; سنڌي شخصيتون: نور سنڌي،
Showing posts with label نور سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label نور سنڌي،. Show all posts

25 April, 2023

نور سنڌي

نور سنڌي

آئون جو ئي آھيان سو ئي آھيان

آپ بياني



مون ۱۵مئي ۶۴ع ۾ شھدادپور ويجھو، سنڌو درياءَ جي ڦاٽ لوھاڻو ۽ روھڙي ڪينال جي ڪنڌي تي ڪلھوڙن جي دور ۾ آباد ٿيل ميربحرن جو آباد ڪيل ڳوٺڙو ملھدسي (ملدسي) ۾ ھڪ غريب ھاري اللھ بخش جي گھر ۾ جنم ورتو. منھنجو نانو الله لوڪ فقير رمضان ميربحر، لطيف سرڪار رح جو مريد ۽ فقير ھو. جڏھن ته ڏاڏو الله جڙيو، غوث الحق حضرت مخدوم سرور نوح رح جو مريد ۽ فقير ھو.