; سنڌي شخصيتون: چوهڙمل ڪندنمل

09 April, 2023

چوهڙمل ڪندنمل

چوهڙمل ڪندنمل

سنڌ جو پهريون گريجوئيٽ

مختيار ملاح



سنڌ ۾ جديد تعليم جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي نه آهي. ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ۽۱۸۴۷ع سنڌ جي خودمختياري کي ختم ڪري بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو. اڳوڻن حڪمرانن جي دور ۾ سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ديني تعليم لاءِ مدرسا هلندڙ هئا، جن ۾ مخصوص طبقي جا ماڻهو ٻارن کي تعليم ڏياريندا هئا ۽ تعليم جي حصول لاءِ گهڻي سير ۽ سفر جي ضرورت ڪا نه پوندي هئي. موجود تعليمي نظام ۾ عربي ۽ فارسي تعليم جو نظام هو. سرڪاري نوڪري، تعليم ته، نه پر فارسيءَ جي ڄاڻ ۽ ذاتي تعلقات تي مبني هوندي هئي، پر ان جو مطلب اهو نه هو ته سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي تعليم سا ڪا محبت ڪانه هئي. سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ٻولي، علم، ادب يا ڪا به ادبي تحريڪ شروع ٿي آهي ته اها ان دور جي مڪتبن ۾ ۽ اتان جي عالمن شروع ڪئي آهي. سنڌ جو عوام جديد تعليم جو متلاشي هو.


اڻويهين صديءَ ۾ جڏهن سنڌ ۾ پنهنجي سياسي ۽ انتظامي مقصدن تحت انگريزن اسڪول کوليا ته سنڌ جي ماڻهن ان دور جا اهنج ۽ تڪليفون سهي به پنهنجي ٻارن کي تعليم لاءِ موڪليو. ان سلسلي ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته:” انهيءَ زماني ۾ به سنڌ ۾ اهڙا شاگرد هئا، جن جو علم سان گهڻو چاهه هو. سندن مرضي ٿي، ته نه رڳو، ميٽرڪيوليشن امتحان پاس ڪريون، پر بمبئي جي ڪاليجن ۾ پڙهي، ڪاليجي تعليم پرائي گرئجوئيٽ ٿيون“. سنڌ ۾ آهستي آهستي پرائمري اسڪولن جو ڄار وڇندو ويو ۽ ستين ڪلاس تائين تعليم سنڌ ۾ وٺي سگهجڻ جا موقعا فراهم ٿيڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ ميٽرڪ جي امتحان لاءِ بمبئيءَ وڃڻو پوندو هو. سنڌي شاگردن لاءِ، اها نهايت ڏکي ۽ مشڪلات ڀري ڳالهه هوندي هئي ته هو بمبئي پرائي ديس وڃي، جان جوکي ۾ وجهي امتحان ڏئي اچن. سامونڊي توڙي خشڪيءَ جو سفر مشڪل هوندو هو، انهيءَ ڪري سنڌي شاگرد ستين درجي تائين تعليم حاصل ڪري وڃي نوڪري ڪندا هئا. ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ دل گڙدي جي ڳالهه هوندي هئي. مسلمان سنڌي شاگردن کي هن دور ۾ اڃا اهڙي تعليم جو خيال نه آيو هو، البته ڪي هندو شاگرد تيار ٿي بمبئي وڃي پهتا. آڳاٽن شاگردن جي اهنجن ۽ تڪليفن جي هڪ وڏي تاريخ آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ چوهڙمل ولد ڪندنمل پنجابي پهريون سنڌي هو، جنهن سڀ کان پهرين ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ سڀ کان پهرين بي اي (گريجوئيشن) جو امتحان پاس ڪري تاريخ رقم ڪئي.

چوهڙمل ولد ڪندنمل پنجابي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو، بعد ۾ سندس ڪٽنب حيدرآباد ۾ لڏي آيو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي اينگلو نارمل اسڪول ۾ داخل ٿيو، جيڪو اڳتي هلي، اين جي وي اسڪول جي نالي سان مشهور ٿيو. ان دور ۾ ميٽرڪ جو امتحان بمبئيءَ ۾ ورتو ويندو هو. هو پهريون سنڌ جي تاريخ جو پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن ۱۸۶۳ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. پھريان سنڌي شاگرد جن کي سنڌي ماسترن همٿائي بمبئيءَ ۾ مئٽريڪيوليشن امتحان ڏيڻ لاءِ موڪليو, سي ديوان نولراءِ شوقيرام، ديوان ڏيارام ڄيٺمل، ديوان ڪوڙومل چندنمل ۽ مسٽر چوهڙمل ڪندن مل پنجابي هئا، جن مان صرف چوهڙمل ڪندن مل پاس ٿيو هو. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ بمبئي جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. ۱۸۶۵ع ۾ بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پهريون سنڌي گرئجوئيٽ بڻيو .

سر بارٽل فريئر ان وقت بمبئي جو گورنر هو، تنهن آفرين ڏني هيس ۽ سندس قابليت جي گهڻي سارهه ڪئي هئي. بارٽل فريئر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”اڄ جي تاريخ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان فارغ اتحصيل هيترا گريجوئيٽ ڏسندي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. انهن جي لسٽ ۾ پهريون سنڌي اسڪالر (مسٽر چوهڙمل ڪندن مل، بي.اي)، جنهن هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. مون کي اها ڳالهه نه رڳو وڏي ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري محسوس ٿيندي آهي، جنهن صوبي ۾ منهنجي زندگيءَ جا ايترا سال گذريا، پر ان ڪري جو هن يونيورسٽيءَ جهڙو مثال، ابتدائي تعليم کان وٺي سڀني تعليم تي عمل نه ٿو ڪري سگهي. غالباً هندستان ۾ جتي اڳي انگريزن جي حڪومت هئي، اتي سنڌ کان سواءِ تعليم جي ميدان ۾ ڪو گهڻو پوئتي هجي................. . هي سنڌي نوجوان. جنهن کي اڄ ڊگري ملي آهي، هو جڏهن واپس پنهنجي گهر ويندو ته جديد، سيڪيولر ۽ سائنسي تعليم سان سرشار هوندو.“

ان دور ۾ ڪراچي شهر ۾ استادن جي سکيا واري ”نارمل اسڪول“ کي ۱۸۶۴ع ۾ ڪراچي کان حيدرآباد ۾ آندو ويو ۽ ان جو نالو حيدرآباد ٽيچر ٽريننگ اسڪول رکيو ويو ۽ چوهڙمل ڪندنمل پنجابيءَ کي ان جو ۱۸۶۵ع ۾ پهريون هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ساڳئي اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو ۽ ان جو نالو ” ٽيچر ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد“ رکيو ويو.

سڄي سنڌ ۾ سندس هاڪ هوندي هئي.۱۸۶۷ع ۾ نارمل اسڪول جي هيڊ ماستري ڇڏي شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ سرڪاري وڪيل مقرر ٿيو ۽ چڱو نالو ڪمايائين. ان سلسلي ۾ مسٽر جي.جي مور، پنهنجي ۱۸۶۷-۱۸۶۸ع واري رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”مسٽر چوهڙمل ڪندمل، بي.اي، حيدرآباد جي نارمل اسڪول جي هيڊ ماستريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، شڪارپور ضلعي ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي مقرري حاصل ڪئي آهي. سندس جاءِ تي سکر نارمل اسڪول جي هيڊ ماستر مسٽر پربداس آنندرام کي ڀرتي ڪيو ويو آهي“.هو سنڌ جي تاريخ جو پهريون سنڌي سرڪاري وڪيل پڻ بڻيو. چوهڙمل ڪي درسي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۾ مضمون لکيا، جن ۾ ”ٽيون ڪتاب“ ديوان پرڀداس آنندرام رامچنداڻي سان گڏ ۱۸۶۸ع ۾، ۽”چتور چرتر“ ۱۸۹۴ع ۾ لکيائين. هو واحد سنڌي هو، جيڪو ۱۸۶۷ع تائين، بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي پيپر جو ممتحن هو.

۱۸۹۲ع ۾ سرڪاري وڪالت کي ڇڏي، ذاتي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيائين ۽ بيحد ڪامياب وڪيل بڻيو. سندس اولاد به وڪالت جي شعبي ۾ نالو ڪمايو. سندس پٽ مسٽر لالچند چوهڙمل پنجابيءَ ملڪي سياست ۽ تعليمي ميدان ۾ به وڏو حصو ورتو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۲ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا