سليم چانڊيو
(املھ انسان - سلسلو ۱۶۲)
حفيظ چانڊيو
ڪي ڪي ماڻهو وساريندي
به ناهن وسري سگهندا، سندن معصوم چهرو، سدا سهاڳڻ مرڪن جيان اکين آڏو هوندو آهي. ساڻن
گهاريل پل، ٽهڪ ذهن ۽ ضمير کي ياد جون چهنڊڙيون پائي، پنهنجي موجودگيءَ جو احساس
پئي ڏيندو آهي. سليم چانڊيو به اهڙن نه وسندڙ املھ انسانن مان هڪ آهي، جنهن جي ڪمهلي
وڇوڙي جو وڍ لحد تائين تازو رهندو. هو پرائمريءَ ۾ استاد جو، رشتي ۾ پڦاٽ ٿئي ها، بحيثيت
هڪ استاد جي ذميداري سان شاگردن کي پڙهايو. ٻارڙن کي سنڌي الفابيٽ جي ٻاونجاھ اکري
کان پنجين درجي تائين سڀوئي نصابي ڪتاب پڙهائي، هنن جي علمي اڃ اجهائيندو رهيو. هو
جنهن به اسڪول بدلي ٿي ويو، اتي سچائيءَ سان اسڪول ويو ۽ پڙهائيندو رهيو. شاگردن
توڻي شاگردياڻين ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين تحت سندن ذهني نشونما ڪيائين، کين
علم جي روشن واٽ تي هلڻ سيکاريو. ڏڏَن ۽ ڳوٺاڻن ڇوڪرن کي ڏاهپ جا ڏس ڏنا. کين سماج
۾ اٿڻ ويهڻ ۽ زندگيءَ جي کوڙ معاملن ۾ پر اعتماد ٿي حل ڪرڻ جو هنر ڏنو. هو شفيق انسان
هو. ٻاجهارو ۽ محنتي، ڪجھ ڪرڻ جي جذبي سان سدائين سرشار رهيو. هو نج قبيلائي ماحول
۾ قائم اسڪولن ۾ همت ۽ حوصلي سان پڙهائيندو رهيو، نئين نسل جي آبياري لاءِ وقت جي ڌاڙيلن
جا دهمان سهندو رهيو، ڪنهن سان ٻاڙو ٻولڻ سندس وڙ نه جو. هو خوددار، محنت ڪش ۽
اورچ انسان هو. سندس حوصلي ۽ نيڪ نيتيءَ آڏو ڪيترا ئي ڪاٽڪو چور ۽ لوفر شرمائيندي ڏٺا.
وقت جو ايترو پابند جو ٻه ڪلو ميٽر اسڪول ڀلي کڻي ڇو نه پري هجيس، پنڌ وڃي به اسيمبليءَ
کان پنج يا ڏھ منٽ اڳ ۾ پهچي ويندو هو. نوڪريءَ کان اڳ سائين سليم چانڊئي وڏا ڏکيا
ڏينهن ڏٺا. وٽس ايترا پئسا نه هوندا هئا جو عيد برات ڪو چڱو پائي ۽ دل گهري ڪا شيءَ
وٺي کائي سگهي. پيٽ گذر لاءِ هن پڙهئي لکئي نوجوان ڪراچيءَ جي گارمينٽ فيڪٽرين جا
پڻ چڪر ڪاٽيا. پنهنجن پراون جي مثبت ۽ منفي روين کان واقف ٿيو. ماحول جي آلودگي يا
فيڪٽرين ۾ سندس من ڪو نه ريهجيو ته سڌو ڳوٺ سيد واھ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور
واپس وريو. والد پنهل چانڊئي سان ٻني ٻاري جو ڪم ڪرائيندو رهيو، ٿوري عرصي کان پوءِ
کيس تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي. سندس روزگار جو الڪو دور ٿيو ۽ ڪنهن
عظمت ڀرئي شعبي ۾ هن کي نوڪري ملي، دل جي سچائي ۽ ايمانداري سان پڙهائيندو رهيو.
سليم چانڊيو پرائمري
استاد هو، شاعر هو. هو جنهن نج قبيلائي ماحول ۾ پليو اتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا
هئا. مجال آهي جو ڪوئي انهن بدمعاش روح خراشن سان ڪڇي به سگهي. سندس چوڌاري جيڪي هڪ
جيڏا هئا، سي به تعليم يافته هئا. سندس گناھ توڙي ثواب ۾ سدائين گڏ رهڻ وارا هئا. ان
حوالي سان سليم صاحب تعليم کاتي يا ذاتي زندگي ۾ دوستين جي حوالي سان مالامال رهيو.
هو ماٺيڻي مزاج جو مالڪ ڇا ته محبوب شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ جاگيردراڻي سماج خلاف
نفرت هئي. هو باغي شاعر ھو. سندس شاعري ۾ ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جا وڻندڙ احساس هئا. هن جي
آسپاس ۾ ٿيندڙ ظلمن جو هو اکين ڏٺو شاهد هو. هن ظلم ۽ ظالمن آڏو پنهنجي علمي ادبي ڏانءَ
کي ڪڏهن به سرينڊر نه ڪيو. سختيون برداشت ڪري به انهن رسمن رواجن خلاف لکيو به ته
انهن تي بيباڪ شهر جي چوڪن تي بيهي ڳالهايو به هو. بي ضرر قسم جو هيءُ شريف ماڻهو جاهل
قوتن جي سدائين اکين ۾ ڪنڊو ٿي چڀندو رهيو.
هو اهڙي سماج ۾ ڄميو
جتي محبتن جو قحط هو، پيار ۽ پنهنجائپ بدران نفرتن جو هجوم هو. مختصر سندس زندگي ۾
الائي ڪيترن واقعن ۽ ڪمهلن وڇوڙن سان ڀريل هئي. هن وٽ درد ئي درد هو. ٻين جي درد تي
دکندو رهيو. مشڪل ترين حالتن ۾ به وٽس اميدن جو هڪ اڻ کٽ جهان رهيو.
سليم چانڊيو استحصال
ڪندڙ قوتن جي خلاف رهيو، پنهنجي قوم جي وارثي ڪندي نظر آيو. پنهنجي شعرن ۾ وطن سان
محبت ۽ انوکي عشق جي جذبن سان من موهيندو رهيو. هن سموري عمر محتاط ٿي گذاريو. نه ڪنهن
سان وڙهيو، نه ڪو مسئلو ئي ڪيو هيائين. تعميري سوچ سان سرشار هن نوجوان اهو شايد سوچيو
ئي نه هوندو ته ڪو هي سنگت ۽ گهر ڀاتين کان پنهنجو هٿُ سندن هٿن مان ڇڏائي اهڙي ديس
هليو ويندو، جتان ڪوئي انسان واپس ناهي وريو.
هن جو ڏوھ بس ايترو
هو، جو اڻ پڙهيل سماج اندر پڙهيو. بي ادبن وچ ۾ ادب ۽ انسانيت جي ڳالھ ڪئي هيائين.
ڦر لٽ ڪندڙ ٽولين کي عزت سان ڪمائڻ جو چيائين، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي هلڻ وارن
کي سدائين رزقِ حلال ڪمائڻ جي تلقين ڪيائين. سڄي ڄمار انهن لوفرن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو،
تن آڏو محنت ڪري ٻه چار ڏوڪڙ ٺاهيا هئائين. وٽس ماڻهپو هو. مڻيا هئي. انساني لڄ ۽
قومي بقا جو سهڻو سپنو هو، وٽس کوڙ اميدون هيون. وٽس اظهار هو.
سائين سليم چانڊيو،
پيشي جي لحاظ کان هڪ فرض شناس استاد هو. معياري تعليم ۽ شاگردن جي بهترين تربيت لاءِ
سدائين ڪوشان رهيو. پنهنجي عمل، ڪردار ۽ علمي شعور سان خوشبوءِ بڻجي، بدبودار ماحول
کي خوشبودار بڻائڻ گهريو. هو بدمعاش روح خراش ماڻهن سان بنھ ڪو نه ٺهيو. کيس اها خبر
هئي ته سندس سنڌ امڙ جو امن ڪنهن تباھ ڪيو آهي، هو سنڌ دشمنن جي چڱي نموني سان سڃاڻندو
هو. هو پر امن شاعر ھو. پيار جي پناه ۾ رهڻ پسند ڪيائين هو خلجين مٿان کار کائيندو
هو، غزنوي کي گندو سمجهندو رهيو، مغلن کي مم وانگر سمجهندو هو، جيڪا سندس ڌرتي ڌڻين
جي بخت کي ڇٽي ختم ڪري سندن ماڻهن کان سڀ ڪجھ ڦري، بابي جو مال سمجهي، پنهنجي ڏيھ
کڻي ويا، هنن مٿان ٽيڪس مقرر ڪري پنهنجا واٺا ۽ داروغا تعينات ڪيا. هو احمد شاھ ابدالي
کان سخت نفرت ڪندو هو جنهن بدمعاشي ڪري سنڌين کي بي گناه قتل ڪرايو. هو هر جابر ۽ ظالم
کي خراب سمجهندو هو، جيڪي مٿن حاوي ٿي هنن جي زراعت، معيشت ۽ وسيلن تي قابض بڻجڻ چاهيندا
هئا.
سندس شاعريءَ ۾ سنڌ
جو خوبصورت آئيندو آهي، جنهن ۾ اوڀر، اولھ، اتر ۽ ڏکڻ ۾ هڪ ئي نظام لاڳو ٿيل هوندو،
ڪوئي ڪنهن کان ڦر لٽ نه ڪري سگهي، هر ڪوئي خوش خوش محنت ۾ مصروف رهي، ملڪ ۽ قوم جي
خدمت ڪري ته ڀرندڙ سماج بدران صحتمند سماج اڏي سگهجي.
وٽس اظهار جو الڳ
رنگ ڍنگ هو. سندس شعري مجموعي طور شاعراڻي خوبين سان مالا مال آهي. هن سماج جي سموري
ڪڙاڻ شعري ۾ اوتي ته جيئن ايندڙ دور جا ماڻهو سندس خيالن ذريعي جوڙيل خاڪن کي پڙهي،
سندس دور جي سياسي سماجي توڙي قبيلائي نفسيات جو بهتر نموني جائزو وٺي سگهن.
هو جنهن سماج ۾ ڄميو،
اهو سماج ئي سندس ڪمهلي موت جو سبب بڻيو. هن جن ماڻهن کي ساه کان وڌيڪ ويجهو ڀانئيو،
تن ئي سندس روح رهڙيو. هو ترقي پسند ۽ قومي خيال جو ماڻهو هو، جنهن سماج کي سڌارڻ
لاءِ نئين نسل کي پڙهايو. سيڪيولر سوچ ۽ روشن خيالي وسيلي هر ماڻهوءَ کي انفراديت
بدران اجتماعيت کي ترجيح ڏني، سماج اندر سندس ڪردار مثبت ۽ مثالي رهيو، هن سان جڏهن
به ۽ جتي به مليا سي، ته ائين محسوس ٿيو ته سليم صاحب جي اندر سندس ٻالڪپڻ وارو
اهو معصوم ٻار اڃان وٽس موجود آهي.
(حفيظ چانڊيو
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
سليم چانڊيو
جنهن جي حياتي علم ڏيندي
۽ شعر لکندي گذري وئي. - ۱۸ آگسٽ تي ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان
مصور حسين
سنڌي ادبي سنگت شاخ
ڊکڻ، ضلعي شڪارپور جو شمار سنڌ جي متحرڪ شاخن ۾ ٿيندو رهيو آهي. هينئر، جڏهن ايشيا
جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سڏرائي ويندڙ سنڌي ادبي سنگت ٻن ڌڙن ۾ ورهايل آهي تڏهن سنڌ
جي ڪيترين ئي شاخن وانگر سنگت شاخ ڊکڻ به پنهنجو اهو اوج ۽ ڪارج وڃائي ويٺي آهن،
پر سندس ماضيءَ جي شاندار ڪم ۽ ڪارج کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي. سنڌي
ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو بنياد سال ۱۹۹۰ع ۾ پيو ۽ ان شاخ جي بنياد وجهڻ کان وٺي ان کي سڄي سنڌ
اندر متعارف ڪرائڻ ۾ شهيد زخمي چانڊئي جي ادا ڪيل ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي،
جنهن جي اڻ ٿڪ محنتن ۽ ڪوششن سبب هي شاخ سنڌ جي انتهائي متحرڪ ۽ سرگرم شاخن ۾ شمار
ٿيڻ لڳي. ڊکڻ جهڙي نج قبائلي ۽ شعوري طور پٺتي پيل علائقي ۾ زخمي چانڊئي ادبي سنگت
جو بنياد رکي هر مهيني ادبي پروگرام ۽ مختلف موضوعن تي ميڙاڪا ڪرايا. ايترو ئي نه
پر هن پنهنجي ئي علائقي مان نوجوانن جي هڪ اهڙي کيپ پيدا ڪئي، جن تعليم، ادب ۽
صحافت سوڌو ڪيترن ئي شعبن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. اهڙن ئي ڪردارن مان سليم چانڊيو
(مرحوم) پڻ هڪ هيو.
سليم چانڊيو هڪ محنتي ۽ جفا ڪش انسان هو، سندس
جنم ۹ مارچ ۱۹۷۳ع تي ڳوٺ عالم خان چانڊئي ۾ هڪ پورهيت پنهل خان چانڊئي جي گهر ۾ ٿيو. سندس
ننڍپڻ ڏکن ڏولاون ۾ گذريو، هن جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي فيڪٽرين ۾ به
مزدوري ڪئي ته ڳوٺ جي زمينن ۾ به هر هلايائين ۽ لابارا ڪيائين. چوندا آهن ته
پورهيت خدا جو دوست آهي، سو خدا جي هن دوست محنت مزدوري ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پڙهائي
پڻ جاري رکي. پڙهائيءَ ۾ هو ڏاڍو هوشيار ۽ ڀڙ هو، جنهن ڪري ۱۹۹۰ع ۾ کيس پرائمري استاد جي نوڪري ملي، ان
پيغمبري پيشي سان هو عمر جي آخري گهڙين تائين واڳيل رهيو. هو تعليم جي ذريعي
هزارين نياڻين ۽ ٻارن جي زندگي سنوارڻ جي ڪرت ۾ مصروف رهيو.
سليم چانڊيو ادبي
سنگت شاخ ڊکڻ جو سرگرم ۽ جاکوڙي رڪن هيو، جيڪو جوانيءَ کان وٺي عمر جي آخري گهڙين
تائين ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جي قافلي کان جدا نه ٿيو ۽ سيڪريٽري سميت مختلف عهدن تي
رهي علم ۽ ادب جي واڌاري جي لاءَ ڪردار ادا ڪيائين. سليم چانڊيو منفرد سڀاءَ ۽
نباهه وارو شخص هو، سندس طبيعت ۾ ڪنهن بهب قسم جي وڏائي ڪو نه هئي ان ڪري شاخ جي
پراڻي ميمبر هجڻ باوجود سدائين پاڻ کان ننڍن دوستن کي پڻ عزت ڏنائين. وڏي ماڻهوءَ
جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته هو اعليٰ هئڻ باوجود پاڻ کي ادنيٰ سمجهندو آهي جيڪو
گڻ هن ۾ گهڻو هو. اسان سندس زندگيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا، هڪ بحيثيت
استاد، ٻيو بحيثيت شاعر ۽ اديب. استاد طور هن پنهنجي عمر جو اڌ حصو علم جا موتي
ورهائڻ ۾ گذاري ڇڏيو، پر زماني هن جو قدر نه ڪيو. هن ويهارو ٽيهارو ڳوٺن جي اسڪولن
۾ وڃي ٻارن کي پڙهايو پر جيڪي ڏک کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول مان مليا تنهن تي
ويچار ڪرڻ سان ئي اکيون آليون ٿي پون ٿيون. هن ته پنهنجن توڙي پراون لاءِ علم جون ڏياٽيون
پئي ٻاريون پر موٽ ۾ کيس تهمتون ۽ ناجائزيون ئي پلئه پيون. هن کي ڄڻ سوليءَ تي ٽنگيو
ويو پر هن يسوع مسيح جي پيروي ڪندي سڀ ستم چپ چاپ سهي ڇڏيا ۽ چپن تي مرڪ جي مکڙين
کي ڪومائجڻ نه ڏنائين. نيٺ انهن ايذائن کان هو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي اچي رتيديري ۾
ويٺو. رتيديري اچڻ بعد به هن پنهنجي ذميوارين کان منهن نه موڙيو ۽ تتي هجي يا ٿڌي
هو ويل واندو نه ويٺو. بيماريءَ جي بستري تي اچڻ کان اڳ هو امير بخش جيهو ۾ استاد
مقرر هو جتي اسڪول جي اندر گندو پاڻي بيٺل هوندو هو ۽ سڄي اسڪول ۾ پڙهڻ جي لاءِ هڪ
يا ٻه ٻار حاضر هوندا پر اهو وقت به هن کلي خوش ٿي گذاريو. ساڻس گڏ پڙهائيندڙ
استادن کي سندس سچائي ۽ فرض شناسيءَ جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هوندي.
سليم چانڊيو جو ٻيو
پاسو نج ادبي پاسو آهي. هو ڪتابن سان چاهه رکندڙ ۽ پڙهندڙ ليکڪ هو. هن ڪهاڻيون به
لکيون جيڪي تنهن وقت سنڌ رنگ، هالار ۽ ٻين مخزنن ۾ شايع ٿيون. ان سان گڏ هو شاعري
جي ديوي جا پڻ وار سنواريندو رهيو. ”باک ڦٽيءَ جا گيت“ سندس انهيءَ پيار جي پهرين نشاني
آهي، جيڪو سال ۲۰۰۵ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”ڪارونجهر تي مور“ گذريل
سال سندس پهرين ورسيءَ تي ڇپجي منظرعام تي آيو، جنهن ۾ پڻ خوبصورت شاعري شامل آهي.
سليم چانڊئي (مرحوم) جي شاعري عام ماڻهوءَ جي احساسن ۽ ارمانن جو کليل اظهار آهي.
هڪ سچي ۽ اڏول ليکڪ وانگر هن جي سماج تي گهري نظر هئي. هو سماج جي برين ريتن رسمن
جو سخت مخالف هو. هو انساني آزاديءَ جو گهرجائو ۽ ڌرتي توڙي سرتيءَ سان محبت جو
ويساهه رکندڙ شاعر هو. سليم، زخمي چانڊيو جي قافلي جو اهو بي هٿيار سپاهي هو جنهن
تي وقت وار ڪري سندس قلم جي نب کي به ڀڃي ڇڏيو هو، پر پوءِ به هن هٿن جي آڱرين کي
وڍي، ٽڪي ان مان رت ڪڍي گيت، غزل ۽ نظم لکيا. سندس شاعري ۾ به اها ئي سرمستي ۽
سچائي آهي جيڪا سندس قافلي جي سرواڻ وٽ هئي. هن به سنڌ جي پاپي ڪردارن جي ڪرتوتن
کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي وائکو ڪيو ۽ سنڌ ۾ ٻرندڙ بدامنيءَ جي باهه تي ڪيترائي
شعر لکيائين.
جو ماءُ جي سونهن
هيو سو ٻار ٿيو اغوا،
هن ماءُ جي جهوليءَ
جا دلدار وڪامن ٿا.
هن جڳ جا جرڳا هو،
لالچ ۾ لوڙهين ٿا،
پئسن جي لڳي پويان
سردار وڪامن ٿا.
هو صرف پنهنجي
شاعريءَ ۾ ڀوتارن ۽ سردارن خلاف آواز نه اٿاري بلڪه اهي ڪردار پڻ سندس شاعريءَ جو
موضوع آهن جيڪي ايمان وڪڻي پنهنجو پيٽ ڀرين ٿا.
چئن پئسن جي ڪري جن
ڀي وڪيو ايمان هت،
تن ملن واري خودي ۽
بندگي روئي ڏنو.
سندس شاعريءَ ۾ سنڌ
جي اجڙيل شهرن جون دانهون پڻ ملن ٿيون.
ڄامشورا! سي خوشيون
ڪاڏي ڪيئه؟
۽ سنڌوءَ جون
مستيون ڪاڏي ڪيئه؟
ته وري سندس
شاعريءَ ۾ ماڻهن سان ٿيندڙ نانصافين جي عڪاسي پڻ ملي ٿي.
هي انصاف خاطر
پنهنجو پاڻ ساڙڻ،
زماني جو قانون بيڪار
ٿي ويو.
”باک ڦٽيءَ
جا گيت“ پڙهڻ کان پوءِ اهڙا ڪيترائي گيت غزل سامهون اچن ٿا جنهن ۾ سليم چانڊيو هڪ
ارڏو شاعر بڻجي سامهون اچي ٿو. سندس شاعري فرسوده سماج ۽ ان جي انسان دشمن روايتن
کان بغاوت جو درس ڏئي ٿي. هن جا شعر پرهه جا پيغام ۽ سحر جا سلام کڻي اچن ٿا. سندس
گيتن ۾ هيڻن جي همراهي جهڙا سبق سمايل آهن ته سندس نظمن ۾ ڏاڍن جي ڏهڪاءَ خلاف
آواز اٿارڻ جو درس ڏنل آهي ۽ سندس غزلن ۾ وفا جي واعدن ۽ اهڙن احساسن جي خوشبو
سمايل آهي. . سندس شاعريءَ ۾ سماج جي براين ۽ مسڪين مجبور ماڻهن جي دردن، دکن جي ڀرپور
عڪاسي ٿيل آهي.
سنڌ جي هن سيبتي
سرجڻهار ۽ استاد ۱۸ آگسٽ ۲۰۲۰ تي جيري جي موذي مرض سبب وفات ڪئي. اڄ سندس ٻي ورسي آهي. جيتوڻيڪ هو اسان
وچ ۾ نه آهي پر سندس گيت اڄ به پيار پريت جو پيغام ڏين ٿا.
سو آ ماڻهو اڌورو
دنيا ۾،
جنهن جي دل پيار کي
نه ٿي چاهي.
در نه رکجانءِ بند
محبت جو،
آءُ مون ڏانهن
دوريون ڊاهي.
(مصور حسين
جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۱۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
سليم چانڊيي جو وڇوڙو
بشير چانڊيو
سليم چانڊئي ضلعي شڪارپور
جي هڪ پٺتي پيل ننڍي ڳوٺ امام بخش چانڊيو ۾ پنهل چانڊيو جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس
جنم اهڙي سماج ۾ ٿيو هو، جتي ڏاڍ ۽ ظلم فرعونيت جو روپ بڻجي هر روز رات جي انڌيري
۾ ڪنهن نه ڪنهن مسڪين ماڻهوءَ جو جهڳو جهڻ ڪندا هئا. جتي رات جي رهزنن هٿان ڪنهن
نه ڪنهن بيواھ عورت جا يا مسڪين هاريءَ جي کٽ سان ٻڍل ڪا ٻڪري يا مينهن هٿيارن جي
زور تي ڇوڙي ويندي هئي. جتي انسانيت – انسانن جي ڳولا لاءِ ڪالھ به پريشان هئي ۽ اڄ
به پريشان آهي.
سليم چانڊيو، زخمي
چانڊئي جي گلشن جو اهو خوشبودار گل هو، جنهن پنهنجي سماج اندر جڏهن به انياءُ ٿيندي
ڏٺو ته سندس قلم جنبش ۾ آيو. سليم چانڊيو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو بهترين قلم ڌڻي
هو. هو شاعر سان گڏ شانائتو شخص هو. هو درد وندي ديس جو اهڙو ته شاعر، اديب سان گڏ
فرض شناس استاد پڻ هو، جنهن ڪيترن ئي شاگردن کي تعليم سان مالا مال ڪيو. سندس پاڙهيل
شاگردن جي اڪثريت پنهنجي پنهنجي حصي جو سماج اندر ڪم ڪري رهيا آهن. سندس شاگرد ڪيترن
ئي انتظامي توڙي اعلي منصب جا مالڪ بڻيا آهن. هو درد وندي ديس جو اهو ڪوتاڪار هو،
جنهن جي سٽ سٽ ۾ ڌرتيءَ ۽ سرتي جو درد به شامل آهي، ته ديس ڌڻين جي اميدن جا ڏيئا
جرڪندي سماج اندر اوندھ انڌوڪار جي خاتمي لاءِ ڪجھ قدر ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. سنڌ
جي خوبصورت ۽ حسناڪين سان ڀرپور شهر ڄامشوري جڏهن ويڳاڻپ جو روپ ڌاريو هو ته سنڌ
جي هن شاعر تڙپي لکيو هو ته :
ڄامشورا سي خوشيون ڪاڏي
ڪيئه،
۽ سنڌوءَ جون
مستِيون ڪاڏي ڪيئه،
سينڌ، سُرمو، لبَ
گلابي ٽهڪڙا
هاسٽلِ جون دل لڳيون
ڪاڏي ڪيئه.
سونهن ساري سوڳواري
ٿي لڳي،
مهڪندڙ چهرا مِٺيون
ڪاڏي ڪيئه.
سچ ته سموري سنڌ
سمورن قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ان باوجود سنڌ جي خوبصورت ڀٽن ۽ حسناڪين جي
ديس ٿر تي جڏهن پلر پالوٽ ڪندو آهي ته ٿر جل ٿل ٿي ساري دنيا کي پنهنجي خوبصورتيءَ
ڏانهن مائل ڪندو آهي. ۽ اتان جا ماڻهو خوشين ۾ ماپيندا ئي ناهن. برسات وسڻ سان گڏ
ائين جهومي پوندا آهن، جيئن مور مستين ۾ رقص ڪندي ٿڪجندا ئي ناهن. وري جڏهن ٿر ۾
برساتون ناهن پونديون، ته مالوند مارو ماڻهو پريشاني جي عالم ۾ اکين مان درد جو
درياھ وهائيندا آهن، ۽ بک بدحالي سندن معصوم ٻارڙن جي حياتين کي ارڙ بلا جيئن ڳڙڪائي
ويندي آهي. ان وقت سليم چانڊئي صاحب جو قلم درد جو آلاپ بڻجي ويندو هو:
تڙپي پوندو هڪڙو ٿرُ
آ،
ويڳاڻو جتِ هر منظر
آ.
سليم چانڊئي ٿر مٿان
آيل ڏڪار واري صورتحال منجھ مارو ماڻهن جي ان غربت جي لڪير کان هيٺ گذاريندڙ مجبور
۽ بنھ لاچار زندگيءَ کي پنهنجي شعوري ائپروچ سان شعري ۾ آندو ته جيئن ايندڙ نسل ٿر
جي ان دکدائڪ منظر، ان جي تواريخي تشخص کي سمجهي سگهي. . هن شعور وند ۽ ساڃاه وند
ساٿين سان گڏجي سنڌ جي خوشحاليءَ جا اکين ۾ اڻ ميا خواب پاليا هئا، تن جي ساڀيائن
لاءِ هو پوري زندگيءَ ۾ ڪٿي به نااميد نه ٿو ڏسجي
سليم چانڊيو، سموري
زندگي انهن ڳوٺاڻن جي درد جي دوا بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، جتي اڄ به ارھ زورايون
عروج تي آهن.
سليم چانڊيو بهترين
شاعر هو، جنهن کي اها پوري پڪ هئي ته آسمان تي بيٺل انارڪي جو انت هڪ نه هڪ ڏينهن
ضرور ٿيندو.
سليم چانڊيو هڪ
انسان دوست، آدرشي ۽ بااصول شخص هو، جنهن جي زندگيءَ جو مقصد انسان ذات سان پيار ۽
پنهنجائپ سان پيش اچڻ هو، ان سان گڏ سندس گهڻ رچي شخصيت جا هڙئي پاسا کير جيان
اجرا رهڻا آهن. بحيثيت هڪ استاد – هن زندگيءَ جون ۲۸ بهارون پيغمبري پيشي کي ارپيون. سندس سحر
انگيز شخصيت اسڪولي ٻارڙن لاءِ اتساهڪ هئي. ان کان علاوه سائين سليم چانڊيو سماج
سيوڪ به هو، کيس جڏهن به رت لاءِ چئبو هو ته دنيا جهانَ جا ڪم ڪار ڇڏي هُو ضرورت
مند ان مريض کي پنهنجي رت جو عطيو ڏئي هڪ عجيب آنند محسوس ڪندو هو. سليم چانڊيو کي
گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيري جي بيماري هئي، جنهن جو علاج سندس پٽن سميت سڀ ادبي
سنگت جي دوستن ڪراچي توڙي حيدرآباد يا وري ميهڙ، لاڙڪاڻي ۽ گمبٽ سميت مختلف
اسپتالن مان علاج ڪرايو. جتي اسپتالون ڪوس گهر بڻيل هجن، جتي مسيحائي پيشي سان واڳيل
ماڻهو پئسي جا پوڄاري هجن ۽ انسانيت کي پئسن عيوض شرمائيندا هجن، اتي ڊاڪٽرن ۽
انتظامي غفلت سبب سليم چانڊئي جهڙا الائي ڪيترا ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا – ته
اندر اڌواڌ ٿي پوندو آهي. سليم چانڊئي هن محسوس ڪيو ته ھاڻي ھن جي بيماريءَ جو به
شايد ڊاڪٽرن وٽ علاج ناهي. هن سمجهي ورتو هو ته ڊاڪٽر سندس دلجوئي ڪري رهيا هئا.
هن اسپتالن اندر ڊاڪٽرن جي لاپرواهي کي شاعر جي اک سان ڏسي ورتو هو تڏهن ته دل جي
پني تي پرٽيندي لکيو هئائين ته :
اسان هر دم دکيءَ
دل ۾،
خوشي ڪائي سجائي آ،
اڙي او ڊاڪٽر صاحب!
دوا دارون اجائي آ.
سليم چانڊئي جي وڇوڙي
جو ٻڌي سندس اسڪول جا سمورا رستا سوڳ ۾ ويڙھجي ويا، هو جنهن اسڪول ۾ شاگردن کي پاڙهائيندو
هو، انهيءَ اسڪول جي معصوم ٻارڙن جي اکين ۾ به ڪيترا ئي لڙڪ لڙي پيا هئا.
(ڏھاڙي عوامي آواز، ۸ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع)
No comments:
راءِ ڏيندا