; سنڌي شخصيتون: نور سنڌي

25 April, 2023

نور سنڌي

نور سنڌي

آئون جو ئي آھيان سو ئي آھيان

آپ بياني



مون ۱۵مئي ۶۴ع ۾ شھدادپور ويجھو، سنڌو درياءَ جي ڦاٽ لوھاڻو ۽ روھڙي ڪينال جي ڪنڌي تي ڪلھوڙن جي دور ۾ آباد ٿيل ميربحرن جو آباد ڪيل ڳوٺڙو ملھدسي (ملدسي) ۾ ھڪ غريب ھاري اللھ بخش جي گھر ۾ جنم ورتو. منھنجو نانو الله لوڪ فقير رمضان ميربحر، لطيف سرڪار رح جو مريد ۽ فقير ھو. جڏھن ته ڏاڏو الله جڙيو، غوث الحق حضرت مخدوم سرور نوح رح جو مريد ۽ فقير ھو.


پرائمري کان مڊل ڪلاس تائين تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ڳوٺ جو سيد حسين شاھ، جيڪو مثالي استاد رھيو، قوم ۽ سنڌ پرست ھو. ان جي ڪچھرين جو ڪافي اثر پيو. منھنجي ڪلاس ميٽ گل حسن گل لاکو، جيڪو به قوم پرست ھو، اسان ملدسي ۾ شاگرد سياست جو بنياد رکيو. ان دور ۾ ادا وارث ڏنو ڏيرو وارن جي اوطاق تي اخبارون اينديون ھيون، جيڪي پڙھڻ ويندو ھئس. ننڍي ھوندي کان ادب جو پڙھڻ جي حد تائين شوق رھيو. پير بخش ڏيرو وارن جي اوطاق تي ننڍڙي ذاتي ليئبريري ۾ ويھي رسالا برسات، سھڻي، تحريڪ، آدرش، چارڻ ۽ ٻيا مختلف موضوعن جا ڪتاب پڙھندو ھئس. جڏھن ته خرچيون گڏ ڪري، ٽه-ماھي مھراڻ، ٻاراڻو رسالو گل ڦل جو ساليانو خريدار بنيس. ان بعد گل ڦل ۾ ننڍڙيون ڪھاڻيون به لکيون. اڳتي ھلي ھلال پاڪستان جي گلڙن جھڙا ٻارڙا، عبرت جي ٻارڙن جي صفحي ۾ به ڪھاڻيون، مختلف موضوعن تي ننڍڙا مضمون به لکڻ شروع ڪيا. ريڊيو پاڪستان حيرآباد تي نشر ٿيندڙ ٻارڙن جي ٻاري پروگرام ۾ به ڪيترا دفعا شريڪ ٿيس.

سيڪينڊري تعليم گورمنٽ ھاء اسڪول ۾ حاصل ڪئي جتي به قوم پرست سياست ڪئي اٺ درجا پاس ڪري سيڪنڊري جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول شھدادپور ۾ داخلا ورتي. ان ئي دور ۾ قربان مھيسر ۽ ٻئن دوستن ٻاراڻي تنظيم پتنگ سنگت ٺاھي جنھن جون سنڌ جي ڪافي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ برانچون به قائم ڪري، ٻارن جا پروگرام شروع ڪرايا. اھو دور جنرل ضياءَ جي ڪاري مارشلا جو پھريون سال ھو پتنگ سنگت جي سرگرمئن جون خبرون اخبارن ۾ به شايع ٿينديون ھيون ھڪ ڏينھن مونکي ملدسي پوليس چيڪ پوسٽ جي انچارج گھرائي پتنگ سنگت بابت تفصيل معلوم ڪيو بعد ۾ مون کي ايس ايڇ او شھدادپور وٽ پيش ڪيو جنھن جو نالو ياد نه آھي پر ھو پنجابي ھو، جنھن ايندي ٻٽي نيٽ پٺن ۾ وھائي پوءِ سوال جواب ڪيا. منھنجي اھڙي تذليل ڪئي وئي جھڙو ڌاڙيل. ھيٺال ۾ ٻھارو ڏياريو، ڇنڊڪار ڪرائي وئي، نلڪي مان گل ٻوٽن کي پاڻي ڏياريو ويو. بعد ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ جوابدارن وانگر پٽ تي ويھاريو. اچانڪ منھنجو چاچو حاجي محمود ملاح، جيڪو ان دور ۾ وڏي رھائي پوکي وارو ھو، ان مونکي ھن حال ۾ ڏسي معلوم ڪيو. بعد ۾ ايس ايڇ او سان مليو، جنھن کيس الائي ڇا ٻڌايو. ان به ٻه ٽي چماٽون وھائي ڪڍيون ۽ مونکي ٿاڻي تان ڇڏائي ويو. ان وقت آئون ان چاچي جي شھدادپور واري جاءِ ۾ رھندو ھئس. چاچو اتي وٺي آيو ۽ ان به وڏي بي عزتي ڪئي ته تنھنجا ماءُ پي الائي ڪيئن پيا تو کي پڙھائين، تون وري وتين سياست ڪندو. سامان کڻ، ڳوٺ ھل، تنھنجي پڙھائي ختم. چاچا کي ھٿين پرين پئس ۽ واعدو ڪيو؛ آئيده ائين نه ڪندس. کيس منٿون ڪئم ته بابا کي نه ٻڌائجانءِ. آئون والدين جو اڪيلو اولاد ھئس، ان ڪري انھن جو مون ۾ ساھ ھوندو ھو. ھيءَ ڳالھ ٻڌن ھا ته پڙھائين ڪو نه ھا. ان بعد پتنگ سنگت جون سرگرميون جھڙوڪ ختم ٿي ويون. ان دور ۾ مونکي صحافي ٿيڻ جو شوق ٿيو. مون ڪامريڊ لکاڏنو عرف ڪلال سان ذڪر ڪيو، جنھن شھدادپور جي مشھور صحافي نثار بالادي سان ملاقات ڪرائي. جنھن جي چوڻ تي روز سندس ھلال پاڪستان اخبار جي آفيس ۾ ويندو ھئس. جتي ھي آفيس جي صفائي به ڪرائيندو ھو، پاڻي به ڀرائيندو ھو. صحافت جي ش، وق ۾ اھي ڪم خوشي سان ڪندو ھئس. نثار روز خبرون لکڻ سيکاريندو ھو ۽ صحافتي ٽيڪنڪ تي مختصر ليڪچر ڏيندو ھو، پر رپورٽر نه ڪرايو. ان دور جي صحافي الياس ابڙو، الفقراء سانگھڙ جي سب ايڊيٽر، عاجز منگي سان ملاقات ڪرائي. جنھن مون کي الفقراء جو ملدسي لاءِ رپورٽر مقرر ڪرايو. مون آزادي واري ان سنڌ نيوز اخبار جيڪا ريشم گلي وٽان نڪرندي ھئي ان جي ايڊيٽر سان ملاقات ڪري ملدسي جو رپورٽر ٿئس. شيخ عزيز جي مھرباني سان مون مختلف مسئلن اشوز تي آرٽيڪل نما خط به لکڻ شروع ڪيا. بعد ۾ عبرت ۾ به ايڊيٽر جي ٽپال ۾ مختلف اشوز آرٽيڪل اسٽائيل تي تفصيل سان خط لکندو ھئس. انھي دور ۾ جيئي سنڌ جي ٻاراڻي تنظيم چڻنگ سنگت ۾ شامل ٿئس. بعد ۾ ناز سنائي جي معرفت آفتاب اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد سان ملاقات ڪري، آفتاب اخبار جو رپورٽر ٿئس. ان وقت ڏھين ڪلاس جو شاگرد ھئس. انھي زماني ۾ اسان جي تر ۾ ھارين سان زميندارن جون ناانصافيون عام جام ٿيڻ لڳيون. مون ماروٽ محمد خان ملاح کي ساڻ ڪري، ٿورو شعور رکندڙ ھارين سان ملاقات ڪري، ھاري ڪميٽي يوسي ملدسي جو قيام آندو. ان پاران ڳوٺ ھاشم خاصخيلي ۾ رات جو ھاري ڪانفرنس گھرائي. جنھن ۾ ڪامريڊ علي بخش شيدي، صحافي نثار بالادي ۽ الياس ابڙو مھمان طور شريڪ ٿيا. ان موقعي تي چونڊ به ڪرائي ۽ اسان ھارين سان ظلم ڪندڙ زميندارن خلاف درخواستون، اخباري بيان بازي شروع ڪئي. ڪجھ زميندارن مونکي ڪامريڊ محمد خان ملاح کي پوليس کان حراسان ڪرايو. اھڙيون خبرون اخبارن ۾ شايع ٿيون. ان تي ڊي سي سانگھڙ نوٽيس ورتو. ان بعد پوليس تنگ نه ڪندي ھئي. مئٽرڪ ڪرڻ بعد، پرائويٽ طور بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي، پر مڪمل طور ڪاپي ڪري. آئون بنيادي طور قوم پرست پر ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت کان متاثر ھئس. حالانڪ ڪامريڊ طبقو زيڊ اي ڀٽو جي سخت خلاف ھو. جو شيخ مجيب الرحمان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي باوجود اقتدار ان کي ڏيڻ بجاء آرمي جي چوڻ تي ڀٽو وزير اعظيم بنجي ويو. ان جي باوجود ڀٽو صاحب جيڪي ڪم ڪيا، ان ڪري وڻندو ھو. جڏھن کيس ڦاسي ڏني وئي ته ٻه ڏينھن ماني نه وڻي. آئون ٻيو ڪجھ ته نه پي ڪري سگھيس پر رات جو جيڪي ان زماني ۾ قلم ھوندا ھئا، مس مان ٻوڙي اکر لکبا ھئا، انھن سان ڪاغذن تي وڏن اکرن ۾ جنرل ضياء جي خلاف نعره، شھيد ڀٽو جي حق ۾ نعره لکي، ملدسي، لال خان جلالاڻي، گولو پير صاحب جو ڳوٺ، بچل سنگراسي، باقر موري تي ٻٻر جي ڪنڊن سان ڪچين ديوارن تي ھڻندو ھئس. شھيد ڀٽو جي ڦاسي کان ٻئي ڏينھن شھدادپور ۾ انور خان ٿھيم ۽ ٻين جيالن پاران ڪيل احتجاجي مظاھري ۾ شريڪ ٿيس. ڪل ويھ کن ماڻھو ھئا. علي چونڪ تي پوليس اچي پھتي. جنھن لٺ بازي ڪئي. ڪجھ گرفتار ٿيا، ڪجھ گھٽين مان نڪري ويا. چاليھي تي کيبر ۾ ماروٽ جيالي قاسم ملاح سان گڏ ڳڙھي خدا بخش پھتاسين، جتي پوليس موجود ھئي. ڪنھن کي مزار تي ڪو نه پيا ڇڏين. جڏھن پوليس ماني پي کاڌي ته ھڪ پوليس جمعدار کي خرچي پاڻي ڪرائي، ڀٽو جي مزار تي دعا گھرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اخبارن تي سنسرشپ لڳي چڪي ھئي. ڪراچي ۾ منھاج برنا جي اڳواڻي ۾ ان خلاف گرفتاريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو ھو منھنجي به خواھش ھئي ته ڪراچي پھچي صحافين سان گڏ بک ھڙتال ڪري گرفتاري ڏيان پر والدين سختي سان منع ڪئي. جنرل ضياء جي دور ۾ ٿيندڙ ظلمن کي وائکو ڪرڻ لاءِ مون منزل نالي ھڪ سائڪليو ليٽر فل سائيز پني جي ٻنھيي پاسن کان ماھوار پمفليٽ ٽائيپ اخبار شروع ڪئي جيڪا سو کن ڇپائي لڪ چوري ۾ ھم خيالن ۾ ورھائيندا ھئاسين ان حوالي سان رئيس لال ڏنو نظاماڻي مجاھد ابراھيم اڪبر ساند اميد علي رند روشن پٺاڻ لڪ چوري ۾ مالي مدد ڪندا ھئا اھا اخبار شھدادپور ڪاليج جي سائڪليو مشن تان ھڪ ڪلرڪ ھڪ چوڪيندار جن جا نالا نه ٿو کڻان انھن کي پئسا ڏئي ڪڍائيندا ھئاسين الياس ابڙو سائين دادن ڀٽو قابل ميراڻي جو مواد جي حوالي سان ساٿ ھوندو ھو. مٽيريل اسان ڏيندا ھياسين انھن سان سائين روشن پٺاڻ سيٽنگ ڪرائي ڏئي ھئي اھو ڪم انتھائي خوفيا ۽ خبرداري سان ڪندا ھياسين جن دوستن جو ذڪر ڪيو ان کانسواء ٻئي کي خبر نه ھئي اھي ورھائڻ به ڏکيو مسئلو ھو. ڇھ کن اھڙيون اخبارون ڪڍڻ کان وڌيڪ نه ڪڍي سگھياسين. ڪڍڻ کان ورھائڻ تائين وڏو رسڪ ھو. ايم آرڊي جي ۸۳ع ۽ ۸۶ع واري تحريڪن ۾ مون صحافي جي حيثيت ۾ فرض ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏھن پنھل چانڊيو مورو ميھڙ دادو ڪي اين شاھ ۾ ايم آرڊي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ظلم ڪيا تحريڪ جي جوڌن کي شھيد ڪيو پنھل چانڊيو ۾ بمبارڊمينٽ ڪئي مون ھڪ غير ملڪي صحافي ايئن ھور جيڪو مخدوم طالب المولي کان انٽرويو ڪرڻ آيو ھيو، جيڪو ٻه ڏينھن مخدوم ھائوس تي رھيل ھو، ان سان مختصر ملاقات دوستي ۾ بدلجي وئي، ان سان گڏ انھن شھرن ۾ وڃي ظلم ڏٺا. متاثرين سان ملياسين. ان دور ۾ آل انڊيا ريڊيو سروس سان سنڌ ۾ ايم آرڊي تحريڪ جي پس منظر ۾ سنڌي ۾ وينا شرنگي ڪو پروگرام ’سڄڻ تو کي خبر ڪھڙي’ھلندو ھو، جيڪو ماڻھو شوق سان ٻڌندا ھئا ان ۾ مون جيڪو ڏٺو اھو لکي موڪليو. جئين ته انڊيا ويندڙ ۽ اتان ايندڙ ٽپال کولي پڙھي ويندي ھئي. ان ڪري مون اھو خط سعودي ۾ رھندڙ ھڪ دوست کي موڪليو. جنھن آل انڊيا ريڊيو سروس جي موڪليل اڊريس تي موڪليو. اھو آرٽيڪل نما خط ڇا پڙھيو ويو، وڏو ممڻ مچي ويو. آفتاب اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد جي معرفت مير علي احمد خان ٽالپر جي معرفت مسئلو حل ٿيو. مون کان لکرايو ويو ته اھو ڪو ٻيو نور سنڌي آھي، جنھن اھو خط آل انڊيا ريڊيو تي موڪليو آھي. ۸۶ع واري ايم آرڊي تحريڪ ۾ اخبارن تي سنسرشپ نه ھئڻ ڪري، مون صحافي جي حيثيت سان اخبارن ۾ گھڻو ڪجھ لکيو، خاص طور ڳوٺ طيب ٿھيم واري واقع کي مون پھرين ڏينھن کان ھاءِ الرٽ ڪيو. ۸۴ع کان مون مخدوم طالب المولا جن جي حڪم تي ھالا مان صحافت شروع ڪئي ۹۶ع تائين. آئون ۸۸ع ۾ قاضي اسد عابد جي مھرباني سان عبرت جو نمائندو خصوصي ٿيس. جيڪي ايڊيشن ايندا ۽ عبرت ميگزين ۾ مختلف اشوز تي آرٽيڪل ۽ مختلف شھرن ۾ ٿيندڙ علمي ادبي سياسي ھاري مزدورن جي پروگرامن جا اکين ڏٺا احوال لکڻ شروع ڪيا. ۹۰ع ۾ سنڌو اخبار جو اسٽوري رپورٽر ٿيس. ان حوالي سان روز ھڪ ايڪسلوزو اسٽوري ڪندو ھئس. ان دور ۾ مون بدنام ڌاڙيل محب شيدي، امون کوسو عرف امام علي کوسو جا فيس ٽو فيس انٽرويو ڪيا. ان کان اڳ ڪڏھن به ڌاڙيلن جا انٽرويو اخبارن ۾ نه آيا ھئا. اھڙا انٽرويو ۽ رپورٽون، اين ايس فقير جي نالي سان لکندو ھئس. مون چيني انجنئرن کي اغوا ڪري مشھور ٿيندڙ ڌاڙيل لائق چانڊيو جو به ڇرڪائيدڙ انٽرويو ڪيو. جنھن جي انڪشافن ٿرٿلو مچايو. ڌاڙيلن جا ۽ ايڪسلوزو اسٽوريون بعد ۾ اداري تي قانون نافظ ڪندڙ ادارن جو دٻاء وڌيو ته اين ايس فقير ڪير آھي پر اداري نالو نه ٻڌايو. ۹۴ع ۾ عبرت گروپ ۾ اسٽوري رپورٽر ۽ سب ايڊيٽر ٿيس. محترمه بي نظير ڀٽو جي ونواھ کان وٺي شادي تائين، آفتاب اخبار لاءِ مون رپورٽنگ ڪئي. بلاول ڀٽو جي جنم جي خبر سڀ کان پھرين مون آفتاب ۾ ھلائي. محترمه بي نظير ڀٽو جي شادي جي موقعي تي شادي کان اڳ ۷۰ ڪلفٽن تي پھچي، ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر ملاقات نه ٿي سگھي. مون سندس شادي جي موقعي تي ڀرت ڀريل تندي ۽ ڪپڙن جو جوڙو مٺائي جو پيڪٽ ۽ مون جنرل ضياء جي دور ۾ جيڪا سائڪليو اخبار ڪڍي، اھي ڪاپيون ايم آرڊي تحريڪن تي جيڪو لکيو اھي اخبارون، آل انڊيا تي ھليل خط جي آڊيو ڪيسٽ، ھڪ دعا وارو خط، تحفي ۾ ڏنو. جڏھن ڄام صادق علي خان پاڻ مرادو جلا وطن ھو ته مون ڄام معشوق علي خان کان ايڊريس وٺي، کيس خط لکندو ھئس. اخبار ۾ پاڻ مراديون خبرون لڳائي ڪٽنگون موڪلندو ھئس. ڄام صاحب به ٽي کن خط لکي ٿورو مڃيو. جڏھن ڄام صادق علي ۸۸ع ۾ پ پ حڪومت ۾ جلا وطني ختم ڪري واپس وطن پھچڻ بعد مخدوم ھائوس ھالا پھتو ته مون جڏھن تعارف ڪرايو ته ھن ڀاڪر پائي چمي ڏني ۽ مخدوم طالب المولا کي ٻڌايو ته ھي پرپٺ خبرون ھلائيندو ھو ۽ خط لکندو ھو. پ پ حڪومت جي خاتمي بعد چونڊن جو اعلان ٿيو ڄام صادق علي نگران وزير اعلي ٿيو چونڊن ۾ ٽنڊو آدم واري صوبائي سيٽ تي ڄام جي سامھون پ پ پاران فدا حسين ڏيرو فارم ڀرايو جڏھن صحافي فدا ڏيرو کي ڪوريج ڏيڻ بجاء ڄام صادق کي ڪوريج ڏيڻ واري صورتحال تي ڏيرا ھائوس تي ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ محمد خان پنھور تجويز ڏني ته نورسنڌي کي راضي ڪري ڪوريج جو ذمون ان کي ڏنو وڃي مونکي راضي ڪرڻ لاءِ پير بخش ڏيرو کي ٽاڪس ڏنو ويو جنھن سان ڀائراڻا تعلقات اسان جو جھڙوڪ گھر ھڪ ھئڻ ڪري انڪار نه ڪري سگھئس مونتي اھو ڪم ھو ته فدا ڏيرو جي چونڊ مھم جون سرگرميون اخبارن کي موڪليندس ور نه چونڊ مھم ۾ ڄام صادق خان پاران فدا ڏيرو جي ورڪرن حمايتن سان جيڪو حشر ڪيو اھو برداست نه ڪري سگھيس ان خلاف نه صرف پنھنجي اخبارن پر حيدرآباد جي صحافين ڊان ۾ ڪم ڪندڙ اسان جي محسن ڀڳوان داس بي بي سي ڪراچي جي ظفر عباس سان به رابطو ڪري اتان اھي خبرون ھلائيڻ سان گڏ مون ان صورت حال تي مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل لکيا ان تي ڄام صادق سندس فرزند ڄام عاشق علي خان جيڪو دوست ھو چاچا لال ڏنو نظاماڻي معرفت رابطو ڪري ائين نه ڪرڻ ۽ ساڻس ملڻ لاءِ چيو پر آئون پنھنجو صحافتي فرض ادا ڪندو بي بي سي تي ڪافي اھڙيون خبرون ظفر عباس مقامي صحافي نورسنڌي موجب ڪري ھلايون ان بعد ڄام وزير اعلي سنڌ ٿي ويو پر فدا ڏيرو جي چونڊ بعد مون ڄام صادق علي سان ملاقات جي ڪوشش نه ڪئي ڄام صاحب جنۡھن سال وصال ڪيو لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ ريسٽ ھائوس تي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ مليو پريس ڪانفرنس بعد ھن مونکي سڏي ڀر ۾ ويھاريو ۽ چيو ته چونڊن ۾ منھنجي خلاف جيڪو لکيو ان جي اميد نه ھئي اھو ٺيڪ پر تون ڪڏھن ملڻ به نه آئين مون عاشق علي خان کان توکي نياپو به ڪرايو پر اوھان نه آيو ھن چيو آئون ٿورو مصروف ھوندس ايندڙ مۡھيني سي ايم ھائوس تي اچو ھن پنھنجي سيڪريٽري امتياز شيخ کي به منھنجو نالو نوٽ ڪرايو مقرر تاريخ ويس ته خبر پئي ته ڄام صاحب اسپتال داخل ٿي ويو آھي ان بعد مون ساڻس ملاقات جي ڪوشش نه ڪئي ڇو جو مبھنجو ڪو ڪم نه ھو نه وري ڪڏھن ڄام صاحب ياد ڪيو سندس وفات بعد ڄام عاشق ٻڌايو ته بابا توکي نوازڻ ٿي چاھيو پر تنھنجي نه ملڻ ڪري عمل نه ٿيو محترمه سان ۸۸ع ۽ ۹۰ع وارين چونڊن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪيل جلسن ۾ صحافي جي حيثيت سان ويس پر ڪڏھن تعارف نه ڪرايو. ۸۸ع واري پ پ حڪومت ۾ شھيد ڀٽو جي ورسي تي محترمه نئون ديرو ھائوس تي ڪجھ انھن صحافين سان ملاقات ڪري سندن مالي مدد به ڪئي. جڏھن لسٽ ٺھي ته منھنجي ذريعن خبر ڏني ته ان لسٽ ۾ منھنجو به نالو ھو. پر شايد پوءِ، خبر نه آھي ڪيئن ۽ ڇو ڪٽجي ويو. ۹۳ع وارين چونڊن کان اڳ محترمه جڏھن ڀٽ شاھ ۽ ھالا جو دورو ڪيو ته آئون گڏ ھئس مخدوم ھائوس تي پھتي ته مون سندس چيف سيڪورٽري مظھر بلوچ منھنجو تعارف ڪرايو ته محترمه مون ۾ چتائي ڏٺو ۽ آء سي چئي چيو ته اوھان دلير صحافي آھيو ايم آرڊي تحريڪن ۾ اوھان جو ڪردار آھي شادي جي موقعي تي اوھان جا موڪليل تحفا يادآھن اخباري ڪٽنگ جو فائل به مون پڙھايو اوھان ڪڏھن ملاقات ڇو نه ڪئي آھي ھن مظھر بلوچ کي چيو ته مون کان معلوم ڪري نور کي بلاول ھائوس تي گھرائجان ان بعد پ پ اقتدار ۾ آئي پر نه ڪڏھن مظھر بلوچ محترمه سان ملاقات ڪرائيڻ جي ڪوشش ڪئي نه مون ڪڏھن ڪوشش ڪئي سبب اھو ته ھڪ ته منھجي عادت ڪنھن جي گلي ۾ وڃي پوڻ نه آھي ٻيو ته ڪو منھنجو ڪو ڪم نه ھو نه وري ڪو مون صحافي جي حيثيت سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کي ڪيش ڪرائي ڪي فائدا وٺڻا نه قدرتي طور منھنجي ذھنيت عام صحافين کان مختلف آھي ڪافي سنڌ جي ٿيندڙ وڏن وزيرن صوبائي وزيرن کان وٺي ڪافي بااثر ماڻھن اعلي بيروڪريٽ سان واسطا رھيا آھن پر مون ڪڏھن به ذاتي فائدا وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي اھڙي عادت ئي نه آھي آئون جڏھن صحافت ۾ آيس ته الائي ڇا سمجھي آيو ھئس پر ادارن جي پاليسي ڪافي مجبورين ڪري جنھن انداز ۾ صحافتي فرض ادا ڪرڻ گھرجن نه ڪري سگھيو آھيان ۹۲ع ۾ سنڌ صحافي سنگت جو بنياد وڌو صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ سندن حقن جي حاصلات رنجشون ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ جي باوجود جيڪو سوچيو يا جيڪو سنڌ صحافي سنگت جو منشور آھي اھو نه ڪري سگھياسين ڪيتريون ئي مجبوريون ڪيترا ئي ڪارڻ آھن ۹۰ع ۾ نورآرٽ ڪلچر اڪيڊمي جو بنياد رکي ملدسي ۽ ٻين ڳوٺن شھرن ۾ ادبي ثقافتي پروگرام ڪرايا شاگردن جي تربيت ڪئي غريب شاگردن جي پنھنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت مدد ڪئي ۲۰۱۹ع ۾ سوشل ميڊيا ڪلب جو قيام آندو جنھن جو مقصد ڪرپشن سماجي برائين ھر طرح جي ظلم خلاف عوامي مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ عوام ۾ پنھنجي حقن جو صحت تعليم جي حوالي سان شروع پئدا ڪرڻ لاءِ ھر طرح سان جدوجھد ڪرڻ آھي آئون غريب ماڻھون آھيان غربت ڏٺي آھي ان ڪري غريبن جو احساس آھي صحافت ۾ حق سچ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنھن ڪري دشمنيون پرايون آھن دوست دشمن ٿي ويا صحافت ۾ ڪجُھ اعتماد وارن دوستن غلط بياني ڪري استٿمال به ڪيو زندگي ۾ ٻه پيار ڪيا پر ناڪام وفائون جي بدلي جفائون مليون ڪھاڻيون افسانه مختصر ناول به لکيا شاعري به ڪئي منھنجا مختلف موضوع تي اشوز تي ھزارين آرٽيڪل مخٿلف اخبارن رسالن ۾ شايع ٿيا آھن ڪافي وقت کان رپورٽر نه پر صحافي آھيان مخٿلف اخبارن ۾ آرٽيڪل ڇپجن ٿا لکڻ لاءِ ته اگھاڙو سچ لکڻ لاءِ دل ٿي چوي پر ادارن جي پاليسي ڪجھ مجبوريون چاھيندي به نٿو لکي سگھجي ۲۸سالن کان لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ سندس عرس مبارڪ تي ڀيڄ ڀٽائي پبليڪيشن جي خصوصي ايڊيشن جون ھزارين ڪاپيون شايع ڪري ورھائيندو آھيان جڏھن ته ڪيترن سالن کان سروري ميگزين سروري سرھاڻ مسقل طور شايع ڪريان ٿو ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو جي مھربانين سان روزاني چڻنگ جو مئنجنگ ايڊيٽر آھيان منھنجا چار ڪتاب شايع ٿيل آھن جن ۾ ورق ورق گلاب بھترين ڪتاب آھي ڪافي ڪتابن جو مواد سھيڙيو آھي جيڪي انشاءَالله جلد ڇپائبا. اڄ منھنجو جنم ڏينھن آھي. ان حوالي سان پنھنجي صحافتي ادبي سماجي زندگي جون کٽيون مٺيون ڳالھيون اوھان سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي بس زندگي ھڪ خواب آۡھي زندگي ڏسندي ڏسندي بس گذري وئي خواب وانگر خبر ئي نه پئي مونکي زندگي ۾ پڇتاءُ اھو آھي ته جيڪو سوچي صحافت ۾ آيس اھو ادارن جي پاليسي ذاتي مجبوريون ذاتي واسطيداري ڪري نه ڪري سگھيس خوشي به آھي ته وري به صحافت ۾ ڪافي ڪجھ ڪيو آھي صحافت ۾ محنت مزدوري ڪري پنھنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليون پيا. صحافين لاءِ جاکوڙيو آھي سماج لاءِ وري به ڪجھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. صحافت ۾ جيڪي شاگرد انھن مان ڪجھ لائق ڪجھ نالائق سوشل ميڊيا ڪلب جي ٽائيگرن کي سماج لاءِ ڪجھ ڪندي عوام جو آواز بنجندي ڏسندي خوشي ٿئي ٿي. دعا ڪريو جيترو وقت جيئرا آھيون مالڪ سچ حق لکڻ جي توفيق ڏي. سوشل ميڊياڪلب جي پليٽ فارم تان، عوام جو آواز بنجي، وقت جي يزيدن خلاف جدوجھد ڪريون.

 

(نورسنڌيءَ جي فيسبڪ وال تي رکيل/ کنيل ۱۵ مئي ۲۰۲۰ع)

No comments:

راءِ ڏيندا