب “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” ۽ “گلن سان تعزيت” ڇپيل آهن جيڪي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پڻ موجود آھن.

جاتي مان جاري ٿيندڙ ٻاراڻي رسالي “روشن تارا” جو ايڊيٽر پڻ رھيو، جنھن جا ۱۷ شمارا شايع ٿيا.

فني لحاظ کان ٻن اسٽيج ناٽڪن راز ۽ دجال جون ڪھاڻيون لکي انھن کي پيش ڪيائين.

سنڌي ادبي سنگت، بزم ادب، شاھين آرٽ سرڪل جاتي ۽ سنڌ سلامت سان جڙيل رهيو. بڪين ۽ جيري جي تڪليف سبب اڄ ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي اسان کان وڇڙي ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر جي ھن لنڪ تي عبدالسلام ٿهيم جا ۲ ڪِتاب موجود آھن:

 

(محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي رکيل)


 

عبدالسلام ٿهيم

ڪهاڻي جي وڻ تان اڏامي ويل پکي - گُلن سان تعزيت

دريا خان شنباڻي

عبدالسلام ٿهيم ولد محمد مبارڪ ٿهيم سجاول جي ساحلي پٽيء واري شھر جاتيء ۾ ۱۵ مارچ ۱۹۸۰ع ۾ جنم ورتو. پرائمريء کان سيڪنڊريء تائين تعليم جاتيء مان حاصل ڪئي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽيء مان ڪيائين.

۲۰۰۴ع کان پنهنجي زندگي جي آخري لمحن تائين ادب سان واڳيل رهيو. سندس مامو نور الدين نفيس پڻ هڪ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آھي ۽ ان جي رهنمائيء سبب ئي عبدالسلام ٿهيم جو به لاڙو رهيو ۽ سندس مامي ئي کيس لکڻ لاء اتساهيو. عبدالسلام ٿهيم پنهنجي لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي روزاني ھلال پاڪستان جي ٻارن واري ادبي صفحي ۾ شايع ٿي. عبدالسلام ٿهيم ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ٻارن جي هفتيوار پروگرام ۾ اصلاحي خاڪا به لکيا.

۲۰۰۶ع کان وڏن لاء ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪيائين. ۲۰۰۷ع ۾ ٻارن لاء علمي ادبي رسالو “روشن تارا” جي نالي سان پنهنجي ايڊيٽريء هيٺ ڇپرائيندو رهيو جنهن جا سترهن شمارا مارڪيٽ ۾ آيا.

عبدالسلام ٿهيم ڪهاڻين سان گڏ ڪجھ اسٽيج ڊراما به لکيا جيڪي جاتي شھر جي مختلف ادبي، سماجي پروگرامن ۾ پرفارم ٿيندا هيا. سندس ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب شايع ٿيل آھن. جن ۾ ننڍن ٻارن لاء لکيل ڪهاڻين جو ڪتاب “مينهن آيو موٽي”

سندس ٻه ٻيا ڪهاڻين جا ڪتاب “اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس” ۽ “گُلن سان تعزيت” به مارڪيٽ ۾ موجود آھن.

عبدالسلام ٿهيم ڪُل ۴۳ سالن جي مختصر حياتي ماڻي پر ان مختصر حياتيء ۾ پنهنجي حصي جو ڀلو ۽ چڱو چوکو ادبي ڪم ڪري ويو.

عبدالسلام ٿهيم نئين ٽھيء جو پڪو پختو ڪهاڻيڪار هيو جو کيس ٿوري ئي عرصي ۾ ۽ جيئري شھرت ماڻيائين ۽ دوستن ۽ چاهيندڙن جو سٺو حلقو پيدا ڪيائين. کيس شھرت جي ڪا هروڀرو بُک نه هيس، ان جو اندازو مون کي تڏھن ٿيو جڏھن ڪجھ مهينا پهريان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن حيدرآباد ۾ ووٽ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو ته مان دريء وٽ بيهي پنهنجي معدي مان رت ٿُوڪاري رهيو هيس، ان وقت پٺيان ڪنهن شخص اچي ڪلهي تي هٿ رکيو، مڙي نهاريم ته اهو عبدالسلام ٿهيم هيو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀريم ته پڇيائين “هاڻي ڪيئن آھي طبيعت” مُرڪندي چيم “بهتر آھيان، رب پاڪ جو شڪر آھي” اتي بيٺي بيٺي اسان جي سُٺي ڪچهري ٿي وئي، پوء هڪ سيلفي به ورتائين ۽ پوء اليڪشن جي گهماگهميء ۾ گُم ٿي ويو پر منهنجي دل ۾ سمائجي ويو.

ظاهري طور تي عبدالسلام ٿهيم ڪنهن به بيماريء ۾ وڪوڙيل نظر ڪونه آيو جو سندس مُک تي مُرڪ ۽ دوستن لاء ڀاڪر هيس. بعد ۾ خبر پئي ته سندس بڪين ۾ ڪا تڪليف آھي ۽ اها ئي تڪليف کيس جيري تائين ڦھلجي وئي ۽ سندس ڪارائتي شيءِ متاثر ٿي پئي.

ائين عبدالسلام ٿهيم بڪين ۽ جيري جي تڪليف سبب هن جهان تان هليو ويو پر سندس ڪهاڻيون سدا رهڻيون آھن. عبدالسلام ٿهيم جي موت واري خبر پوري ادبي ماحول کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو. جنهن ادبي ماحول ۾ اسان جيئرن کي ته اهميت ناهيون ڏيندا يا انهن غريب ۽ بي پهچ اديبن لاء ٺاهيل ادارا سنجيدگي ناهن ڏيکاريندا پر وڃڻ کان پوء واري ڏک ۾ وٺجي ويندا آھيون جيڪو پڻ وڏو الميو آھي. ادب جي دنيا ۾ صرف مفاد پرست، لالچي، قلم وڪڻڻ، ياريون باشيون نڀائڻ، يا پنهنجو پيٽ ڀرڻ وارا ناهن پر اهي به اديب آھن جيڪي پنهنجي پوري حياتي خودداري، ڪسمپرسيء، غربت، لاچاري، بي گهري ۾ گذاري رهيا هوندا آھن پر ڪٿان ڪجھ گُهرڻ عيب سمجهندا آھن.

عبدالسلام ٿهيم به انهن خوددار اديبن مان هڪ هيو جنهن ڪنهن شخص يا اداري اڳيان ڪنهن به مدد لاء جهولي نه ڦھلائي حالانڪ اهي ادارا آھن ئي اهڙن بي پهچ ۽ بي سهارا اديبن لاء پر پوء به ڪٿان ڪا دانهن نه نڪتي ته، “سندس مدد ڪئي وڃي”

اهو ڪم ادبي ادارن کي ڪرڻ گهربو آھي ته، هڪ اديب بابت انهن وٽ مڪمل ڊيٽا، زندگي جي حالاتن ۽ سندس مشڪل گهڙين جي خبر هجڻ کپي ۽ اڳتي اچڻ کپي، پر هتي ڪاريء وارا ڪک آھن. پوء هڪ اديب گهرڻ به لڳي ۽ حاصل به ڪجھ نه ٿئي ته پوء اهي ائين عبدالسلام ٿهيم جيان خاموشيء سان هي جهان نه ڇڏيندا ته باقي ڇا ڪندا.

عبدالسلام ٿهيم ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڪهاڻي جي وڻ تان ڪنهن پکيء جيان اڏامي ويو ۽ ڪهاڻي جي وڻ تان سندس ڪهاڻيون پيون ميوا جهلينديون ۽ ادب ذوق سندس ڪهاڻين مان ذائقو وٺندا رهندا ۽ سندس ڪهاڻيون ادب جي دنيا ۾ رهنمائي ڪنديون رهنديون.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



عبدالسلام ٿھيم

تعزيت نامو

حسيب ڪانهيو

مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!

“ٻُڌاءِ ڇا آيو سي ٽي اسڪين ۾؟” مون کانئس اُڻتڻ منجهان پڇيو.

“ٽيومر آهي ڪو گُڙدي جي ڀر ۾ يار.” هن چيو. هن ته ائين چيو ڄڻ ڪنهن ٻئي جي باري ۾ ٻُڌائيندو هجي پر مون ائين ٻُڌو ڄڻ مون پنهنجي پاڻ جي باري ۾ ٻُڌو هجي! اهو ٻُڌنديئي رڳو دل ۾ نه پر منهنجي پوري جسم ۾ درد جي هڪ لهر ڊوڙي وئي! مون ڪجهه نه ڳالهايو هو. وري به سلام ئي ڳالهايو، “گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر چيو آهي ته آپريشن ڪرايو جلد از جلد . . . . . منهنجي خيال ۾ گُڙدي سميت اهو ٽيومر نڪرندو . . . . مڙيئي خير ٿي ويندو.” اُلٽو مون کي آٿت ڏيندي وراڻيو.

۽ پوءِ لمحن جي خاموشي کان پوءِ مون کيس چيو هو، “مون ڪنهن سائنسي تحقيق ۾ پڙهيو هو ته، هڪ گُڙدي وارا ماڻهو ٻن گُڙدن وارن کان وڏي ڄمار ماڻيندا آهن. ڪو مسئلو ناهي پيارا.”

گُذريل پندرهن سالن جي تسلسل جي اها آخري ڪال هئي، جيڪا سدائين جيان سلام مون کي ڪئي هئي. دوستي جي پهرين ڪال کان وٺي هر ڀيري هُو ئي ڪال ڪندو هو. ڪال ڪرڻ ته ٺهيو، ڪڏهن ڪڏهن ته آئون هڻ وٺ ۾ هوندي سندس ڪال کڻي به نه سگهندو هئس. پر سلام منهنجيون اهي ڪميون ڪوتاهيون ڪڏهن دل تي کنيون ئي ڪين!

منهنجي ڪاميابي جي پُٺيان جنهن عورت جو هٿ آهي، تنهن مون کي هڪڙي ڀيري چيو هو، “توکي خبر آهي تنهنجي نالي جو مطلب ڇا آهي؟”

مون چيو هو، “ها، ‘حسيب’ جو مطلب آهي ‘ڪافي’.”

“ها پر، ‘ڪافي’ ان معنى ۾ ته ‘پورو ڪرڻ وارو’ يعني اڻپورين شين کي پورو ڪندڙ’.” هن چيو هو. هن جي اها ڳالهه ڄڻ ته منهنجي پوري تسخير ڪري وئي هئي! واقعي به مون کي اڌورو پڻ نه وڻندو آهي. جيڪا به اڻپوري شيءِ ڏسندو آهيان تنهن کي پورو ڪرڻ چاهيندو آهيان. ائين هڪ ئي وقت جام سارا گدرا مُٺ ۾ ڪرڻا پوندا آهن. نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهو محسوس ٿيندو آهي ته ٻين کي پورو ڪندي ڪندي آئون پاڻ اڌورو رهجي ويو آهيان. اهو هڪ ڊگهو معاملو آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي ڀيري ڇيڙبو پر خاص طور، سلام جي وڇوڙي ته اها ڳالهه مون کي شدت سان محسوس ڪرائي آهي.

جڏهن عبرت مئگزين ۾ لکڻ شروع ڪيو هوم ته جام سارا دوست مليا هئا پر انهن مان گهڻي ڀاڱي منهنجي رابطي بحال نه رکڻ جي ڪري مون بابت الائي ڪهڙا خيال جوڙي جدا ٿي ويا. مون وٽ فقط ٽي دوست رهجي ويا، هڪڙو ساگر سهندڙو شڪارپور مان، ٻيو اويس ڀٽو جيڪب آباد منجهان ۽ ٽيون هو عبدالسلام ٿهيم جاتي مان. ساگر سان ويهين ورهين ڪو ڪم پوي ته ڳالھ ٿئي ٿي نه ته ٿيو خير. اويس وري ڪڏهن صبح شام پيو ڳالهائيندو ته ڪڏهن ڪڏهن وري مهينن جي ٽُٻي هڻي ويندو! باقي سلام اهڙو هو جو مون سان مسلسل رابطي ۾ رهندو ٿي آيو. هن کي مون کي جهڙو هئس تهڙي حالت ۾ پوري ريت پنهنجو ڪيو هو. تقريبن پندرنهن سال گذري ويا پر هن جو تسلسل اهو ئي رهيو. بس پوءِ سال کن اڳ، جڏهن هو بيمار ٿيو ته عشق جي گاڏي کي هاڻي مون ئي ڌِڪڻ شروع ڪيو ۽ هن کي ساهي ڏنم. ان کان پوءِ آخري ڏينهن تائين آئون مسلسل ساڻس رابطي ۾ رهيس. آئون ئي کيس ڪال ڪندو رهيس. آخري ڏينهن طبيعت جي بيزاري سبب منهنجي ڪال ڪڏهن نه به کڻندو هو ته دل ۾ نه ڪندو هئس.

ماڻهو جو قد جيڪڏهن زبان سان ماپيو وڃي ته آئون سمجهان ٿو ته جام سارا ماڻهو بنهه هلڪا ٿي بيهندا پر سلام پنهنجي زبان کان ننڍو نظر نه ايندو. مون اهو ڄاڻي ورتو آهي ته ڪردار فقط ٻن شين کي هڪ ڪرڻ سان ٺهي ٿو، هڪ قول ۽ ٻي فعل. سلام پنهنجو ڪردار به اهي ٻئي شيون ملائي ٺاهيو. اسان جي سماج ۾ اديب جو تصور اڃا اهڙو جديد ٿي نه سگهيو آهي، جو ڪي والدين پنهنجي ٻارن کي به اديبن جي محفل ۾ جو چئي سگهن. اسان وٽ اڄ به صوفي جو مطلب دنيا جهان کان لاتعلق ڄاتو ٿو وڃي ۽ اديب کي نه گهر جو نه گهاٽ جو سمجهيو ٿو وڃي پر سلام ائين نه هو. سلام جو ڪردار جديد اديب جو آئينو هو. هُو پنهنجي ڪردار ۾، پنهنجي گفتار ۾ اهڙو ضرور هو جو هر ماءُ پيءُ چاهي ته شال اسان جو ٻار به اهڙو ٿئي.

سلام هڪ خوددار ماڻهو هو. مون کي ياد آهي جڏهن کيس ٽيومر جي خبر پئي هئي ته مون کي چيو هئائين ته، “دوستن جو بار آهي ته ثقافت کاتي کان امداد جي اپيل ٿا ڪريون پر مون سختي سان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.” هن واقعي به انڪار ڪري ڇڏيو هو. مون کي خبر هئي ته سلام جي مالي حالت ڪا مطمئن ڪندڙ نه هئي، مٿان والد صاحب به بيمار هئس سو انڪري کيس ڳڻتي ضرور هئي پر هن ‘ڀلي بُک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان.’ کي مانُ پئي ڏنو هو. اهو قصو ٿورا ڏينهن هليو هو ۽ پوءِ جڏهن علاج جو ڪاٿو ڪيوسين ته مون کيس حجت ڪري چيو هو، “يار سلام، تون تعليم کاتي ۾ استاد آهين ۽ پنهنجو سيڪريٽري اڪبر لغاري صاحب هڪ اهل آفيسر آهي ۽ پنهنجي ادبي لڏي جو به آهي، آئون ان کي معاملي کان آگاهه ٿا ڪريون. هي پنهنجي ضرورت آهي، پنهنجو حق آهي، مون سان انڪار نه ڪجان. ٻيو ڪنهن کي ڪا ڪل ئي ڪا نه پوندي يار.” منهنجي زور اڳيان هن زاري ڪئي ته مون شڪر ڪيو هو. ٻئي ڏينهن سيڪريٽري صاحب پاران به هاڪاري موٽ ملي هئي ته اطمينان ٿيو هو پر سلام جو اخلاق ڏسو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن سندس علاج SIUT مان شروع ٿيو ته مون کي چيائين، “يار، هتي سڀڪجهه مفت جو آهي، باقي ڪرايو ڀاڙو آهي سو الله مالڪ آهي، سيڪريٽري جي مهرباني.” مون کيس چيو هو، “جاتي کان ڪراچي جا ڀاڙا به چيلهه ڀڃي ڇڏيندا. انڪار نه ڪر.” پر هن ‘ننهن کي نوَ ڪوٽ’ ڏئي ڇڏيا. هن آخر تائين ڪنهن کي به ڪا اپيل ٽپيل ڪانه ڪئي.

هن جي بيماري کان آئون پل پل واقف رهيس پر مون کي اندازو نه هو ته هُو ايترو جلدي اسان کان جدا ٿي ويندو. هن جو آپريشن ٿيو ۽ پوءِ فالو اپس جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو آخر تائين جاري رهيو. مهينو کن مون کي ٻُڌايائين ته، “يار مون کي سائي به ٿي وئي آهي.” پر اصل ۾ بيماري آپريشن کان پوءِ ڦهلجي وئي هئي شايد. ڪينسر هن جي ساهه ۾ سهڪو ڏئي ڇڏيو هو. هن جو آخري وائس مون ڪيترائي ڀيرا ورائي ورائي ٻُڌو آهي جنهن ۾ هن مون کي چيو آهي ته، ‘پاڻ پوءِ آرام سان ڪچهري ٿا ڪريون، ٺيڪ آ.” ڏاڍو ٿڪل ٿڪل سهڪي ورتل آواز. . . .

۱۵ مارچ ۱۹۸۰ع تي سلام ڪنهن امير جي گهر ۾ جنم نه ورتو هو پر هُو دل جو امير هو. هُو حوصلي جو بادشاهه هو. هن جي والده ڪجهه عرصو اڳ گذاري وئي هئي، مٿان وري سندس هڪ ڀاءُ به فوت ٿي ويو هو. اهي سُور سندس والد کي وڪوڙي ويا هئا جو ان جو دماغ به هاڻي جائتو ناهي رهيو پر سلام جي سِر تي جام سارا بار هئا سو هُن حوصلو نه هاريو هو. لاشعوري طور تي ته شايد کيس پنهنجي موت جو به ادارڪ ٿي چڪو هو. شايد انڪري ئي هن تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا. هن ٿوري ئي وقت ۾ گهڻا معاملا اڪلايا هئا. ٻه مهينا اڳ هن پنهنجي ڀاءُ اصغر جو ڪاڄ به ڪري ڇڏيو هو ۽ گهر ته ان کان به اڳ لون کڻي به ٺهرائي ڇڏيو هو. سلام جو هاڻي فقط هڪڙو ڀاءُ ئي آهي. پر ان جي ورثي ۾ سلام ڪي مشڪلاتون نه پر آسانيون ئي ڇڏيون آهن. درد سمورا هُو پاڻ سان کڻي ويو هليو. . . .

هُو ٻارڙن جي رسالي ‘روشن تارا’ جو هڪ بهترين ايڊيٽر به رهيو. هن جاتي ۾ اسٽيج ڊرامن جو نئين سِري سان ٻيهر بنياد به وِڌو ۽ ڪامياب ڊراما پيش ڪيا. سلام سنڌي ادبي سنگت شاخ جاتي جو سيڪريٽري به هو ته استادن جي تنظيم پ ٽ الف جو اڳواڻ پڻ. سلام ٿوري وقت ۾ پنهنجي مامي نورالدين نفيس جو ڪلام به سهيڙي ورتو ۽ ‘نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبو’ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيائين. ۽ واري واري سان پنهنجي ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ‘اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس’ ۽ ٻيو ‘گلن سان تعزيت’ به سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهي ويو. ان کان سواءِ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران سندس ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب ‘مينهن آيو ڊوڙي’ به ڇاپيو ويو. جيڪو ٻاراڻين ڪهاڻين جو هڪ بهترين ڪتاب آهي. هن هڪ ئي مُٺ ۾ ڪيئي گِدرا ڪرڻ جو فن ڄاتو ٿي.

سلام سان توڙي جو تعلق تمام مضبوط رهيو پر روبرو ملاقاتون فقط ٻه ئي ٿي سگهيون. هڪڙي پهرين ۽ ٻي آخري! پهرين ملاقات عجيب هئي. هُو پنڌ پڇائيندو منهنجي ڳوٺ اچي مون سان مليو هو. آئون بس مان لهندي ئي کيس سڃاڻي ويو هئس. ۽ ٻي ملاقات سنگت جي گذريل چونڊ واري ڏينهن حيدرآباد ۾ ٿي هئي. جتي يار محمد چانڊيو، ساجد چانڊيو، امداد ڪانهيو، عبدالغني شر ۽ ڪي ٻيا دوست به هئا. اسان يار محمد جي خرچ تي خانه بدوش جي چانهه پيتي هئي. مون کان سواءِ ڪنهن کي اندازو ئي نه هو ته سلام جي طبيعت ڪيتريقدر خراب آهي. اندازو ٿئي به ته ڪيئن؟ هُو سڀني سان خوش ٿي کِليو مِليو جو پئي! اهو ئي سبب هو جو سلام جي موت جي خبر انهن سڀني دوستن جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون جيڪي اتي موجود هئا.

سلام سان منهنجي ساهه جو سڳو هو. آئون ڄاڻان ٿو ته هُو ڪيئي مُحبتون به اڌوريون ڇڏي ويو آهي. ها، شايد ته کيس لاشعوري طور کيس اندازو هو ته هتان تمام جلد اڏري وڃڻو آهي سو درد جي اهڙي ونڊ ڪجي ئي نه، جنهن سان درد ضرب ٿي وڃي! هُو پنهنجي هيڪلاين سان هليو ويو. هن جي وڃڻ سان ئي مُحبتن جون غلط فهميون دور ٿيون هونديون.

سلام سان ڪيئي يادون وابسته آهن. ٽي سال اڳ چيو هئائين، “يار پروگرام ٺاھ ته آئون جاتي مان اچان ۽ تون ميرپورخاص مان، حيدرآباد ۾ ملون ۽ پوءِ پير عبيد کان ويندي پياري يار محمد تائين سڄي سنڌ لتاڙي به اچون ته يارن سان ملي به اچون.” اهو پروگرام مون کي وڻيو هو پر ٻه سال مسلسل ٺهندي ٺهندي ڊهندو رهيو نيٺ سلام جي طبيعت جواب ڏئي وئي.

اسان ڪيئي ڪهاڻيون گڏ گڏ لکندا هئاسين. هن کي ڪو خيال ايندو هو ته هڪدم مون سان ونڊ ڪندو هو. پوءِ ان تي ڪهاڻي لکندو هو. اسان پنهنجيون ڪهاڻيون هڪٻئي کان بهتر ڪرائيندا هئاسين.

سلام جون ڳالهيون کُٽڻ جون نه آهن سو ڳالهه کي کُٽائڻ جي ٿا ڪريون. ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع، جمعي جي ڏينهن ٻنپهرن جو مون کي غني جي ڪال آئي، هن دانهن ڪري چيو؛ “اڙي يار سلام ته گذاري ويو!!”

مون هڪدم ڪال ڪٽي ڇڏي. مون اهو جملو نه پئي ٻُڌڻ پر مسلسل منهنجي ڪنن ۾ انهي جملي جو پڙاڏو گونجڻ لڳي ويو. . . تيز. . . اڃا وڌيڪ تيز. . . . جيئن پوءِ تيئن تيز... . . . .

بس پوءِ سوشل ميڊيا تي اها خبر جنهن ڪنهن جي وال تي اکين آڏو اوندهه ٿي ڇائنجي وئي.

پوءِ ڇنڇر ڇڏي آچر تي جڏهن عبدالغني شر مون کي جاتي وٺي ويو هو ته دل ڏاڍي اداس اداس هئي. ان کان اڳ مون جاتي فقط عبدالسلام ٿهيم جي اکين سان ڏٺي هئي. ڪيڏي نه خوبصورت هئي جاتي! مگرڀين جي درگاهه! درگاهه جو ميلو، ملاح ۽ نچندڙ ڪُڏندڙ ملاح، بزمِ روحِ ادب جون رهاڻيون، اسٽيج ڊراما، سنگت جون گڏجاڻيون. . . . . پر اڄ ته ڄڻ ڪاري وارا ڪک هئا هر پاسي. . . . . . سڄي جاتي کي مگرڀين جي قبرستان جي هڪ قبر اداس ڪري وئي هئي. سلام جي ننڍي ڀاءُ اصغر سميت سندس دوستن اشرف ٽيمڙو، اشرف ملاح، عمر خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن پنهنجن پراون جون اکيون آليون هيون. . . .

سيڌي سامان جو وزن ساهمي ۾ رکڻ سان ٿيندو آهي پر ماڻهو جي ڪردار جي ڪٿ ان جي نڪرڻ سان ٿيندي آهي. سلام ڇا هيو؟ اسان کي ته اڳ ئي خبر هئي پر گهڻن کي ان پڄاڻان به پتو پيو هوندو. . . . مگرڀين جي مٽي ۾ دفن ٿيل منهنجي محبوب دوست کي اداس اکين سان عيد مبارڪ.

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

رُئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،

مون کي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اوهـــري! شاھ

 

(پندرھن وار عبرت مئگزين حيدرآباد جي شماري ۱۶ کان ۳۰ اپريل ۲۰۲۳ع ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا