استاد خادم عباسي
سندس وڇوڙو
مختيار ملاح
ڊسمبر ۲۰۲۲ع جي آخري هفتي ۾ ساڻس آخري ملاقات ٿي هئي. هونئن به مان جڏهن به ڳوٺ ويندو
آهيان ته ساڻس ملڻ ضرور ويندو آهيان. پاڻ به گهڻو ڪري هر مهيني فون ڪري احوال ضرور
وٺندو هو ۽ منهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين جي معلومات ڄاڻيندو هو. منهنجي به فرض ۾
شامل هوندو هو ته جڏهن به ڪو ڪتاب شايع ٿيندو ته کيس هڪ ڪاپي هر حال ۾ موڪليندو
هيس. ڇو ته اسان جي ٿوري گهڻي علمي ۽ ادبي شعور ۾ سندس ئي ڪردار آهي. هن دفعي جڏهن
ساڻس ملاقات ٿي ته تمام گهڻو ڪمزور محسوس ٿيو. جڏهن ساڻس ملاقات جو احوال فيس بوڪ
تي رکيم ته هڪدم سائين محمد علي پٺاڻ صاحب جي فون آئي ته ”يار سائين ڪافي ڪمزور لڳي
رهيو آهي. سندس تفصيلي انٽرويو ڪري ڇڏ“. مون کي سائين جي ڳالهه دل سان لڳي، پر ساڳئي
ڏينهن ڪراچي اچڻ جي ڪري، اهو ڪم ڳوٺ جي نوجوان اديب جي حوالي ڪيم ۽ کيس سڀئي سوال
لکي ڏنم، پر اهو نوجوان اديب اهو ڪم سرانجام ڏئي نه سگهيو.
