; سنڌي شخصيتون: يوسف لغاري

10 April, 2023

يوسف لغاري

يوسف لغاري

چوٿين مارچ جو سورمو

مير مولا بخش تنيو



۴ مارچ جي واقعي جي اهميت هيئن آهي ته سنڌ ۾ قومي تحريڪ ۽ شاگرد تنظيمن جو بنياد چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ۴ مارچ جدوجهد اڄ به نه رڳو شاگرد تنظيمن لاءِ اتساهيندڙ آهي پر قومپرست پارٽين لاءِ پڻ هلڻ جي راهه آهي. اهو ان ڪري جواڄ سنڌ سطح تي جيڪي قومپرست ۽ وطن دوست پارٽيون آهن، انهن جون اڳ ۾ شاگرد تنظيمون ماءُ جو (Mother wing) جو ڪردار ادا ڪنديون هيون. هن وقت سنڌ جي قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ شاگرد تنظيمن جي پيداوار آهن. مارچ واري جدوجهد ۾ شامل ڪردار جيتوڻيڪ سون هزارن جي تعداد ۾ آهن جنهن کان ڪنهن به ريت انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر هڪ کاهوڙي ڪردار محمد يوسف لغاري، ا نهن سڀني کان نهايت ئي اعليٰ ۽ شاندار آهي. سندس مٿان قيد ۽ تشدد جون حيدرآباد ۽ ڄامشوري جون هوائون شاهد ۽ امين آهن. هي کاهوڙي ڪردار اڄ انهيءَ جوش ۽ ولولي سان دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهي.


هونئن به ڪردار جو اهو معيار ناهي جو انسان ڪهاڙي يا بندوق سان ڪا ڳالھه ڪري يا ڪنهن تنظيم جي سربراهي ڪري پر جدوجهد جا ٻيا به ڪي معيار هوندا آهن. سندس وڪالت جي دور جون ڊائريون اڄ به موجود آهن جيڪي پاڻ ٻڌائينديون ته هن مرد مجاهد انسان ڪيترن مسڪينن ۽ بي سهارا انسانن جا ڪيس مفت ۾ وڙهيا آهن. ايتري قدر جو ٿري مسڪين ماڻهن کي ڀاڙي جا پيسا به کيسي مان ڏئي ڇڏيندو آهي. ۱۹۹۲ع جي آپريشن ۾ ڪيترائي قومي توڙي سياسي ڪارڪن بند ۾ واڙيا ويا يا گم ڪيا ويا ته انهن جا ڪيس به هن مرد مجاهد مفت ۾ وڙهيا هئا. هن وٽ ان ڳالهھ جو ڪو فرق ئي نه هو ته ڪهڙو ڪارڪن ڪهڙي تنظيم يا پارٽيءَ سان تعلق رکي ٿو. هن بنا ڪنهن فرق جي قوم جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندو رهي ٿو.

محمد يوسف لغاري اڄ به بهترين سماجي ۽ همٿائيندڙ ڪردار آهي. هن کاهوڙي ڪردار هڪ قانوندان ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قابليت، نظم وضبط ۽ اصولي موقف جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. اصولي طور ۴ مارچ سنڌ ۾ جمهوري ۽ قومپرست سياست جا بنياد رکيا هئا، ان پٺيان به بنيادي ۽ اهم ڪردار محمد يوسف لغاري جو آهي. ائين ناهي ته سنڌ جي سڄاڻ طبقي، کيس موٽ ۾ ڪائي اهميت نه ڏني پر ايئن قطعي ناهي سندس قومي ڪردار بلڪل چٽو ۽ نروار آهي پر اها ڳالهھ مڃجي ته کيس عوام سياسي پذيرائي نه ڪئي. هونئن ته سندس ڪيل جدوجهد سياسي توڙي قومي اُلاپ جو حقيقي بنياد آهي. سندس ڪردار نهايت ئي واضح آهي ۽ سندس ڪردار جي خوشبو به ماڳان آهي. سندس اڄ به جٽادار ڪردار قوم پرستي لاءِ اتساهيندڙ آهي.

سندس ۴ مارچ واري جدوجهد سنڌ جي جديد قومپرستيءِ کي فڪري بنياد ۽ نوان لاڙا مهيا ڪيا. باقي هي ته الڳ فلسفو آهي ته اسان ڪهڙن نمائندن کي ڪهڙن مفادن تحت اسيمبليءَ تائين پهچايو آهي. هن کاهوڙي ڪردار جي فڪر ۽ جدوجهد جو مرڪز صرف ئي صرف سنڌ آهي. سندس دل ۽ دماغ ۾ اڄ به سنڌ ايئن وسي پئي جيئن ۴ مارچ ۱۹۶۷ع واري جدوجهد ۾ وسي رهي هئي. اڄ سنڌ واسي ۴ مارچ جي جدوجهد کي بڻياد بڻائي اهم عوامي ۽ قومي پاليسيون جوڙي بهتر فيصلا ڪري سگهن ٿا پر افسوس جو اسين پاڻ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا پيا وڃون جو اسان جي هاڻوڪن اڳواڻن ته سنڌ کي بمبئي بيڪريءَ جو ٽڪر سمجهي ورهايو آهي پر مان اڄ به دعويٰ سان ٿو چوان ته محمد يوسف لغاري سنڌ سان جيڪا محبت ڪري رهيو آهي، اها اسان لاءِ اڄ به مشعل راھ آهي ۽ هميشه رهندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



ماما يوسف لغاري

پروفائيل

حسين ڪپري

انهي ماڻهو تي آئون ڇا لکان جيڪو جيترو گڏ آهي، اوترو جدا به آهي. جدا هو پنهنجي ڪمن جي ڪري آهي، گڏ هو سڏ ۾ آهي. مگر سڏ به پاڻ ڪري ٿو.

فون جي گهنٽي وڄي ٿي، ”تون جيم خانا اچ، آمريڪا مان مهمان آيو آهي، ڊنر ڪرائڻي آهي.“

ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ اسان جا سنڌي ڀاءُ جڏهن موڪلون گذارڻ هتي اچن ٿا ته انهن کي سنڌ جي جام ڳڻتي ٿي پوندي آهي. ڏاڍا سوال ڪندا آهن.

پوئين سال ڪراچي هئس جو لنڊن مان آيل همراهه پڇيو، ”سنڌ ٻڏي پئي يا تري پئي. اڳيان پئي وڃي يا پويان پئي هٽي. ڀٽي جو قرض ڪڏهن لهندو؟“

سندس لڳاتار سوالن ايئر ڪنڊيشنڊ ۾ به منهنجا پگهر ڪڍائي ڇڏيا. هن ڊنر تي به اهڙيون ڏکيايون پيش اينديون پر فڪر ناهي، پاڻهي يوسف ڪنڊا ڪڍندو!

فون رکي آئون سوچيان ٿو شوز ڪهڙا پائي وڃان!

وري ٽي چار مهينن کان پوءِ فون اچي ٿو، ”چانهه ٺهراءِ! اچان پيو.“

چانهه ختم ٿي وڃي ٿي ڳالهيون هلن پيون. ڪلاڪ کن کان پوءِ گلاس ٽيبل تي اچيو حاضر ٿين. گلاسن جي ڀرسان هو يادن جي شاهي ڳٺڙي کولي رکي ٿو. ان مان آئون پنهنجي پسند جا موضوع هڪ هڪ ڪري کڻان ٿو.

جڏهن اسين ٻه ڄڻا ڪچهري ۾ هوندا آهيون ته ٻيو به هو پاڻ هوندو آهي، تنهنڪري ٽئين لاءِ گنجائش نه نڪرندي آهي.

منسٽر جون ڪالون اچن پيون، هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن جي سلسلي ۾. هو فون سائلينٽ تي ڪري ڇڏي ٿو.

گهڙيال جا ڪانٽا ڦرندا وڃن، ايش ٽري اجهاڻل سگريٽن سان ڀربي وڃي. آئون وري فرج مان برف کڻي اچان ٿو.

”ماڻهو ٻڌي نٿا ڪن، ڄٽ آهن، غريب آهن ته پوءِ ڇا انهن کي ڇڏي ڏيون. رڍن جي ڌڻ کي بگهڙن جي حوالي ڪري ڇڏيون، تون ٻڌا؟“

آئون ڪجهه ٻڌائڻ بدران گفتگو جو رخ سياست کان ذاتيات ڏي موڙي ڇڏيان ٿو.

”ماما، تو عشق گهڻا ڪيا؟“

هن جو چهرو پاڻي جي تلاءُ وانگر پرسڪون ٿي وڃي ٿو. بيٺل پاڻي جي آئيني ۾ مون کي پنهنجو چهرو نظر اچي ٿو.

”مون عشق نه ڪيو، ماين ڪيو. ڪن چئي ڏنو ۽ ڪي چوندي چوندي رهجي ويون. پر مسئلو اهو هو ته ٽائم ئي نه هو پاڻ وٽ!“

فيض چيو، خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي ڪم سان عاشقي ڪن ٿا!

”رات جا اڍائي ٿيا آهن، ڊرائيور وٺي وڃو،“ اٿڻ مهل آئون چوان ٿو.

منهنجي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري گيٽ مان ٻاهر نڪري ٿو.

”سدائين گڏ.“ هن جي وک ٿڙي ٿي نه زبان!

پتڪڙي ڪار ۾ گُڪو ٿي ويهي ٿو ۽ گيئر هڻي روانو ٿيو وڃي!

هن جي ڪار ننڍڙي، گهر ننڍڙو مگر دل جي بادشاهي وڏي آهي. ان بادشاهي جي ڪنهن ٽڪري ۾ اسان جهڙا ماڻهو به رهن ٿا جن کي سندس اُلڪو رهي ٿو.

ٻيو ڪو ماڻهو هجي ته هيترو پيئڻ کان پوءِ ڊرائونگ کان خوف ڪري ها. خوف مگر هن جي پاڙي ۾ به نٿو رهي سگهي.

بهادري ھر دور ۾ انسانن جو اعليٰ گڻ رهيو آھي، ان جو ميلاپ جڏهن اعليٰ مقصد سان ٿئي ٿو ته پوءِ تاريخ لکبي آهي. گذشته پنجاهه سالن جي تاريخ کڻو، ان جو هر پاسي کان ٺوڪي وڄائي جائزو وٺو، سنڌي ماڻهن لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ يوسف لغاري دعائن ۾ بسم الله وانگر نظر اچي ٿو!

هو سنڌ جو اهڙو باغي ڪردار آھي، جنھن سان مظلوم ۽ هيسيل ماڻھو انڌي عشق واري عقيدت رکن ٿا. انهي عشق کيس پنهنجي جيئري ئي ديومالائي حيثيت عطا ڪري ڇڏي آهي. هن جي باري ۾ جيڪو به لکجي ٿو سو سندس دلبري ۾ اڃا به اضافو ڪري ڇڏي ٿو.

مسڪين ماڻهو تارن ۾ چنڊ نه ٿيندا آهن، وڏي ڄڃ ۾ گهوٽ نه ٿيندا آهن ۽ سياست ۾ ليڊر نه ٿيندا آهن. مامو يوسف به غريب هو، هيٺين طبقي مان اٿيو مگر ايڏي وڏي مرتبي کي رسيو جو اڄ هر نڌڻڪي ماڻهو جو ڌڻي، هر اڪيلي جو ساٿي ۽ هارايل جو ڀرجهلو آهي!

سنڌ ۾ هن جو نالو ائين هلي ٿو جيئن بازار ۾ ڪڙڪ نوٽ هلندا آهن. مٿس ايترو ڀروسو انهي ڪري آهي ته سڀني کي خبر آهي هو جهڪندو ڪونه، وڪامندو ڪونه، اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويندو ڪونه!

دنيا ۾ هينئر شفافيت جو نعرو هلي ٿو. جيڪي ڳالهيون ۽ معاملا لڪائجن ٿا تن تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. هن جي زندگي هميشه کليل ڪتاب رهي آهي جنهن جي دل چوي، جتان وڻي ورق ورائي پڙهي سگهي ٿو...

... دنيا ۾ هينئر شفافيت جو نعرو هلي ٿو. جيڪي ڳالهيون ۽ معاملا لڪائجن ٿا تن تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. هن جي زندگي هميشه کليل ڪتاب رهي آهي جنهن جي دل چوي، جتان وڻي ورق ورائي پڙهي سگهي ٿو. اسان سوچيو ڪتاب ڇو پڙهون، ڳپل وقت لنگهي ويو آهي هلي ٿا روبرو ملون.

هو ڪيڏو وڏو ماڻهو آهي تنهنجو اندازو ان ڳالهه مان ٿي وڃي ٿو ته ڪنهن کي به کانئس ٽائم وٺڻ جي ضرورت نٿي پوي. هو هر ڪنهن سان ملي ٿو ۽ ان سان ان جون ڳالهيون ڪري ٿو.

اسان کان پهرين ويٺل اڇي پٽڪي واري همراهه کان پڇيائين، ”ڏي خبر وريام، هيل تنهنجي ڪڻڪ گهڻي لٿي؟“

 ٿر مان آيل هڪڙي ڀائي کي چوڻ لڳو، ”هن سال ته برساتن اوهان کي ڍئي ڇڏيو.“

مون سان هجت ڪيائين، ”تون ترس واندو ٿيان ته هلي ٿا اک ٿڌي ڪري اچون.“

هو وڏو خفتي مڙس آهي. صنف نازڪ جا گڻ خاصيتون، حسن جواني ۽ ناز انداز ائين سمجهي ٿو جيئن ڀاڳيو مال جا وڙ وجهه سڃاڻي. عمر ۾ هو مون کان چار ڏينهن وڏو آهي پر پروموشن ڏيڻ لاءِ دوست سڏي ٿو.

آئون مگر هش ۾ خوش ٿيڻ وارن مان ناهيان، ڇو جو دوست ته هن جا جام آهن ۽ تڏهن کان آهن جڏهن هن ايوب جهڙي ڊڪٽيٽر جي آمرانا سرڪار سان ٽڪر کاڌو.

هي اهو دور هو جڏهن ايوب خان جي ڪاري قانون ملڪ جو ساهه مٺ ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. پريس تي پابندي هئي، هزارين سياسي ڪارڪن جيلن ۾ قيد هئا. ڏهڪاءُ جي ڪيفيت ۾ ماڻهن عجيب حرڪتون پي ڪيون.

اسان جي شهر ڊگهڙي ۾ هڪ خوشگوار صبح جو ماڻهو کوهن تان پاڻي ڀرڻ ويا ته مٺو شربت نڪتو! پوءِ خبر پئي ته ايوب جي ڊپ کان ذخيرهه اندوز رات جو کنڊ جون ٻوريون کوهن ۾ اڇلائي ويا هئا.

جيڪي ماڻهو الائي ڪيترا سال اڳي پرايون ڇوڪريون ڀڄائي ويا هئا تن اهي نڪاح ٻڌيون مايون ٻارن سميت وارثن کي موٽائي ڏنيون! سڄي ملڪ تي ڏهڪاءُ ڇانيل هو، سڀ ڪڪڙ ٿيو ويٺا هئا، ڪنهن ۾ جرئت نه هئي ته چون ڪري. اهڙي ماحول ۾ هن ”ايوب ڪتا“ جو نعرو هنيو.

اهو چار مارچ، ۱۹۶۷ع جو تاريخي ڏينهن هو، يوسف لغاري سنڌ يونيورسٽي جي معاملن ۾ حڪومت جي بي جا مداخلت خلاف احتجاج طور شاگردن جي جلوس جي قيادت ڪري رهيو هو. هو اسٽوڊنٽ يونين جو صدر هو ۽ شاگردن ۾ انتهائي مقبول هو.

ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ، ڪمشنر مسرور حسن خلاف جلوس ڪڍڻ جي ڳالهه نڪتي ته ٻين ليڊرن مخالفت ڪئي. سوڀ مگر هن کي لکيل هئي. هن چيو، ”ڪير هلي نه هلي، اسين جلوس ڪڍنداسين!“

راجپوتانا اسپتال وٽ پوليس پرامن شاگردن کي بسن مان لاهي ”خوب ڌلائي“ ڪئي. هو پاڻ به مٿو ڦاڙائي رت ڳاڙيندو اچي ٿاڻي تي پهتو.

ڪجهه به هجي اهڙي سياسي گهٽ، سينسر ۽ خوف واري ماحول ۾ هن جرئت رندانه ڪري جيئن ڀير تي ڏونڪو هنيو هو تنهن ملڪي سياست جا وڻ وڄائي ڇڏيا!

پوءِ ته ڇوريون ڇرڻ سکي ويون، هر ڪو جلوس ڪڍڻ لڳو. جنرل ايوب خان جي دهشت ٽٽي وئي، ٻن سالن جي اندر کيس استعفيٰ ڏيئي وڃڻو پيو!

چار مارچ واري واقعي دوران هڪ مزيدار ڳالهه اها ٿي ته سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي ليڊرن جا نالا لکي ڀتين تي چاڪنگ ڪئي، ”فلاڻي خان اور ديگر ڪو رها ڪرو.“ يوسف جنهن جو انهي احتجاج ۾ مک ڪردار هو سو ”ديگر“ ٿي ويو!

حالتن جي اها ستم ظريفي اڳتي به جاري رهي. ڀٽو صاحب ايوب خان کي ڇڏي آيو ته ڪير کيس سياسي لفٽ نه ڪرائي. يوسف لغاري جامعه عربيه ۾ سندس جلسو رکايو. هڪ وڏي هجوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ يوسف لغاري کي سنڌ جو گورنر ٺاهينداسين. پر ٿيو ائين جو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ هن چئن مهينن اندر کيس جيل اماڻي ڇڏيو.

ملڪ ۾ هو جمهوريت جو پهريون قيدي هو! ان قسم جي ناانصافين جو ذڪر ڪندي هن جي لهجي ۾ تلخي نٿي اچي، هو اڄ به انهن پراڻن واقعن جا تفصيل ٻڌائيندي کليو پوي.

ميرپورخاص ڊويزن جا پراڻا سياسي ڪارڪن مرڻا مري ويندا پر يوسف لغاري کي نه وساريندا. ايم آرڊي جي ”جيل ڀريو تحريڪ“ دوران مختلف پارٽين جي سون ماڻهن جون هو نه صرف مفت ۾ ضمانتون ڪرائيندو هو پر انهن مان جيڪي غريب هئا تن کي پنهنجي کيسي مان ڪرايو ڀاڙو ڏيئي روانو ڪندو هو. ٽوڙي ڦاٽڪ، شيرين سومرو، گهانگهرا موري ۽ شاهه بندر ڪيسن ۾ به سندس اهو ئي ڪردار رهيو.

ضيا جي مارشلا ۾ هن ماڻهن کي قانوني لڙائي وڙهڻ سيکاري. ان وقت ڏاڍ خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ وڙهڻ جا جهڙا طريقا شديد هئا اهڙا ئي انهن جا انجام به خراب ۽ دکدائڪ نڪرندا هئا. ڪارڪن جيل ڀريندا، قيدون ڪاٽيندا ۽ پاڻ کي باهيون ڏيئي ساڙيندا هئا.

خود اسان جا ڪيترائي بزرگ دوست مارشلا خلاف وڙهي، ڦٽڪا کائي واپس آيا ته هن انهن کي ڪارو ڪوٽ پارائي ڇڏيو.

آهستي آهستي ڪري ڪجهه سالن اندر هو ٻين ڪيترن ئي ڪارڪنن کي وڪالت ۾ ڇڪي آيو. اهڙن ماڻهن جو وڪيل ٿيڻ سٺي ڳالهه هئي ڇو ته علائقي جي ماڻهن کي انصاف وٺڻ لاءِ سولائي ٿي پئي.

انهن ڏينهن ۾ هن جن ماڻهن کي قانون جي ڌنڌي ۾ سيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سي هاڻي ٻين کي پيرن تي بيهڻ سيکارين ٿا.

تنهن زماني ۾، اسان جون ڪچهريون به گهڻو ڪري ميرپورخاص بار ۾ ٿينديون هيون، جيڪا جيترو وڪيلن جو قلعو هئي اوترو اديبن جي اوطاق به هئي. جيڪو تيڪو شاعر، ليکڪ ڌو وڃي بار ۾ ويهي رهندو هو.

مظهر لغاري، آئون ۽ ٻيا دوست چانهه گهرائي پيا پيئندا هئا سين ته ڪڏهن مٿان اچي ويندو هو، ”ماما توهان ته هينئون ساڙي ڇڏيو. اڪيلا ويٺا ٺٺ ڪريو، مون کي ڇو نه گهرايو؟“

انهن ادائن جي ڪري دوست، گهڻگهرا ۽ واقف ڪار کيس مامو سڏيندا آهن.

ان زماني ۾ فقير محمد لاشاري جي اصرار تي هن ”جي ڀانئين جوڳي ٿيان“ جي عنوان هيٺ سلسليوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا. جوڳي لفظ جون ڊڪشنري ۾ الائي ڪيتريون معنائون آهن پر هن وٽ جوڳي جو مطلب هر ڪنهن کي ڪم ايندڙ وطن دوست ماڻهو جو هو.

انهي سڄي ڪوشش جو مقصد ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ انهن کي اهو سيکارڻ هو ته نانگ ڪيئن مارجي ۽ لٺ ڪيئن بچائجي! اليڪشن آئي ته جهڙا وڏيرا هن پاسي هئا، تهڙا وڏيرا هن پاسي.

ان سڄي صورتحال کي بيان ڪندي هن لکيو، ”ووٽ واڳون کي ڏجي يا ڄرڪي کي؟“

جديد دور جي سنڌ جي سياست جو اهو سڀني کان وڏو ۽ ڪڙو سچ آهي ته سنڌي ماڻهو وٽ ڪو ٽيون آپشن تڏهن به ڪونه هو ۽ هينئر به ناهي!

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سندس جدوجهد جا اجتماعي نتيجا سٺا مليا پر ايترا گهڻا نه ملي سگهيا جنهن سان سماج ۾ ڪا قابل ذڪر قسم جي مثبت تبديلي اچي ها.

شايد انهي ڪري جو هن جو تعلق ڪنهن سياسي پارٽي سان نه هو. ماڻهن جي پويان پارٽيون، لابيون ۽ با اثر حلقا هوندا آهن، هي پاڻ هڪڙي ماڻهو تي مشتمل فوج آهي، جيڪو جنن وانگر ڪم ڪري ٿو ۽ انسانن وانگر نتيجا حاصل ڪري ٿو. تنهنڪري کيس گهڻو مصروف رهڻو پوي ٿو.

اسان کي سڄي سنگت ۾ اهڙو ڪو پهلوان ڪونه سجهي جيڪو هن جيترو ڪم ڪري ۽ خوش مزاج به رهي. پنهنجي طويل ۽ واقعن سان ڀرپور زندگي جي تجربي مان جيڪي دل سان هنڊائڻ جهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو آهي تن تي هڪ اک کلي ۽ ٻي روئي ٿي.

هڪڙي دفعا ڪنهن فلسفيانه سوال پڇيس، ”دنيا ۾ ماڻهو جو پنهنجو ڇا آهي؟“

 ”جيڪو کيسي ۾ آهي سو ئي پنهنجو آهي،“ اک ڀڃندي جواب ڏنائين!

قانوني محڪمن جي عملي زندگي ۾ افاديت بابت چوي ٿو، ”جيڪو ريليف صوبيدار ڏيئي سگهي ٿو سو جج جي وس ۾ ناهي!“

ڪچهري ۾ هن جون ڳالهيون ائين هونديون آهن جيئن شيڪسپيئر جي ٽريجڊي ۾ ڪامڪ ريليف هوندو آهي.

ڏکن جون خبرون چارون ڪندي ڪندي وچان الائي ڪٿان ڪو ٽهڪ ٽڙي پوندو آهي.

اهو ڏسي هينئين کي واءُ لڳي ٿو ته ٻه دل جا آپريشن، ٽي خطرناڪ روڊ حادثا ۽ ويندڙ وهي به کانئس جواني واري چلولائي نه کسي سگهيا آهن.

هن جي ڳالهين ۾ خبر نه پوندي آهي ته وقت ڪيئن پنڇي وانگر پر هڻي اڏري وڃي ٿو.

ذاتي زندگي ۾ هو وڏي دل وارو ۽ نرم مزاج شخص آهي. مگر جڏهن ڳالهه اجتماعي مقصد جي هجي ته جبر سان ٽڪرائڻ ۽ غلط کي غلط چوڻ وارو جگر به رکي ٿو.

سنگت ۾ هو يارن جو يار ۽ رس ڪس کائڻ وارو ماڻهو آهي، اهڙو ماڻهو جيڪو اک ڪاڻي ڪري سگهي ٿو پر ڏس ڪاڻي نه ڪندو.

هن پنهنجي سياست جي شروعات شاگرد جي حيثيت سان ڪئي ۽ اڳتي هلي شاگردن کي سياست جو محور بنائڻ جو ڪمال ڪري ڏيکاريو. کانئس پوءِ ٻين ليڊرن انهي لاڙي کي جاري رکيو.

هن وقت نه رڳو نظرياتي سياست ۾ پر نثر، شاعري ۽ ڳائڻ وڄائڻ ۾ پهريون هيرو شاگرد آهي. انهي جي ڪري قومي تحريڪ کي سگهه ملي آهي.

سندس جدوجهد بنيادي طرح عدم تشدد واري رهي، جنهن ڪري نقصان نه ٿيو، لاش نه ڪريا پر ماڻهن کي حق مليا ۽ ڪاميابيون نصيب ٿيون.

خطرناڪ حالتن ۾ سلامتي واري طريقي سان ڪم ڪرڻ جي ان طريقي هزارن ڪارڪنن کي هڪ نئون گس ڏيکاريو ۽ اتساهه ڏنو. يوسف لغاري اهو ماڻهو آهي جيڪو ڏاڍ، جبر ۽ ناانصافي سان ٽڪر کائي ٿو ۽ دهشت کي ٽوڙي ٿو.

سنڌ ۾ هاڻي هن جهڙو ٻيو رهيو ڪير آهي. ڏاڍ کي ٽوڙڻ وارا آباد رهن.  

 

(ڪتاب: دلبر ھن ديس جا تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا