; سنڌي شخصيتون: استاد خادم عباسي

09 April, 2023

استاد خادم عباسي

استاد خادم عباسي

سندس وڇوڙو

مختيار ملاح



ڊسمبر ۲۰۲۲ع جي آخري هفتي ۾ ساڻس آخري ملاقات ٿي هئي. هونئن به مان جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته ساڻس ملڻ ضرور ويندو آهيان. پاڻ به گهڻو ڪري هر مهيني فون ڪري احوال ضرور وٺندو هو ۽ منهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين جي معلومات ڄاڻيندو هو. منهنجي به فرض ۾ شامل هوندو هو ته جڏهن به ڪو ڪتاب شايع ٿيندو ته کيس هڪ ڪاپي هر حال ۾ موڪليندو هيس. ڇو ته اسان جي ٿوري گهڻي علمي ۽ ادبي شعور ۾ سندس ئي ڪردار آهي. هن دفعي جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته تمام گهڻو ڪمزور محسوس ٿيو. جڏهن ساڻس ملاقات جو احوال فيس بوڪ تي رکيم ته هڪدم سائين محمد علي پٺاڻ صاحب جي فون آئي ته ”يار سائين ڪافي ڪمزور لڳي رهيو آهي. سندس تفصيلي انٽرويو ڪري ڇڏ“. مون کي سائين جي ڳالهه دل سان لڳي، پر ساڳئي ڏينهن ڪراچي اچڻ جي ڪري، اهو ڪم ڳوٺ جي نوجوان اديب جي حوالي ڪيم ۽ کيس سڀئي سوال لکي ڏنم، پر اهو نوجوان اديب اهو ڪم سرانجام ڏئي نه سگهيو.


استاد خادم عباسي سنڌ جو برک اديب، مؤرخ، نانڪ يوسف ۽ سچل جو وڏو ڄاڻو هو. اسان جي پوري تر ۾ ادبي شعور پکيڙڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. استاد خادم حسين عباسي ولد هادي بخش عباسي جو جنم ڳوٺ فقير نانڪ يوسف، لڳ اڳڙا، تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور ۾ ۵ جنوري ۱۹۴۹ع تي ٿيو. پاڻ پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد هو. وٽس هڪ وڏي لائبريري هوندي هئي. اسان جڏھن اسڪول ۾ پڙھندا ھئاسين ته پنھنجي خرچ تي گل ڦل جون ڪاپيون خريدي شاگردن ۾ ورھائندو ھو. سندس مطالعو تمام وسيع هو. هر وقت علم ۽ ادب جون ڪچهرين ۾ گذاريندو هو. ساڻس جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي، هر دفعي نئين ڳالهه سکڻ لاءِ ملندي هئي. سندس رهنمائي ۾ ڪيترائي نوجوان شاعر ٿيا، ڪتابي مطالعي جا شوقين ٿيا ۽ ادبي شعور رکندڙ ٿيا.

خادم عباسي جي تحقيق ۾ خاص ڳالهه اها به آهي ته هو تصوف ۽ سنڌ جي ادبي روايتن جو گهرو مطالعو رکي ٿو. ان ڪري هن سچل سر مست، بيدل، نانڪ يوسف، مينگهو فقير شر، گهرام فقير وغيره جي شاعري ۽ سوانح تي تحقيق به شاندار نموني ڪئي آهي. صوفي گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سبب صوفي ازم ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ سان گهرو لڳاءُ هئس. هن پنهنجي تحقيقي مضمونن ۾ سچل سر مست جي شاعريءَ کي مختلف زاوين کان جاچيو آهي. سندس اڪثر مضمون ۽ مقالا، “مهراڻ”، “نئين زندگي” ۽ “سرمست” رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. جنهن زماني ۾ تنوير عباسي، سچل چيئر جو ڊائريڪٽر ٿيو ته استاد خادم عباسي کي به ڊيپوٽيشن تي گهرايو هئائين. درحقيقت تنوير عباسيءَ جيڪو نانڪ يوسف جو رسالو ايڊيٽ ڪري شايع ڪرايو هو، ان جو گهڻو مواد استاد خادم عباسيءَ جو گڏ ڪيل هو. ان کان علاوه، تنوير عباسي صاحب، جيڪو سچل سرمست جو رسالو ايڊيٽ ڪري رهيو هو، ان ۾ به استاد خادم جو وڏو ڪردار هو. استاد خادم کي ڪتاب شايع ڪرائڻ جو گهڻو شوق نه هوندو هو. مون زوري وٽس مضمون ۽ مقالا کڻي وڃي ثقافت کاتي جي حوالي ڪيا هئا، جيڪي ۲۰۱۲ع ۾ ” عشق ڪيم اظهار“ جي نالي سان شايع ٿيا. ان کان علاوه، پاڻ نانڪ يوسف جي ڪجهه مقالا ترتيب ڏئي به شايع ڪرايا هئائون. هن دفعي جڏهن مان ڳوٺ ويس ته استاد خادم ٻڌايو ته هن نانڪ يوسف تي ڪافي مضمون ۽ مقالا هٿ ڪري هڪ نالي واري اديب، ڊاڪٽر پروفيسر جي حوالي ڪيا آهن. مون ان وقت ئي ان سائين کي فون ڪئي ته ”جڏهن به اهو ڪتاب شايع ٿئي ته ان ۾ استاد خادم جو نالو به شامل ڪيو وڃي“.

مون جڏهن پنهنجي پرائمري اسڪول ۾ لائبريري قائم ڪئي ته استاد خادم به پنهنجا سموار ڪتاب ان لائبريريءَ کي ڊونيٽ ڪري ڇڏيا. هو پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين پڙهڻ کان غافل نه رهيو. سنڌي ادب جو هي ستارو، اڄ پهرين اپريل ۲۰۲۳ع ۾ اجهامي ويو، پر سندس ٻاريل شمع هميشه ٻرندي رهندي. دعا آهي الله پاڪ سندس مغفرت ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ ۾ اعلي مقام عطا فرمائي. آمين!

 

(ڏھاڙي ايڪتا ڪراچيءَ ۾ ۳ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا