; سنڌي شخصيتون: مولابخش مشوري

13 April, 2023

مولابخش مشوري

مولابخش مشوري

ورسيءَ جي مناسبت سان - جمهوري جدوجهد جو اورچ پانڌيئڙو

جان محمد پلي



گذريل ۵۰ سالن جي سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي ۽ سماجي جدوجهد ڪندڙ عظيم ارڏو ڪردار ڀائو مولا بخش مشوري ۲۵ جون ۱۹۴۵ع تي گلن جي ديس ڳوٺ هٽڙي ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري اسڪول کان مڊل اسڪول تائين تعليم هٽڙي ۾ پرائي، مئٽرڪ جي تعليم حاجي ماڻڪ ڀٽي اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ۱۹۷۰ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ورتي ۽ اتان ئي پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي. ۱۹۷۱ع ۾ ڀائو مولا بخش مشوري مسلم ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ لڳاتار ۵ سالن تائين ڀائو مولا بخش مشوريءَ جي اڳواڻي ۾ مسلم ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين ۾ “مشوري گروپ” اليڪشنون کٽيندو رهيو، ان دوران ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾ ڇپرائڻ لاءِ هلايل تحريڪ ۾ هن ڀرپور حصو ورتو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽي ۾ شاگردن لاءِ الڳ ونگ سپاف جو بنياد پيو، جنهن ۾ ڀائو مولا بخش مشوري سپاف ضلعي حيدرآباد جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. ۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي پيپلز پارٽي طرفان سنڌي شاگردن جي جدوجهد جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ويو هو، ان جلسي ۾ ڀائو مولا بخش تقرير ڪئي جنهن ۾ ان وقت جي چيف منسٽر جي غلط حڪومتي پاليسين تي هن شديد تنقيد ڪئي. ان کانپوءِ حڪومتي پارٽي کان الڳ ٿي ڀائو مولا بخش مشوري ۽ اسان ٻين دوستن گڏجي آزاد سپاف جو بنياد وڌو ۽ تنظيم کي سڄي سنڌ ۾ آرگنائيز ڪيو. ۱۹۷۴ع ۾ ڀائو مولا بخش مشوري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چيئرمين شپ هيٺ پيپلز پارٽي تعلقه حيدرآباد جو صدر مقرر ٿيو. صدر مقرر ٿيڻ کان پهرين پوري تعلقي حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جون صرف ۳ برانچون ڪم ڪنديون هيون پر ڀائو مولا بخش مشوريءَ جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ تعلقي حيدرآباد جي ۱۵۰ کان مٿي ڳوٺن ۾ پيپلز پارٽي جون برانچون کولرايون ۽ ڀائو مولا بخش مشوري جي پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد واري جاءِ تي تعلقي حيدرآباد جي تنظيم جي آفيس کولي وئي. ۱۹۷۶ع ۾ پ پ پ ضلعي حيدرآباد انرولمينٽ ڪميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو. ۱۹۷۷ع جي عام اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽ لاءِ 46PS- حيدرآباد جي صوبائي حلقي لاءِ اپلاءِ ڪيو پر اها ٽڪيٽ مخدوم خليق الزمان کي ملي ۽ قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ اميد علي شاهه رضوي کي ملي، انهن ٻنهي جي ڀائو مولا بخش مشوريءَ ورڪ ڪئي.


۱۹۷۷ع ۾ ڀٽو صاحب جي حڪومت ختم ڪري ضياءُ شاهي ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي ڀٽو صاحب تي ڪيس هلايو ويو ۽ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي. ان سزا خلاف “ڀٽو بچايو تحريڪ” لاءِ عوامي رابطه مهم شروع ٿي. ان مهم دوران ۱۹۷۸ع ۾ ڀائو مولا بخش مشوريءَ پنهنجي ڳوٺ هٽڙيءَ ۾ بينظير ڀٽو جي چانهه پارٽي ڪئي ۽ جلسو ڪرايو. هٽڙيءَ ۾ بينظير صاحبه کي جلسو ڪرائڻ جي “ڏوهه” ۾ ڀائو مولا بخش مشوريءَ کي ضياءُ شاهي جي سختين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڀائو کي چاوڙي لاڪ اپ (موجوده سٽي ٿاڻو حيدرآباد) ۾ قيد ڪيو ويو. ۱۹۷۹ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڀائو مولا بخش مشوريءَ يونين ڪائونسل هٽڙي (ان وقت يونين ڪائونسل هٽڙي ۾ سڄو موجوده قاسم آباد تعلقو به شامل هو) اتان ضلعي ڪائونسل جو بنا مقابلي ميمبر ٿيو ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ ايجوڪيشن ڪميٽي ۽ ڊويزنل رابطه ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. ضياءُ شاهي جي دور ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي حيثيت ۾ ڪائونسل جي پليٽ فارم تان (۱) ڀٽو صاحب جي ڦاهيءَ خلاف قرارداد پاس ڪرائي ۽ ڀٽو صاحب لاءِ فاتحه خواني ڪرائي. (۲) پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان تان سنڌي ٻولي جي پروگرامن جو ٽائيم وڌائڻ لاءِ قرارداد پاس ڪرائي. (۳) شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي (عرس) جي ڏهاڙي تي سنڌ ۾ عام موڪل ڪرائڻ لاءِ قرارداد پاس ڪرائي. (۴) ضلعي ڪائونسل ميمبر جي حيثيت ۾ ضلعي ڪائونسل مان ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ غريب شاگردن کي اسڪالرشپس ڏياريون. ۱۹۸۳ع ۾ MRD تحريڪ ۾ سول اسپتال حيدرآباد مارڪيٽ چوڪ تي ڀائو مولا بخش مشوريءَ پنهنجي ٻين دوستن مطهر بلوچ ۽ امتياز ميراڻي سان گڏجي گرفتاري پيش ڪئي ۽ سينٽرل جيل ۾ هڪ سال سزا ڪاٽي، سينٽرل جيل ۾ ڀائو مولا بخش مشوريءَ سان گڏ جيل جا ساٿي، جن ۾ شاهنواز خان جوڻيجو، نواب يوسف ٽالپر، فدا حسين ڏيرو، سيف الدين پنهور، پير مظهر الحق، مظهر بلوچ، مولا بخش چانڊيو، عابد زبيري، ابوبڪر زرداري، جاويد نعماني، عبدالودود رئيساڻي ۽ ٻيا سوين اڳواڻ به موجود هئا. ۱۹۸۵ع ۾ ڀائو مولا بخش مشوريءَ کي بينظير صاحبه طرفان لنڊن مان سنڌ پيپلز هاري ڪميٽي جو صوبائي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. ڀائو مولا بخش مشوريءَ ڪنوينر مقرر ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي هر ضلعي ۾ يونين ڪائونسل سطح تي پيپلز هاري ڪميٽي جا يونٽ آرگنائيزر ڪيا ۽ سنڌ پيپلز هاري ڪميٽي جو تنظيمي آئين ۽ منشور لکيو ۽ ڇپرايو. اپريل ۱۹۸۶ع ۾ بينظير صاحبه لاهور کان ملڪ جو دورو ڪيو. ان سڄي پنجاب جي دوري ۾ ڀائو مولا بخش مشوري، شهيد فقير اقبال هيسباڻي، اشفاق صديقي، مظهر بلوچ ۽ ٻيا سنڌ پي پي جي ذيلي تنظيمن جا صوبائي عهديدار بينظير صاحبه سان گڏ رهيا. ۱۹۸۶ع ۾ ڀائو مولا بخش مشوريءَ پنهنجي ڳوٺ هٽڙي ۾ هارين جو هڪ وڏو تاريخي اجتماع “هاري ڪانفرنس” ڪرائي، جنهن ۾ بينظير صاحبه خصوصي طور تي شرڪت ڪئي ۽ ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. هٽڙي هاري ڪانفرنس ۾ بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ خطاب ڪيو. بينظير صاحبه جي قيادت ۾ ڀائو مولا بخش مشوريءَ سنڌ پيپلز هاري ڪميٽي جي صدارت جي عرصي دوران سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي مخالفت جي تحريڪ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف جدوجهد ۽ جمهوريت جي بحالي جي عظيم جدوجهد ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۹۰ع ۾ ڄام صادق جي حڪومت جي سڄي دور ۾ ۱۹۹۳ع تائين ڀائو مولا بخش مشوريءَ زندگيءَ جي مشڪل ترين روپوشين ۽ جلا وطنين کي مڙس ٿي منهن ڏنو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جلاوطني ۾ جدوجهد کان وٺي ملڪ ۾ جدوجهد دوران هو ساٿ جو ساٿي رهيو. ۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۰ع تائين شهيد ڀٽو سنڌ جو صوبائي صدر به رهيو. ۲۰۰۷ع ۾ شهيد بينظير صاحبه سان گڏجي جدوجهد ڪئي. ۲۰۱۵ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر ٿيو. اڄوڪي تاريخ ۳ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڀائو مولا بخش مشوري هن جهان مان موڪلائي ويو. سندس اڄ ٻي ورسي آهي. هن مڻياندار مڙس جي زندگيءَ ۾ فائدن ۽ نقصانن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي اصولن، نظرين ۽ جدوجهد تي ڪابه سودي بازي نه ڪئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا