سائين سردار احمد لڪياري
سندس سنيهن کي سمجهڻ جي ضرورت!
نسيم بخاري
سنڌ جي صوفي بزرگ شاعر سردار احمد
شاھ لڪياريءَ جي جيون ۾ جهاتي پائجي ٿي ۽ سندس شاعريءَ ۾ سمايل فڪر تي غور ڪجي ٿو
ته اڻ ڳڻيل حوالن سان نه رڳو اتساھ ملي ٿو، پر زندگي گهارڻ جي حوالي سان کوڙ ساري
رهنمائي به ٿئي ٿي. سردار احمد شاھ لڪياري جي نيو سعيدآباد ۾ سندن درگاھ تي سال جي
پهرين ڏينهن تي جشن ولادت جي ۱۰۳ تقريب
منعقد ڪئي وئي آهي. سندن وصال ۱۹۹۹ع ۾ ٿيو هو
۽ عرس ۲۸ کان ۳۰
شوال تائين ٽي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. پاڻ پهرين جنوري ۱۹۲۰ع
۾ بقادار شاھ جي گهر ڳوٺ مِهر شاھ نيو سعيدآباد ۾ پيدا ٿيا، سندس والد پڙهيل نه هو،
پر والده نور بيبي عربي، فارسي کان چڱيءَ ريت واقف هئي ۽ سنڌي پڙهيل هئي. هن وٽ ذري
گهٽ لائبريريءَ جيترا ڪتاب موجود هئا، کيس شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي سان وڏو
انس هو، پاڻ زندگيءَ جي هر موڙ تي شاھ لطيف جا بيت حوالي طور ڪتب آڻيندي هئي. احمد
شاھ لڪياري ٽن ڀائرن مان آخري نمبر تي هو ۽ شايد آخري ٻار هئڻ ڪري والدين جي وڌيڪ ڌيان
۽ مُحبت جو مُستحق بڻيو، کيس ننڍي لاڪون امڙ شاھ جو ڪلام ڄڻ ستيءَ ۾ پياري ڇڏيو هو،
ابتدائي پنجن ورهين تائين احمد شاھ لڪياري بلڪل خاموش رهيو، ان ڪري عام طور تي کيس
”گونگو“ تصور ڪيو ويندو هو، ڏهن ورهين تائين گِگَ وهندي هيس، لوڪ هن کي چريو ۽ مست
سمجهندو هو، ماڻهو کيس ڀرسان ويهڻ نه ڏيندا هئا، مائٽ به سندس حال تي روئيندا هئا،
تعليم پرائمريءَ جا پنج درجا حاصل ڪيائين، پر اهي پنج درجا به نه پڙهڻ جهڙا پڙهيائين.
مال چاريائين، هڪ هندو ٺاڪر ڏنو مل سان ڏيٺ ويٺ ٿيس، جيڪا ويجهڙائي وئي وڌندي، ٺاڪر
شاھ لطيف جي درگاھ ڀرسان رهندو هو، ان ڪري جيڪو لطيف ننڍي لاڪون هي ماءُ جي واتان ٻڌندو
آيو هو، تنهن جي روزي کي بار بار ڏسڻ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو کيس وڌيڪ موقعو
مليو. ۴۰ ورهين جي ڄمار ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين،
سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪن ۾ ويهڻ لڳو، مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. مخدوم طالب الموليٰ
سان به سندس ياري ٿي وئي. مولانا گرامي، سيد ميران محمد شاھ، اسدالله شاھ ٽکڙائي، الله
بخش عُقيلي ۽ ٻين سان سندس محبتون ۽ صحبتون وڌڻ لڳيون. پرائمري استاد نور محمد شاھ
لڪياري ۽ پير اعجاز شاھ سان به ورهين جا ورهيه سنگت ۾ رهيا.
مٿين شخصيتن ۽ اهڙن ٻين شخصيتن جي
سحر ۽ اثر سيد احمد شاھ لڪياريءَ کي نه رڳو تصوف جو دڳ ڏيکاريو، پر شعر فڪر جي به
اُها واٽ ڏيکاري، جنهن مان نڪتل نوان رستا رهندڙ دنيا تائين ماڻهن جي رهبريءَ جو
جواز فراهم ڪندا رهندا. سردار احمد شاھ لکيو آهي ته ”ننڍي هوندي کان وٺي هر طرح جا
ڏک ڏٺل هئا، صبر ڪندي وقت گذاريو، هر طرح دنيا ۾ هار کاڌي سون، پيار گهريو سون، گهر
لٽايو سون، پر ڪٿان به پيار نه مليو، سمجھ پاڻ آزار مليو ۽ لوڪ کِليو محبت سور ۽
سمجھ وڻ گڏوگڏ اڀريا نيٺ وڌي وڌي وڻ ٿي ويا، انهيءَ وڻ کي سلي کان ستي مائٽن کان
ملي، ستي سرڪ پيل آهي، پاڻ ڪجھ وقت لوڪل بورڊ ۾ ڊريسر طور ملازمت به ڪيائون ۽ يوناني
حڪمت به سکيائون. سردار احمد شاھ لڪياري جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پڌري ڪيل
سندس رسالي جي شعرن، واين، ربائين ۽ ڪلامن جي تفصيلي مطالعي کانپوءِ آئون ان نتيجي
تي پهتو آهيان ته هو پنهنجي فڪر ۾ تصوف جي پيغام جي پوري پوري تبليغ ڪري عام
انسانن کي خود احتسابي لاءِ نه رڳو اتساهي ٿو، پر پنهنجي دور جي عظيم انسانن جي
صحبت ۾ رهي سندس واٽ تي هلڻ جو درس به ڏئي ٿو. احمد شاھ لڪياريءَ جي شعرن جو تعداد
ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، پر مون سميت پڙهندڙن جي نظرن مان سندس ڏھ سيڪڙو شاعري به
مس گذري آهي. سندس شاعريءَ ۾ گهڻ رخن خيالن جو خزانو آهي، شعرن جي بختگي، خيالن ۽
روانيءَ مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته پاڻ ڄڻ ته شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا همعصر هجن، جنهن
جي شاعري جو پاڻ زبردست اثر به قبوليو اٿائون. پاڻ روحاني شاعريءَ سان گڏوگڏ روزمرھ
جي زندگيءَ جي تجربن ۽ تلخين کي به ڀرپور انداز سان اظهاريو اٿائون، ان اظهار جا ڪجھ
نمونا هيٺ ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙ به سردار سيد احمد شاھ لڪياريءَ جي شاعريءَ کان
نه رڳو واقف ٿي سگهن، پر اهو به اندازو لڳائي سگهن ته اها شاعري فني ۽ فڪري طور تي
ڪٿي بيٺل آهي.
اولي آدم جي اچي، ڪيو ذات ظهور،
مرد ٿيو منصور پائي عينڪ عشق جي!
سردار احمد شاھ سماج جي فردن کي
غيرن جي غلامي کان بغاوت لاءِ پڪاري ٿو ۽ ان حوالي سان هر ڏکي کان ڏکي مرحلي مان
گذرڻ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪري ٿو. مثال طور چوي ٿو:
ڇڏي غلامي غيرن جي، نڪري ٿي نروار،
سوريءَ اٿئي سينگار، ساٿ نه ڇڏجان
سيد جو!
احمد شاھ لڪياري عشق جي تڙپ ۽ تڪليف
جي شدت کي پنهنجي پوري گهرائيءَ سان محسوس ڪري ٿو ته انتهائي عاجزيءَ مان اها ڳالھ
ڪري ٿو:
هيڪر اچي حبيب تون، هي منهنجو پسج
حال،
احمد شاھ عشق تنهنجي ۾، ڪيَس ذوق
زوال!
ڪر ڪو هن ڪُٺل تي، تون پنهنجو قرب ڪمال،
ويجهو ڪر وصال، ته پوي ساھ سرير ۾!
سڪ ۽ اُڪير وارن جذبن ۽ احساسن کي
وري ڪجھ هن طرح سان بيان ڪري ٿو:
مُحبت مچ مجاز جا، سَڪ ٿي ساڙي،
احمد شاھ الفت عجيب جي، ڪو پهر ٽِڪي
پاڙي،
رت وئي روئاڙي سدائين لاءِ سيد چوي!
احمد شاھ لڪياري فرمائي ٿو ته ”جي
انصاف ۽ عدل واري اک سان اسان کي ڏٺو ويندو ته پورا ڪو نه پونداسين، “ ان ڪري حساب
ڪتاب واري معاملي کان هٽي ڪري رڳو ڪرم واري نگاھ سان اسان کي نوازيو وڃي، اهو ئي
سبب آهي ته هن اهو خيال عيان ڪيو آهي.
عدل ڪجي ان سين، جي عدل عدل ڪن،
آئون منجهان تن، جن کي ڦيرو کپي
فضل جو!
***
عدل ڪجي ان سين، جنين ساڻ ثمر،
آئون بخشايان پيو احمد شاھ، اوهان
کان پنهنجو ڏوھ ڏمر،
منهنجو سارو گهر آ، ڪچو ٺهيل ڪوڙ
سين!
توڪل جي پسمنظر ۾ احمد شاھ لڪياري جي
اها راءِ وڏي اهميت واري آهي، جنهن تي جيڪر پاڻ عمل ڪريون ته هر بيچيني ۽ اڻ تڻ مان
ڇوٽڪارو ملي وڃي. پاڻ چوي ٿو:
جن وڌا ڪم ڪريم تي، سي تري ويا تار،
پهتا وڃي پار، امن سين احمد شاھ
چوي!
وقت جي اهميت جي حوالي سان احمد
شاھ لڪياريءَ جي چيل اها ڳالھ به هينئين سان هنڍائڻ جهڙي آهي:
وقت ۽ بخت جو ويهي ڪيم ويچار،
جنهن نه وڃايو وقت کي، آ بخت به ان
جو يار،
ٿي نه ننڍو ٻار، قدر ڪر ڪو وقت جو!
عام طور تي ماڻهو تڪليفن کان
لنوائيندا آهن ۽ آزمائشن کان گهٻرائيندا آهن، پر احمد شاھ لڪياريءَ جو ان حوالي
سان خيال بلڪل ابتڙ آهي. هو چوي ٿو ته زندگيءَ جي ڪا به مصيبت ۽ ڪو به امتحان اوهان
لاءِ ظاهري طور تي ڀل ته ڏک ڏيندو هجي، پر حقيقت ۾ اهو پنهنجي پسمنظر ۾ اوهان لاءِ
بهتريون آڇيندو آهي. ان ڪري گهٻرايو نه، پريشان نه ٿيو، پر حالتن جو مڙس ٿي مقابلو
ڪيو. مثال طور پاڻ فرمائين ٿا:
متان ڪنڌ ڪڍين ڪات کان، وري نه
ملندئي وار،
همت بنده مدد خدا، هرگز نه ڀانئج
هار!
سر ڌڙن کان ڌار، عاشق رکن احمد شاھ
چوي!
رومانوي حوالي سان عاشق جو معشوق
يا محبوب کي اهو ڏوراپو وڏي معنيٰ رکي ٿو، وڏو درد سانڍي ٿو ۽ دل ۾ شڪ جا ڪيترائي
شعلا پيدا ڪري ٿو. اها سَڄي صورتحال جڏهن شعر جي صورت اختيار ڪري ٿي، اهي لفظ جڙي
پون ٿا:
مون کي چئي ٿورڙا لاٿئي ڏينهن گهڻا،
آئون پئي دل هڻان ته مون کان منهن
مٽي وئين!
محبت جو معراج فڪري طور تي ماڻهوءَ
کي ڀل ته ڪيڏو به مالا مال ڪندو هجي، پر ظاهري طور تي اهو هڪ تلخ تجربو هوندو آهي،
جنهن ۾ هڪ پل اهو به ايندو آهي جو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سماج ۾ بيڪار محسوس ڪرڻ لڳندو
آهي ۽ شايد اهڙي ئي ڪنهن ڪيفيت ۾ احمد شاھ اهو لکيو هو:
سڄڻ سوز فراق ۾ آئون، ٻري ويس ٻري،
احمد شاھ تولاءِ ٿي، چري ويس چري،
کري ويس کري، جَڏي ٿيس جهان ۾!
دوستيءَ جي حوالي سان ان احساس
جذبي ۽ تعلق کي جٽاءُ بخشڻ لاءِ احمد شاھ جا وري سونن اکرن سان مڙهائڻ جهڙا لفظ هيٺين
ٻن بيتن جي صورت ۾ منهنجي نظر مان گذرن ٿا. سچ پچ ته انهن تي جيڪڏهن عمل ڪيو وڃي
ته دوستن ۾ ڪا ”دراڙ“ ئي نه پوي.
دلبر اوهان کي دوستيءَ جو ٿو ڏيان
هي ڏس،
ته احمد شاھ قرب اندر ڪينچي آهي ڪس،
رسي پنهنجو رس ڪڏهن ڦٽائجو ڪينڪي!
اسان وٽ اهو وڏو الميو رهيو آهي ته
جيڪي به سنڌ ۾ صوفي بزرگ شاعر ٿي گذريا آهن، تن جي فڪري ڦهلاءَ جي حوالي سان گهربل
ڪم نه ٿي سگهيو آهي. مثال طور سنڌ جي هر صوفي بزرگ جا اوهان کي جهر جهنگ مريد، عقيدتمند
۽ پرستار نظر ايندا، پر اهي جت جت به هوندا، اُتي اتي اوهان کي سنڌ جي صوفي بزرگن
جي پيغام جي پکيڙ جي حوالي سان ڪا مستقل سرگرمي ڏسڻ ۾ نه ايندي. ان ڪري جنهن مقصد
جي ڪري صوفي بزرگن شاعريءَ کي عام ماڻهوءَ تائين پنهنجي پيغام جي رسائيءَ لاءِ
استعمال ڪيو، ان مقصد جي حاصلات ۾ اڳڀرائي رڪجي وئي آهي ۽ اها انهي صورت ۾ يقيني بڻجي
سگهي ٿي، جڏهن هر صوفي بزرگ جا مريد نه رڳو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سندن نالن سان
نه رڳو لائبريريون قائم ڪندا، پر اهڙا آستانا به جوڙيندا، جن جون فڪري ويهڪون ماڻهن
جي سوچ بدلائي سگهنديون، ماڻهن جو ذهن بدلبو ته گهڻو ڪجھ بدلجي سگهبو. اسان وٽ ڪجھ
صوفي بزرگن جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪافي وقت کان عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون،
جن ۾ پڙهيل مقالا ڪتابي صورت ۾ سامهون اچن ٿا، پر اهڙي مشق هر صوفي بزرگ جي عرس تي
نٿي ٿئي. منهنجو خيال آهي ته اهڙي سرگرمي هر صوفي بزرگ جي حوالي سان ضروري آهي ته
جيئن ان بابت تاريخ جي رڪارڊ تي اهو سڀڪجھ محسوس ٿي سگهي، جنهن جي ڄاڻ هر عام ۽
خاص ماڻهوءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي. ان حوالي سان مون سيد سردار احمد شاھ لڪياري
درگاھ جي گادي نشين سائين محبوب شاھ سان به ڪيتريون ئي فڪري ڪچهريون ڪيون آهن، اميد
ته اهي رنگ لائينديون، جنهن سان گهڻا ئي ذهن ۽ علائقا به رنگجي ويندا.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا