; سنڌي شخصيتون: دلشاد خاصخيلي

12 April, 2023

دلشاد خاصخيلي

دلشاد خاصخيلي

مڻيادار ماڻھو

قائم خان خاصخيلي



چوڻي آھي ته “ماڻھو جهڙو مور” مور سان اڪثر ماڻھن جي تشبيھ يا مشابهت ڪئي وڃي ٿي، مور پکي آھي، جنهن جي خوبصورتي عام پکين کان سرسي يا وڌيڪ آھي، مور پکي عام پکين جي نسبت حساس ۽ نرم مزاج هوندو آھي، هن جي سونهن توڙي آواز ۾ ڪشش ۽ راحت سمايل هوندي آھي.


مور پکي اڪثر ڪري ماڻھن کان لوائيندو يا پري ڀڄندو آھي، پر هتي مور ۽ ماڻھوءَ جو سنگم ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته پسونءَ کي به پرک هوندي آھي.

پياري دلشاد خاصخيلي ۱۹۷۸ع تي جنوري مهيني ۾ ساوڪ، سونھن ۽ مُحبتي ماڻھن جي علائقي ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ حاجي الھداد خان ٽالپر ۾ محنت ڪش انسان مرحوم امام بخش خاصخيليءَ جي گھر ۾ اک کولي. پتڪڙن پيرن سان پرائمري تعليم پنھنجي ئي ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سُلطان آباد مان ڪندي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد پھتو. جيئن ته آئون (راقم القلم) سندس پرائمري استاد رھيس ته مون دلشاد ۾ علم و ذھانت جون بيشمار خوبيون ڏٺيون. دلشاد ننڍپڻ کان ئي ٻاراڻي ادب سان سلھاڙجي ويو، مون ياد آھي سندس پھرين لکڻي روزاني آفتاب حيدرآباد جي ٻارن جي ھفتيوار صفحي گلن جھڙا ٻارڙا ۾ ڇپي. حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ دلشاد اورچ صحافي مرحوم سائين لائق سنڌيءَ کان رھنمائي حاصل ڪندي ٻاراڻي ادب ۾ مُختلف رسالن جھڙوڪ گُل ڦُل، ارچڪ مرچڪ، گلستان ۽ اخبارن جي ادبي صفحن ۾ مستقل لکندو رھيو.

۱۹۹۴ ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سينئر پروڊيوسر علي نواز خاصخيليءَ کيس بطور ڪمپيئر کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جتي دلشاد، مقبول پروگرامن، يونيورسٽي مئگزين، سُڳنڌ، ادبي سنگت، رنگ ترنگ ۽ ٻين پروگرامن ۾ پنھنجي من موھيندڙ آواز ۾ سُٺي مڃتا ماڻي. دلشاد ريڊيو جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پڻ مقبوليت ماڻي جن ۾ ناميارن ليکڪن زيب سنڌي، ڊاڪٽر محمود مغل، سيد ماڪن شاھ رضوي، مير مُرڪ واڍي ۽ ٻين جا لکيل ڊراما شامل آهن. ان وقت اٽليءَ جي حڪومت ۽ گڏيل قومن جي سھڪار سان نامياري ليکڪه فاطمه ثريا بجيه جي لکيل ڊرامي دک سُک اپني جنھن جو سنڌي ترجمو ميڊم تنوير جوڻيجو سُکن واري سڌ جي نالي سان ڪيو ان ڊرامي ۾ پياري دلشاد خاصخيلي ليڊ ڪردار ادا ڪيو ۱۰۴ قسطن تي مشتمل اُن ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي گڏيل قومن پاران دلشاد خاصخيلي کي مڃتا ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.

دلشاد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنھنجون صلاحيتون ڏيکارڻ سان گڏ ٻارن جي مئگزين گُلستان ۾ بطور سب ايڊيٽر، ڪاوش گروپ ۾ بطور سب ايڊيٽر، عبرت گروپ ۾ ڪئمپس رپورٽر ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي نالي واري ميوزڪ ڪمپنين ٿر پروڊڪشن، پارس پروڊڪشن ۽ لطيف پروڊڪشن ۾ پروگرام مئنيجر ۽ سليڪٽر طور به ذميواريون سنڀاليون. دلشاد خاصخيليءَ جي شاعري پڻ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿي ۽ مقبوليت ماڻي جنهن ۾ شمن علي ميرالي، فوزيه سومرو، الھڏنو خاصخيلي، ثمينه ڪنول، ديبه سحر، الھڏنو جوڻيجو، بادل راھي، ثريه سومرو، ديبا ڪنول، صائمه منظور، مظھر علي، فقير شوڪت ۽ ٻيا شامل آهن. علمي ادبي کيتر توڙي صحافتي ۽ ريڊيو جي دُنيا ۾ کوڙ سارين نامور شخصيتن سان شناسا ٿيو. سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ بعد دلشاد خاصخيلي مُختلف چئنلز تي ھوسٽنگ پڻ ڪئي. جيتوڻيڪ پيارو دلشاد خاصخيلي ھن وقت سنڌ پوليس بحيثيت سب انسپيڪٽر پنھنجا فرض سر انجام ڏئي رهيو آهي پر گڏوگڏ مُختلف علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀلوڙ اسٽيج ڪمپيئر طور سُڃاتو وڃي ٿو، مڃتا طور کوڙ سارا ايوارڊ سندس نالي ٿيا. دلشاد خاصخيليءَ جي شخصيت جو پروفائل اڃا به ڪجھ وڌيڪ آھي جيڪو جامع طور لکبو. پياري دلشاد جو دلڪش انداز، سادي طبيعت سندس ڪردار توڙي گفتار ڪنهن تعارف جي محتاج نه آھي، پاڻ هڪ نفيس ۽ نرم مزاج طبيعت رکندڙ انيڪ خوبين سان مالا مال آھي، هرڪنهن جو همدرد، هڏ ڏوکي، يارن جو يار ۽ دلبر شخصيت جو مالڪ آھي. اڄ سندس جنم ڏينهن آھي کوڙ سارين مُبارڪن سان گڏ دُعا آهي ته؛

رب پاڪ کيس سندس نالي جيان شاد و آباد رکي ۽ سدائين مُرڪندو ۽ مھڪندو رھي، آمين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



دلشاد خاصخيلي

عبدالله جروار

نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر ۽ پوليس آفيسر دلشاد خاصخيلي سان منهنجو تعلق ان وقت جڙيو جڏهن دلشاد هاء اسڪول ۾ پڙهندو هو پنهنجي عزيز سائين قائم خان خاصخيلي صاحب سان مرحوم صحافي محمد يعقوب خاصخيلي جي دڪان تي ايندو هو. ان وقت آفتاب اخبار ۾ ٻارن جو صفحو جنهن جو نالو شايد "ٻارڙن جي محفل" هو. ان ۾ لطيفا ڪهاڻيون يا تعارف وغيره لکندو هو. اهڙي طرح  سندس ادبي تربيت آفتاب اخبار وسيلي ٿي. اڳتي هلي ادبي پروگرام يا  ٻين تقريبن ۾ کيس شرڪت جو موقعو مليو. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران علمي ادبي دوستن سان واسطو ٿيس. مشهور براڊ ڪاسٽر محترم علي نواز خاصخيلي جي پروگرام يونيورسٽي مئگزين ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليس. جنهن ۾ سندس دوستي ناتو نوجوان ڪمپيئر سائين، علي عمران سمون صاحب، مير مرڪ واڍو، محمد موسيٰ چانڊيو ۽ خليل جان قريشي جن سان جڙيو. ان وقت جي مشهور براڊ ڪاسٽر مرحوم انور هڪڙو صاحب به سندس پروگرامن ۾ نوجوان ڪمپيئرز کي خوب موقعو ڏنو. اهڙي طرح دلشاد لاء مشهور پروگرام سڳنڌ جا دروازا کليا. ڪافي بهترين پروگرام ڪيائين. ان کان علاوه ڊرامن به صدا ڪار طور ڪم ڪرڻ جو موقعو مليس. دلشاد تي قدرت هميشه مهربان رهي آهي. کيس مشهور ڪمپني ٿر پروڊڪشن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليس ته پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ان ڪمپني کي  آڊيو توڙي وڊيو گيتن جا شاندار البم ڏئي وڏي عزت ڪمايائين. مشرف سرڪار جي دور ۾  پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اي ايس آء مقرر ٿيو. هاڻ پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندي کيس چڱو عرصو ٿيو آهي. هڪ حساس شاعر ۽ پوليس آفيسر طور سڃاتو وڃي ٿو. سٺي اخلاق ٿڌي مزاج سبب سندس دوستن جو وڏو حلقو موجود آهي. دعا آهي دلشاد سدا خوش هجي اڃا به ترقي ماڻي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي. ان موقعي تي کيس کوڙ ساريون مبارڪون هجن.

 

(عبدالله جروار جي فيسبڪ پوسٽ ۲۸ جنوري ۲۰۱۸ع تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا