; سنڌي شخصيتون: دليپ ڪوٺاري

17 April, 2023

دليپ ڪوٺاري

دليپ ڪوٺاري

ڀارومل امراڻي



دل کان ناھين دور، دليپ منھنجا دوست تون،

پل پل پون پور، ڪوٺاري تنھنجي قرب جا.

دليپ دل ڪوٺاري منھنجو دلبر دوست آھي. پيار ۽ پنھنجائپ جي ريشمي رومال تي دليپ جون محبتون ھرمچ جھڙيون آھن. دليپ پنھنجي مزاج جو نفيس سچو ۽ باترتيب شخص آھي. منھنجو گھڻ پڙھيو دوست دليپ سگھارو ليکڪ شاعر ۽ پبليشر آھي. دليپ نينھن پبليڪيشن پاران منھنجا ٻه ڪتاب ڇپرايا آھن. پياري دليپ ڪوٺاري کي جنم ڏينھن جون وڌايون.


هن موقعي تي آئون چاهيان ٿو اسان جي دلبر دوست جي پورهئي ۽ پنڌ کي اڳيان رکي مختصر تعارف لکان.

ليکڪ ۽ شاعر دليپ ڪوٺاريءَ جو پُورو پريوارڪ نالو دليپ ڪُمار ڪوٺارِي لوهاڻه آهي. هِن ٿرپارڪر ضِلعي جي هيڊڪواٽر مٺيءَ ۾ پهلاج مل ساڌُومل ڪوٺاري لوهاڻي جي گهر ۾ ۰۴-جنوري ۱۹۷۳ع تي جنم ورتو. شروعاتي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنهنجي جنم ڀُوميءَ واري شهر مٺيءَ جي تعليمي اِدارن؛ گورنمينٽ پِرائمري ’مين‘ اسڪول، گورنمينٽ پِراوَنشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ بوائز ڊِگري ڪاليج مان ئي۱۹۸۴ع، ۱۹۸۹ع ۽ ۱۹۹۱ع ۾ ترتيبوار حاصل ڪيائين، جڏهن ته ’زراعتي جِيتن جِي سائنس‘ (اينٽامولوجِي)۾ گـرئجُـوئـيـشـن جو امتحان سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام مان ۱۹۹۸ع نمايان ڪاميابيءَ سان پاسڪيائين.۲۰۱۸ع ۾ علامه اِقبال اوپن يُونيورسٽي، اِسلام آبادجي فاصلاتي سرشتي هيٺ؛’لائبررياينڊ اِنفارميشن سائسنز‘ جي شعبي ۾گِريجُوئيشن ڪيائين ۽ ۲۰۱۹ع ۾ خانگي شاگرد جي حيثيت سانوفاقي اُردو يُونيورسٽيڪراچيءَمان سِنڌِي اَدبُ ۾ ماسٽرس جي سَنَدُ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ ماڻيائين.ايم.اي فائنل جي مونوگِراف طور هِن سِنڌِي ٻوليءَ ۾ گِيتُ، وائِي، دوهي، سورٺي ۽ ويرُ گاٿا وغيره جي صِنفن جي مُڪمل طور ڇَندُ وِديائِي تخليقڪار ٿر ڄائي شاعر ۽ نقاد پِروفيسر سَرُوپچندر ’شاد‘ جِي شخصيت ۽ فن تي ڳُوڙهِي تحقيق ڪري؛ سؤ صُفحن جو جامع تحقيقي مَقالو پُڻ لِکيو.

دلـيـپ ڪـوٺاريءَ جي شاعري توڙي ٻيا مضمون، مقالا ۽ ليک وقت بوقت ڇپبا رهندا آهن. يُونيورسٽيءَ واري زماني ۾ ڇهه مهينا کن ’عبرت مئگزين‘ جو سب ايڊيٽر به رهيو. شاگرديءَ دوران؛ ’دوستي‘، ’مارُئي ملِير جِي‘ ۽ ’رام لِيلا‘ جهڙن اِسٽيج ناٽڪن، ٽِئبلوز، ون ايڪٽ پِليز ۽ مزاحيه توڙي اِصلاحي خاڪن ۾؛ نائِڪ جو ۽ ڪريڪٽر رولز به ادا ڪيا.لکڻ جو آغاز ٻاراڻي ادب کان ڪيائين.هن مٺيءَ ۾ اِشاعتي اِدارو ’نينهن پبليڪيشن‘، ’ڏات ڌڻي مڃتا فورم‘ ۽ ’رابيل رِسورس سينٽر‘وغيره پڻ برپا ڪيا آهن.

دليپ ڪوٺاري گُذريل ٻن ڏهاڪن کان ڳوٺاڻي ترقيءَ جي اِداري ’ٿرديپ‘ ۾ پِروگِرام آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي اِدارت ۾ٽِماهي ’ ٿرديپ سَماچار‘ جا ۲۲سانڍڻ جهڙاشُمارا عرقريزيءَ سان پڌرا ٿي چڪا آهن. هن جي ڪِريڊٽ تي۲۰۰۲ع کان ۲۰۱۵ع درميان ڇپيل؛ٻاراڻي ادب، جيون جاڳرتا ۽ سماجي ترقيءَ جي موضوعن سان لاڳاپيل ويهارو کن ڪتابڙا، رپورٽون ۽ تربيتي رهنماناما به آهن.

جن ۾؛’سستو چُلهو- سؤکِي سانجڻ‘، ’سهنج جو سامان‘، ’ڀيڙو پاڻي-نيڙو پاڻي‘ ۽ ’ننڍا قرض- وڏا لاڀ‘، (ڳوٺاڻيترقيءَجُون مثالي ڪهاڻيون)، ’ٻار گُهرن ٿا پيار‘ (ناڪاري روين جو اڀياس)، ’سنڌ جي باراني علائقن جي عوامي اسيمبليءَ جِي رپورٽ‘، ’امن جي آرسي‘ (چونڊيل شاعري)، ’پِيار منجهان ڏيان پِينگهو لوڏي‘ (سنڌي لولين ۽ ڪوڏاڻن جو اِنتخابُ)، ’مٽيءَ-هٿڙن جي ڪلا ۽ ٻوڏ سٽيل ٻارڙا‘(ٻارن جو آرٽ)، ’اچـو تـه پنهـنجو ڳـوٺ سُـڌاريون‘ (صفائيءَ بابت گيت)، ’ڏِيئي سَنديُون لاٽُون‘(اِدارِيا)، ’اصـلـوڪـن لـوڪـن جـا آواز‘ (ڌرتي ڌڻين جي شاعري)، ’راڄن جِي رکوالِي‘(قُدرتي آفتن جِي حِڪمتِ عملي)، ’دانائيءَ وارو دَڳُ‘(اَندر اجاريندڙ قولَ)، ’ٻاراڻِي وهيءَ جا وِهانءَ‘ ۽ ’ٽيڪسِلا يا ٽَڪِ سِلا ‘ (ورثي جِي وارتا) وغيره شامل آهن.

 

 (ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا