سائين سردار احمد لڪياري
سندس سنيهن کي سمجهڻ جي ضرورت!
نسيم بخاري
سنڌ جي صوفي بزرگ شاعر سردار احمد
شاھ لڪياريءَ جي جيون ۾ جهاتي پائجي ٿي ۽ سندس شاعريءَ ۾ سمايل فڪر تي غور ڪجي ٿو
ته اڻ ڳڻيل حوالن سان نه رڳو اتساھ ملي ٿو، پر زندگي گهارڻ جي حوالي سان کوڙ ساري
رهنمائي به ٿئي ٿي. سردار احمد شاھ لڪياري جي نيو سعيدآباد ۾ سندن درگاھ تي سال جي
پهرين ڏينهن تي جشن ولادت جي ۱۰۳ تقريب
منعقد ڪئي وئي آهي. سندن وصال ۱۹۹۹ع ۾ ٿيو هو
۽ عرس ۲۸ کان ۳۰
شوال تائين ٽي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. پاڻ پهرين جنوري ۱۹۲۰ع
۾ بقادار شاھ جي گهر ڳوٺ مِهر شاھ نيو سعيدآباد ۾ پيدا ٿيا، سندس والد پڙهيل نه هو،
پر والده نور بيبي عربي، فارسي کان چڱيءَ ريت واقف هئي ۽ سنڌي پڙهيل هئي. هن وٽ ذري
گهٽ لائبريريءَ جيترا ڪتاب موجود هئا، کيس شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي سان وڏو
انس هو، پاڻ زندگيءَ جي هر موڙ تي شاھ لطيف جا بيت حوالي طور ڪتب آڻيندي هئي. احمد
شاھ لڪياري ٽن ڀائرن مان آخري نمبر تي هو ۽ شايد آخري ٻار هئڻ ڪري والدين جي وڌيڪ ڌيان
۽ مُحبت جو مُستحق بڻيو، کيس ننڍي لاڪون امڙ شاھ جو ڪلام ڄڻ ستيءَ ۾ پياري ڇڏيو هو،
ابتدائي پنجن ورهين تائين احمد شاھ لڪياري بلڪل خاموش رهيو، ان ڪري عام طور تي کيس
”گونگو“ تصور ڪيو ويندو هو، ڏهن ورهين تائين گِگَ وهندي هيس، لوڪ هن کي چريو ۽ مست
سمجهندو هو، ماڻهو کيس ڀرسان ويهڻ نه ڏيندا هئا، مائٽ به سندس حال تي روئيندا هئا،
تعليم پرائمريءَ جا پنج درجا حاصل ڪيائين، پر اهي پنج درجا به نه پڙهڻ جهڙا پڙهيائين.
مال چاريائين، هڪ هندو ٺاڪر ڏنو مل سان ڏيٺ ويٺ ٿيس، جيڪا ويجهڙائي وئي وڌندي، ٺاڪر
شاھ لطيف جي درگاھ ڀرسان رهندو هو، ان ڪري جيڪو لطيف ننڍي لاڪون هي ماءُ جي واتان ٻڌندو
آيو هو، تنهن جي روزي کي بار بار ڏسڻ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو کيس وڌيڪ موقعو
مليو. ۴۰ ورهين جي ڄمار ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين،
سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪن ۾ ويهڻ لڳو، مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. مخدوم طالب الموليٰ
سان به سندس ياري ٿي وئي. مولانا گرامي، سيد ميران محمد شاھ، اسدالله شاھ ٽکڙائي، الله
بخش عُقيلي ۽ ٻين سان سندس محبتون ۽ صحبتون وڌڻ لڳيون. پرائمري استاد نور محمد شاھ
لڪياري ۽ پير اعجاز شاھ سان به ورهين جا ورهيه سنگت ۾ رهيا.
