پرڀداس تولاڻي
لاڙڪاڻو جي تاريخي
تهذيبي عمارت تولاڻي هائوس جو ٺاهيندڙ ۽ سندس پونئير
آصف رضا موريو
لاڙڪاڻو شهر جي ميونسپالٽي آفيس
کان ٿورڙو ڏکڻ طرف موجود سرهيه پڌر ۽ نانو پڌر سان ڪلها ملايون هي تاريخي عمارت
تولاڻي بنگلو موجود آهي جنهن کي ورهاڱي کان سترهن سال اڳ ۱۹۳۰ع ڌاري لاڙڪاڻو جي امير هندو زميندار سخاوت راءِ جي پٽ پرڀداس تولاڻي ٺهرائي
هئي جن جي ۱۹۴۷ع ۾ انڊيا لڏي وڃڻ کان پوءِ سرڪار
پاران ڪرايل آڪشن ۾ اها تاريخي اڏاوت تر جي هڪ زميندار مسعود علي فاروقي ٽيهه هزار
روپين ۾ خريد ڪئي هئي. فاروقي خاندان نه رڳو هن عمارت جو مالڪ آهي پر سنڀاليندڙ پڻ
آهي جو هڪ سو سال جي عرصي کان هن عمارت کي جيئين جو تيئين سنڀالي رهيا آهن.
اسان رڳو اهو پڙهندا رهندا يا ٻڌندا
رهندا آهيون ته هي تولاڻي بنگلو آهي جيڪو لاڙڪاڻو جي تولاڻي زميندار سيٺين ٺهرايو
هيو ۽ اهي ورهاڱي کان پوءِ انڊيا لڏي ويا. ان کان وڌيڪ هن خاندان متعلق ڪابه خير
خبر ڪونه ملندي آهي.
تولاڻي بنگلي جي مالڪ ڪاڪي پرڀداس
سخاوت راءِ تولاڻي جو جنم ۲۵ آگسٽ ۱۸۹۳ع ڌاري لاڙڪاڻو ۾ ٿيو جڏهن ته سندس ديهانت ۱۹۸۸ع ۾ ٿيو. کيس نندلال، جي ريجسنگهاڻي ۽ چندرو تولاڻي نالي ٽي پٽ ۽ مسز
جمونتي ڪنال ۽ انجنا هزاري نالي ٻن نياڻين جي اولاد هئي. سندس سموري اولاد والد جي
نقشِ قدم تي ڪاروبار ۽ خدمتِ خلق لاءِ ساري زندگي پتوڙيندا رهيا.
ڪاڪو مسلسل اٺاويهه سالن تائين
لاڙڪاڻو ميونسپلٽي جو صدر ۽ چيئرمن رهندو آيو ۽ پنهنجي دور ۾ شهر کي تمام گهڻي
ترقي وٺرائي. هو ضلع ڪانگريس ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ آزادي جي تحريڪن ۾ به وڌي
حصو وٺندو هيو. پرڀداس تولاڻي سماجي ڀلائي ۽ ڇڱڀلائي جي ڪمن لاءِ گهڻو مشهور هوندو
هيو جيڪو پنهنجي ملازمن جو ايترو خيال رکندو هو جو کين رهائشي سهولتون پڻ ڏيندو
هيو.
ورهاڱي وقت هن جو خاندان
هندستان لڏي ويو پر پاڻ هتي رهي پيو جو ڌرتي سان پيار ڪندڙ هن آدي واسي جي دل
پنهنجي جنم ڀومي ۽ گيان ڀومي کي ڇڏڻ مڙسن جو وڙ نه سمجهيو ۽ هن وٽ هتي پيرن هيٺان
پنهنجي زمين سان گڏ گهر گهاٽ. عزت، دوست احباب، زمينداري ۽ طاقت جهڙي هر شي هئي. خاص
طور تي کيس سنڌ ڇڏڻ جو ڪو سبب به ڪونه هيو. بدقسمتي سان پاڪستان حڪومت کيس جاسوسي
جو الزام هڻندي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ ان شرط تي آزاد ڪيو ته هڪ سو ڏينهن جي اندر کيس
هي ملڪ ڇڏڻو پوندو. ان لاءِ ۱۹۴۸ع ۾
پنجونجاهه سالن جو پرڀداس تولاڻي جيڪو سنڌ ۾ امير ترين، طاقتور ۽ رئيس انسان هيو
سو آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنجن ڏينهن اندر پاڪستان ڇڏي هزارين ٻين زبردستي نيڪاليل
مهاجرن جيان بمبئي پهتو ته هن ڳوڙها ڳاڙيندي سنڌ ڏانهن نهاري سوچيو ته افسوس جو سنڌ
هاڻي ٻيهر پهرين جهڙي ڪونه ٿيندي.
سنڌ ۾ هزارين ايڪڙ زمين رکندڙ
هي خاندان خالي هٿين پاڪستان مان انڊيا هجرت ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پٽن سان گڏ نئين
زندگي ۽ نئين ڪم جي شروعات ٺيڪيداري جي ڪاروبار سان ڪئي خاص طور تي وڏي مٽي جي
بندن جي جتي هو انتهائي محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندو رهيو. ڀارتي حڪومت پڻ زراعت
جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهي هئي. اهڙي صورتحال مان فائدو وٺندي ڪاڪي پنهنجي پٽ
نندلال سان گڏجي جنهن کي ايگريڪلچر انجنيئرنگ جي ڊگري هئي ڪڇ ۾ مٽي جي وشال بند جو
ٺيڪو ڪاميابي سان پورو ڪيو جنهن کان پوءِ گجرات ۽ مهاراشٽر ۾ بيشمار ٻيا بند پڻ ٻڌرائي
تيار ڪيا. ان کان پوءِ هڪ ٻئي جي سهڪار سان تولاڻي خاندان پنهنجو ڪاروبار مختلف
شعبن ۾ وڌائيندا رهيا.
ٺيڪيداري، اڏاوتي ڪم ۽
جهاز راڻي جو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن ۾ کيس جلد ئي تمام گهڻي ترقي ملي جنهن ڪري هن
عام ماڻهن ۾ تعليم کي فروغ ڏيڻ جي مشن کي مقصدِ حيات بڻايو. ۱۹۵۰ع ڌاري آدي پور ۽ گانڌي ڌم جهڙي پوئتي پيل علائقي کي مرڪز بڻائي اتان جي اٻوجهه
ماڻهن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌو ۽ پنهنجي ڪمائي جو وڏو حصو ان طرف سيڙائيندو
رهيو. هن هڪ عام ننڍڙي پرائيويٽ انجنيرنگ ڪاليج سان شروعات ڪئي ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي
آخر ۾ ميتري منڊل جي الحاق سان گانڌي ڌم ڪالجيٽ بورڊ قائم ڪيو جنهن کي آهستي آهستي
هڪ پولي ٽيڪنڪ تائين وڌايو.
پرڀداس تولاڻي جو خواب هيو ته انسانيت لاءِ ڪجهه
ڪري سگهي ان لاءِ پيرن تي بيهندي ئي هن ۱۲ نومبر ۱۹۶۰ع ۾ هن E-2079 نمبر سان
تولاڻي چيريٽيبل ٽرسٽ جي نالي سان هڪ خيراتي ادارو رجسٽر ڪرايو جنهن کي ۱۹۶۹ع ۾ تولاڻي فائونڊيشن جو نئون نالو ڏنو ويو. ان اداري کي هلائڻ لاءِ ڪاڪو
پرڀداس تولاڻي ۽ سندس خاندان فنڊنگ ڪندا رهندا آهن جنهن جي پليٽ فارم تان گانڌي ڌم
ڪاليجئيٽ بورد، تولاڻي آئي هاسپيٽل ايند ريسرچ سينٽر، سوامي وويڪانند ۽ شري راما ڪرشن
جي فلاسافي کي وڌائڻ لاءِ شري رام ڪرشنا سيوا ڪيندرا وغيره جهڙا ادارا قائم ڪيا جن
جو مقصد عام ماڻهن لاءِ تعليم، صحت ۽ روحاني ترقي کي فروغ ڏيڻ هيو. ان کان علاوه
تولاڻي فائونڊيشن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ هر قسم جي سهائتا، ضرورتمند شاگردن خاص
ڪري ڇوڪرين لاءِ اسڪالرشپس ڏيڻ ۽ نوان تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۽ بي سهارا مريضن
لاءِ طبي سهولتون عام ڪندي رهي ٿي.
۱۹۶۷ع ڌاري
گانڌي ڌم ڪالجيٽ جي پولي ٽيڪنڪ اسٽيٽيوٽ واري ڪيمپس ۾ اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل ڪورسز
شامل ڪيا ويا. هڪ سال پوءِ پولي ٽيڪنڪ ۽ آرٽس ڪاليج لاءِ الگ عمارتون شامل ڪرڻ سان
گڏ هڪ سائنس ڪاليج جي شروعات ڪئي وئي. ۱۹۷۰ع ڌاري ان اداري ۾ نيون ليباريٽريون ۽ ورڪشاپن جو اضافو ڪيو ويو. اهڙي ريت ڪاڪي
پرڀداس تولاڻي پنهنجي ڪمائي جو وڏو حصو ان ڪارِ خير ۾ وجهندو ويو.
ڊاڪٽر تولاڻي خاندان بيشمار ڪاروبارن
مان تجربو حاصل ڪندي شپنگ جي ڪاروبار کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهيو جنهن ۾
نسبتن گهٽ ۾ گهٽ رشوت خوري جو رواج هيو. هن پهريون ٻن جهازن کان شروعات ڪئي. کيس ڪنهن
وڏي ٽآئيڪون ٿيڻ جي ڪابه تمنا ڪونه هئي پر پنهنجي خاندان ۽ ملازمن جي خوشحالي لاءِ
کيس پيسا ڪمائڻا هيا. محنت ۽ سچائي سان سندس جهازي ڪمپني هن وقت دنيا ڀر ۾ بهترين
مڃي وڃي ٿي. پنهنجي ڪمائي جو ڳچ حصو هو پنهنجي والد جيان عام ماڻهن جي ڀلائي،
تعليم ۽ صحت لاءِ خرچ ڪندو آهي. جن مان تولاني ڪاليج آف ڪامرس ۽ تولاني ميريٽائيم انسٽيٽيوٽ
خاص آهن.
ڪاڪي پرڀداس جي پٽ نندلال تولاڻي
جو جنم ۱۵ فيبروري
۱۹۲۴ع ڌاري لاڙڪاڻو ۾ ٿيو. پنجين
جماعت لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين. ۱۹۴۵ع ڌاري
يونيورسٽي آف بمبئي سان منسلڪ سڪرنڊ زرعي ڪاليج مان ايگريڪلچر ۾ گريجويٽ (بي ايس
سي) فرسٽ ڪلاس مان پاس ڪئي يونيورسٽي ۾ ٻيو نمبر آيو. جنهن کان پوءِ امريڪا جي ڪارنيل
يونيورسٽي مان زرعي معاشيات ۾ ماسٽرز ڪري پنهنجي والد سان ڪاروبار ۾ تمام گهڻو
سرگرم رهيو پر مضحڪه خيز حڪومتي پاليسين ۽ بدعنوان سرڪاري اهلڪاري جي چاپلوسي
برداشت ڪرڻ هن جوان ماڻهو لاءِ ناقابلِ برداشت هو تنهنڪري پي ايچ ڊي ڪرڻ واپس ڪارنيل
يونيورسٽي واپس ويو. سندس وني پپو تولاڻي ۽ سندس پٽ روهت تولاڻي ۽ نياڻي سجاتا ساڻ
هيا.
صرف ۲۲ مهينن جي تورڙي عرصي ۾ ايگريڪلچر جي شعبي جي سبجيڪٽ how to develop an operational model to choose between a fertilizer plant
and an irrigation project in underdeveloped countries ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري
وري وطن ۽ خاندان جي سڪ ۾ واپس هندستان هليو آيو.
ڊاڪٽر تولاڻي سماجي ۽ ڪميونٽي
ترقي لاءِ تمام گهڻو پرچارڪ رهيو. ۱۹۶۰ع کان
پنهنجي والد جي آدي پور ۾ آرٽس، سائنس، انجنيئرنگ، ڪامرس، مئينيجمنٽ ۽ هوم سائنس
وغيره جي فيلڊ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ واري ڪرت ۾ سهڪار ڪندو رهيو. ۱۹۸۹ع ڌاري ڊاڪٽر تولاڻي بمبئي ۾ تولاڻي ڪاليج آف ڪامرس قائم ڪيو جيڪو هن وقت ٽي
هزار شاگردن جي داخلا سان ملڪ ۾ ڪامرس جي تعليم لاءِ هڪ مڃيل ۽ عمده تعليم ڏيندڙ
ادارو آهي. ۱۹۹۰ع ڌاري ڊاڪٽر تولاڻي مهاراشٽر
رياست جي تالاگون شهر ميريٽائيم انسٽيٽيوٽ پڻ قائم ڪئي، جنهن جو خواب هن ڪارنيل
يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران ڏٺو هيو، سو هاڻي ملڪ جو بهترين بحري تربيتي ادارن
منجهان هڪ آهي. وقت سان گڏ ڊاڪٽر نندلال پنهنجي ان ڪاروبار کي پڻ انجنيرنگ ۽ ڪنسٽرڪشن،
مختلف شين جي رور ٽرانسپورٽيشن، پروجيڪٽ ۽ شپ مينيجمنٽ طرف وڌائيندو رهيو.
ڪجهه عرصو ڊاڪٽر اين پي تولاڻي
هڪ سول ڪنسٽرڪشن ڪنٽريڪٽنگ فرم سان ڪم ڪندو رهيو پر جلد ئي هن پنهنجو تعميراتي ڪاروبار
پڻ شروع ڪيو جيڪو هندستان ۾ مٽي جي بندن جي تعمير ۾ مهارت رکندڙ هڪ متحرڪ ۽ قابلِ
احترام انٽرپرائز ۾ تبديل ٿيو ويو. عمر جي آخري حصي ۾ به ڊاڪٽر تولاڻي ڪاروباري ۽
سماجي ڪمن سان گڏ پنهنجي صحت ڏانهن خاص توجهه ڏيندي روزانو ۶۰۰ کان ۷۰۰ ميٽر تيراڪي ڪندو هيو. پنهنجي ڪاميابين
کي ملڪ ۽ انسانيت جي خدمت ڪندڙ سنڌ هند جو هي خوبصورت ۽ املهه ڪردار جو ديهانت ۱۴ آگسٽ ۲۰۱۷ع ۾ ٿيو.
ڪاڪي پرڀداس جي ڪڪي انجنا جو
جنم ۱۵ نومبر ۱۹۳۲ع ڌاري لاڙڪاڻي جي تولاڻي بنگلو ۾ ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هوءَ ۱۹۴۷ع ۾ بمبئي آئي جتي هن بي اي ڪرڻ کان پوءِ سوشيالوجي ۾ ماسٽرز ڪيائين. ۱۹۵۷ع ۾ سندس شادي ٻولچند هزاري سان ٿي جنهن سان گڏجي هوءَ ۱۹۷۴ع ۾ هوءَ امريڪا منتقل ٿي وئي جتي انڊيا کان آمريڪا ڪپڙا برآمد ڪرڻ جو ڪاروبار
شروع ڪيو. ۱۹۸۰ع ۾ اهي انڊونيشيا لڏي وئي جتي ٻئي
پنهنجو ڪپڙا ٺاهڻ جو ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ سماجي ڀلائي جي ڪم سان پڻ سلهاڙيل رهيا. ٻن
سالن تائين انجنا ذهني طور تي محروم ٻارڙن جي اسڪول ۾ استاد طور پڙهائيندي غريب ۽
يتيم ٻارن جي نشونما جو ڪم ڪندي رهي ۽ ۲۰۰۰ع ۾ انجنا هزاري هندستان اچي پنهنجي والد جي قائم ڪيل گانڌي ڌم ڪاليجيٽ بورڊ
۽ تولاڻي فائونڊيشن جي صدر طور ڪم ڪار سنڀاليو.
انجنا هزاري جي زندگي جو مقصد سندس والد پرڀداس
تولاڻي جي علم کي پکيڙڻ ۽ علم جي روشني سڀ لاءِ واري مقصد کي اڳتي وڌائڻ آهي. ان
سلسلي ۾ هوءَ ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي تعليم وڌائڻ جي ڪم جون پرچارون ڪندي رهندي آهي. هن
پنهنجي اداري وديا مندر ۾ نوان نوان ڪيمپس متعارف ڪرايا جن مان تولاڻي انسٽيٽيوٽ
فارايڪسي لينس پڻ هڪ آهي جنهن جو مقصد مخصوص شاگردن کي پيشه وراڻه ڪورسن جي تربيت ڪرائڻ
آهي. ان سان گڏ تولاڻي انسٽي ٽيوٽ آف ڪامرس به قائم ڪيو آهي جيڪو سيلف فائنانسڊ
انگريزي ميڊيم ڪاليج آهي. جون ۲۰۰۶ع ۾ هن
قانون جي ڊگري ڪورس ڪرائڻ لاءِ تولاڻي انسٽي ٽيوٽ آف لا قائم ڪيون.
ڪاڪي پرڀداس جو ٻيو نمبر پٽ ليفٽيننٽ
ڪرنل جي ريجسنگهاڻي ۱۹۴۹ع ڌاري
انڊين آرمي جي انجنيرس ڪارپس ۾ ڪميشن ڪئي ۽ جون ۱۹۷۰ع ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تي پهچي رٽائرمنٽ ورتي جڏهن ته سندس ٽئين ۽ ننڍي پٽ
چندر تولاڻي آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي مان انجنيرنگ جي ڊگري حاصل ڪري تولاڻي
شپنگ واري خاندان ڪاروبار ۽ تولاڻي فائونڊيش کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو
رهيو آهي. هن وقت ڪاڪي تولاڻي جو خاندان سندس اولاد ڏوهٽن پوٽن جا مختلف ڪاروبار
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙيل آهن.
(آصف موريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا