دليپ ڪوٺاري
ڀارومل امراڻي
دل کان ناھين دور، دليپ منھنجا دوست تون،
پل پل پون پور، ڪوٺاري تنھنجي قرب جا.
دليپ دل ڪوٺاري منھنجو دلبر دوست آھي.
پيار ۽ پنھنجائپ جي ريشمي رومال تي دليپ جون محبتون ھرمچ جھڙيون آھن. دليپ پنھنجي
مزاج جو نفيس سچو ۽ باترتيب شخص آھي. منھنجو گھڻ پڙھيو دوست دليپ سگھارو ليکڪ شاعر
۽ پبليشر آھي. دليپ نينھن پبليڪيشن پاران منھنجا ٻه ڪتاب ڇپرايا آھن. پياري دليپ ڪوٺاري
کي جنم ڏينھن جون وڌايون.
