; سنڌي شخصيتون: فاطمہ ڀٽو

29 April, 2023

فاطمہ ڀٽو

فاطمہ ڀٽو

ڪابل کان ڪنوار تائين

ذوالفقار قادري



آخر مير مرتضيٰ ڀٽو شھيد جي ۴۱سالن جي نياڻي فاطمہ ڀٽو پنهنجي آمريڪي نزاد دوست گراهم جنهن جو مسلم نالو جبران آھي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي پنهنجي زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو آھي. مون زندگي ۾ پهريون دفعو فاطمہ ڀٽو کي ۵ جنوري ۱۹۸۹ع تي المرتضيٰ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو هو، جڏھن هي ستن سالن جي هئي ۽ سندس پڦي بينظير ڀٽو صاحبہ ملڪ جي وزيراعظم بڻيل هئي. ان ڏينهن ھن جي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڏينهن هو. سندس پڦي بينظير ڀٽو اهو سالگره جو ڪيڪ پنهنجي ڀائٽي فاطمه ڀٽو کان ڪٽرايو هو. ساڻس گڏ سندن ڏاڏي نصرت ڀٽو بہ بيٺل هئي. انهن ڏينهن ۾ بلاول اڃا چئن مهينن جو هو ۽ کيس فلپائني نوڪرياڻي هنج تي کنيو بيٺي هئي. فاطمہ ڀٽو جو پيءُ مرتضيٰ ڀٽو، انهن ڏينهن ۾ شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو. مير مرتضيٰ ڀٽو جي زندگي المين، دکن، دردن سان ڀريل رهي آھي. انھن ڏينهن ۾ فاطمہ ڀٽو جو پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان سرڪار جو گهربل ترين شخص ھو ۽ سندس ڪو مستقل ٺڪاڻو نہ هو. ڪڏھن ڪابل تہ وري ڪڏھن بيروت تہ وري ڪڏھن دمشق ۾ ھوندو هو. ڪابل ۽ بيروت ٻئي شھر، دنيا جا خطرناڪ ترين شھر قرار ڏنل هئا، جتي راڪيٽن، بمن ۽ گولين جو مينهن معمول بڻيل هو. اپريل ۱۹۷۹ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد، ۱۹۸۰ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو لنڊن کان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهتا. هي اهي ڏينهن هئا جڏھن افغانستان جي صدر داؤد جي قتل بعد روسي فوجن جي حمايت سان نور محمد تره ڪي افغانستان جو صدر هو. مير مرتضيٰ ڀٽو جنرل ضياء جي سرڪار خلاف هٿياربند جدوجهد واسطي افغان سرڪار جي مدد سان پهرين پاڪستان لبريشن آرمي جو بنياد رکيو. جيڪا مارچ ۱۹۸۱ع پي آءِ اي جي جهاز جي هاءِ جيڪنگ واقعي بعد “الذوالفقار“ جي نالي سان مشهور ٿي. الذوالفقار جي ڇاپا-مارن، جنرل ضياء تي ڪافي ناڪام قاتلانہ حملا ڪيا. جن ۾ ۱۷ فيبروري ۱۹۸۱ع تي پوپ پال جي ڪراچي آمد جي موقعي تي خودڪش بم ڌماڪو ڪيو. جنهن ۾ خيرپور واسي بمبار لالا اسلم مارجي ويو هو. ان بعد ۶ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي جنرل ضياءَ جي سعودي عرب کان واپسي تي سيٽلائيٽ ٽاؤن راولپنڊي جي گهر مان جنرل ضياءَ جي جهاز تي لينڊنگ وقت، ميزائل فائر ڪيو ويو جنهن ۾ ھو ذري گهٽ بچي ويو هو.


ڪابل ۾ مرتضيٰ ڀٽو جي رهائش وزير اڪبر خان روڊ تي هئي. ڪابل جي انھيءَ وزير اڪبر خان روڊ تي مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاھنواز ڀٽو شام جو واڪ ڪندا ھئا. جتي سندن پاڙي ۾ رھندڙ فوزيہ پڻ شام جو اتي واڪ ڪندي ھئي. اتي فوزيہ جي مير مرتضيٰ سان عليڪ سليڪ وڌندي وئي ۽ نيٺ اھا عليڪ سليڪ مرتضيٰ سان شاديءَ ۾ بدلجي وئي. فوزيہ جي والد فصيح جو تعلق افغان وزارت خارجہ سان هو پر خفيہ طور سندس رابطہ افغان ويڙھاڪن ۽ سي آءِ اي سان هئا. اهڙيءَ طرح مرتضيٰ جو اڪثر وقت فوزيہ جي گھر ۾ ان جي خاندان وارن سان گذرڻ لڳو. انھيءَ دوران وري مرتضيٰ جي ننڍي ڀاءُ شاھنواز جو واسطو فوزيہ جي ننڍي ڀيڻ ريحانا سان ٿي ويو. ريحانا، تنھن وقت ۾ روس جي خلاف وڙھندڙ افغان مجاھدين جي وڏي حمايتي ھئي ۽ شاھنواز وري ھڪ ڪميونسٽ ملڪ جو مھمان ھو. ھو ٻئي ان تي چرچن ڀوڳن ۾ وڙھندا رھندا بہ ھئا.

جيتوڻيڪ ٻنھي ڀائرن جون شاديون چند ڏينھن جي وقفي سان ٿيون ھيون. پر ٻنھي جي شاديءَ جي وليمي واري دعوت واري تقريب گڏيل ٿي ھئي. جنھن ۾ مير مرتضيٰ ۽ مير شاھنواز فلسطيني گوريلن وارا يونيفارم پاتا ھئا. مير جي يونيفارم جو رنگ ڳاڙھو ۽ شاھنواز ڪاري رنگ واري يونيفارم پاتي هئي. جڏھن ٻنهي ڀٽو ڀائرن جو هڪ دوست سھيل سيٺي ان شاديءَ واري تقريب جو دعوت نامون کڻي ان وقت جي افغان انٽيليجنس سربراه ڊاڪٽر نجيب الله جيڪو پوءِ افغانستان جو صدر بہ بڻيو وٽ ويو تہ ھن ان جي اڳيان ھڪ ڳجھو فائيل سامھون رکيو ۽ چيو تہ ھنن ڀائرن مونکي پھرين ڇو نہ ٻڌايو تہ ھو ٻئي ڀائر جن ٻن ڀينرن سان شاديون ڪري رھيا آھن انهن جي پيءُ ۽ فيملي جا افغان مجاھدين سان ويجھا لاڳاپا آهن.

ھنن جو پيءُ فارين سروسز ۾ ملازم آھي ۽ خصوصن جنرل ضياءَ جي (آئي ايس آئي) جي ذريعي افغان مجاهدين کي ھٿيار فراهم ڪرڻ سميت ٻي مدد پڻ ڪندو آھي، جيڪي آمريڪن سي آئي جي معرفت کين ڏنا ويندا آھن. اسان جي افغان خفيہ ايجنسي “خاد“ سندن جي سرگرمين کي مانيٽر ڪري رهي آھي. پر ڊاڪٽر نجيب جا اهڙا انڪشاف ۽ خدشا ٻنھي ڀائرن جي پيار منجهان پرڻي ۾ ڪا رڪاوٽ بڻجي نہ سگھيا. جنهن سان ڊاڪٽر نجيب کي وڏي مايوسي ۽ نااميدي ٿي ۽ ايئن ھو ٻئي ڀائر انھيءَ ان وقت جي مجاھدين ۽ اڄ جي طالبان جي حامي خاندان جا ناٺي بڻجي ويا.

فاطمه ڀٽو جي پيدائش ۲۹ مئي ۱۹۸۲ع تي شام جو ۳:۴۵ منٽن تي ڪابل جي ھڪ فوجي اسپتال ۾ ٿي. ان وقت ڪابل ۾ ڪرفيو ھو جتي فاطمه جي ماءُ فوزيہ کي سخت پھري ۾ اسپتال ۾ آندو ويو. تڏهن اھو به خطرو ھيو ته ڪٿي مجاھدين ان اسپتال کي ٽارگيٽ نه بنائين ۽ ان حملي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي باغي پٽن کي ختم نہ ڪيو وڃي. ان لاءِ ڊاڪٽر نجيب طرفان اسپتال ۾ خصوصي حفاظتي انتظام ڪيا ويا ھيا. ايستائين جو ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس زال به اسپتال ۾ پھچي ويا هئا ۽ ان وقت مرتضيٰ ڀٽو، فلسطيني يونيفارم ۾ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ٻاھران ٻار جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رھيو ھو. جڏھن فوزيہ کي ڌيءُ جو جنم ٿيو تہ مرتضيٰ پنهنجي نومولود نياڻي جو نالو فاطمه رکيو. اهڙي طرح شاهنواز کي جڏھن ريحانہ مان نياڻي پيدا ٿي تہ ان وري پنهنجي نياڻي جو نالو لطيف سائين جي هڪ سورمي سسئي جي نالي پٺيان ”سسئي“ رکيو. فاطمه جي عمر اڃا ٽي سال مس هئي تہ سندس زندگي جا الميه شروع ٿيا. فرانس جي شھر “ڪانز“ ۾ ڪافي سالن بعد جولاءِ ۱۹۸۵ع سمورو ڀٽو خاندان گڏ ٿيو هو. پر کين اهي خوشيون ڀانءِ نہ پيون. سندس پيءُ مرتضيٰ ۽ سندس چاچو شاھنواز، شام مان اچي شريڪ ٿيا ھئا. سندس پڦيون بينظير ڀٽو ۽ صنم ڀٽو لنڊن مان اچي شريڪ ٿيون ھيون. سندن ماءُ فوزيہ جنيوا مان آئي ھئي. سڀني پنھنجي ٻالڪپڻ جون يادون ۽ شرارتون ھڪٻئي سان شيئر ڪيون. فاطمه ۽ سسئي ان وقت بالڪل ننڍڙيون ھيون، جيڪي پنھنجي پيءُ ۽ چاچي جي ٽنگن کي پڪڙي خوش ٿي رھيون ھيون. اھا خوشيءَ واري شام ريحانا ۽ شاھنواز جي معمولي اختلافن تي ختم ٿي وئي. ايستائين جو مرتضيٰ جيڪو پنھنجي ڀاءُ شاھنواز کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو، ان طرفان معمولي مداخلت ڪرڻ تي ريحانہ کيس خاموش رھڻ جو چيو ۽ پوءِ ريحانہ پنهنجي فليٽ تان مرتضيٰ ۽ بينظير کي بہ ڪڍي ڇڏيو. پوءِ ھو سڀئي گڏجي بيگم نصرت ڀٽو جي فليٽ تي آيا. اهو ۱۸ جولاءِ ۱۹۸۵ع جو ڏينهن هو جڏھن صبح جو سوير فليٽ جو بيل وڳو، مرتضيٰ ٻاھر ويو تہ ريحانا ٻاھر بيٺي ھئي. ھن کيس ٻڌايو ته شاھنواز کي نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آھي. سڀئي سندس فليٽ تي آيا. ڏٺائون تہ شاهنواز جو لاش صوفي ۽ ڪافيءَ واري ٽيبل جي وچ ۾ ڪريو پيو ھو. سندس قميص لٿل ھئي، بدن تي بلو رنگ جا نشان ھئا. مير مرتضيٰ پنھنجي امڙ بيگم نصرت ڀٽو کي چيو؛ ”امان گوگي ھليو ويو“ ۽ پوءِ فرانس جي تحقيق ڪندڙ پوليس پنھنجي رپورٽ ۾ چيو ته شاھنواز جو موت زھريلا ڪيپسول واپرائڻ جي ڪري ٿيو آهي. سندس آنڊي، بدن ۽ ٻين حصن ۾ زھر ڦھليل ھو. شاھنواز جي پراسرار موت کان پوءِ کانپوءِ فاطمه جي پيءُ ۽ ماءُ درميان اختلاف وڌي ويا. سندن جو، ھڪٻئي سان گڏ رھڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ ان وقت فاطمه جي عمر صرف ۳ سال ھئي. فاطمه جي پيءُ ماءُ درميان عليحدگي ٿي وئي. ٽن سالن جي فاطمه کي سندس پيءُ مرتضيٰ پاڻ سان کڻي بيروت پهتو. بيروت کان دمشق اچي رهيا. ٽن سالن جي فاطمه کي سندس پيءُ، ماءُ جيان پاليو. هو فاطمه کي پنھنجي ھٿن سان وھنجاريندو ھو، سندس وار ڪٽي سنواريندو ھو. فاطمه کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪھاڻيون ۽ ٿڌڙا ڪڍي سمھاريندو ھو. فاطمه کي مردن جهڙا بوٽ پارائيندو ھو. فاطمه صفا ڇوڪرو لڳندي ھئي. هڪ ڏينهن، دمشق جي هڪ هوٽل جي لفٽ ۾، مرتضيٰ سان هڪ دوشيزه ملي. مرتضيٰ جي پڇڻ تي هن خاتون ٻڌايو تہ سندس نالو غنويٰ آھي، هو بنيادي طور ٽيچر آھي. مرتضيٰ ساڻس پنهنجي ڌيءُ فاطمه کي پڙھائڻ لاءِ چيو. غنويٰ جي پيءُ جو نالو عبود عبادي هو. عبود عبادي فرانس ۽ برطانيہ خلاف آزادي جي ويڙھہ وڙھيو هو. فاطمه جي پڙھائي، مرتضيٰ ۽ غنويٰ جي شادي جو سبب بڻي. آخر مرتضيٰ ۽ غنويٰ ۱۹۸۹ع ۾ شادي ڪري ڇڏي. فاطمه، غنويٰ سان مانوس ٿي چڪي هئي. پر ھو پاڻ کي اڪيلو سمجهندي هئي. مرتضيٰ کي غنويٰ مان پٽ جو اولاد ٿيو. ذوالفقار جونيئر جي پئدائش بعد فاطمه کي ڀاءُ ملي ويو. ۱۹۹۳ع ۾ فاطمه جو پيءُ مرتضيٰ جلاوطني ختم ڪري واپس وطن آيو. فاطمه جي پڦي بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم هئي. سيپٽمبر ۱۹۹۶ع وارو مهينو فاطمه جي زندگي لاءِ درد کڻي آيو. ۱۹سيپٽمبر تي مير مرتضيٰ جي سالگره جو ڏينهن هو. مير مرتضيٰ سالگره وارو ڏينهن پنهنجن ٻچن سان گذاريو. هنن ڪيڪ ڪٽيو ۽ رات جي ماني سڄي فيملي سميت هوٽل تي کاڌي. فاطمه کي ڪهڙي خبر تہ هي سالگره سندس موڀي ابي جي آخري سالگره هوندي. ۲۰سيپٽمبر جو ڏينهن ،فاطمه جي زندگي جو اڀاڳو ڏينهن ٿي اڀريو. شام جو جڏهن مير مرتضيٰ سورجاني ٽاؤن لاءِ نڪتو تہ پنهنجي شريڪ حيات غنويٰ کي چئي نڪتو تہ اوهان رات جي ماني گهر ۾ ٺاهجو، واپس اچي ماني سڀ گڏجي کائينداسين. سج لهي چڪو هو. اونداهي ٿي چڪي هئي. غنويٰ بورچيخاني ۾ ھئي. فاطمه، گهر جي بالڪوني تي ڪتاب پئي پڙھيو ۽ ذوالفقار جونيئر ڀيڻ جي ڀرسان کيڏي رهيو هو تہ ايتري ۾ فاطمه کي پنهنجي اسڪول جي هڪ سهيلي جو فون آيو. هو پڪنڪ بابت فاطمه سان ڳالهائي رهي هئي تہ ايتري ۾ سندن گهر ستر ڪلفٽن ٻاهران شديد فائرنگ شروع ٿي وئي. گولين جو مينهن وسي رهيو هو. گوليون ذوالفقار علي ڀٽي جي گهر ستر ڪلفٽن جي بالڪوني ڀرسان پئي گذريون. فاطمه پنهنجي ننڍي ڀاءُ ذوالفقار جونيئر کي پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو. ڪچن ۾ بيٺل غنويٰ گهر جي چوڪيدارن کي چيو؛ ڏسو ٻاهر ڇا ٿي رهيو آھي. گهر جي چوڪيدارن کي پوليس اهو چئي بنگلي کان ٻاهر نڪرڻ نہ ڏنو تہ ڌاڙيلن سان مقابلو پيو هلي، ڪو بہ گهر کان ٻاهر نہ نڪري. فاطمه کي ڳڻتي ورائي وئي. ڇو تہ ڪجهہ ڏينهن کان سندس پيءُ مرتضيٰ ۽ سرڪار درميان تعلقات ڪشيده ٿي چڪا هئا. فاطمه فورن هاٽ لائين ٽيليفون تي پنهنجي پڦي بينظير ڀٽو جنهن کي هو “وڏي“ چوندي هئي، رابطو قائم ڪيو. وزيراعظم جي اي ڊي سي ٽيليفون اٽينڊ ڪيو. فاطمه کيس ٻڌايو تہ مان فاطمه ٿي ڳالهايان، مون کي “بوا وڏي“ سان ڳالهائڻو آھي. اي ڊي سي فورن چيو؛ اوهان جي گهر ڏي خير آھي؟ ايئن چئي هن فون رکي ڇڏي. پر فاطمه جي ڳڻتي وڌي وئي ڇو تہ هن پنهنجي پڦي بينظير ڀٽو جي روئڻ جو آواز ٻڌي ورتو هو. فاطمه جي تشويش وڌي وئي. هن ٻيهر وزيراعظم هاؤس فون ملايو. سندس پڦڙ آصف علي زرداري لائين تي هو. فاطمه کيس چيو مون کي “بوا وڏي“ سان ڳالهائڻو آھي. جنهن کيس چيو تہ هو نہ ڳالهائي سگهندي. فاطمه پنهنجي پڦڙ آصف علي زرداري کي بار بار چوندي رهي تہ مون کي صرف “بوا وڏي“ سان ئي ڳالهاڻو آ. تنهن تي آخر آصف علي زرداري فاطمه کي چيو؛ ”تنھنجو پيءُ مارجي چڪو آھي.“ ايئن چئي آصف علي زرداري فون بند ڪري ڇڏي. اها خبر ٻڌندي ئي فاطمه جي هٿ مان فون جو رسيور ڪري پيو. ايئن ان ڏينهن فاطمه يتيم بڻجي وئي. هن پيءُ جي شھادت بعد، ڀٽو خاندان جي روايتي سياست جي دعويدار بڻجڻ بجاءِ هن علم، ادب جي راه ورتي. . فاطمه ڀٽو اڄ ڪلهہ عالمي سطح تي ٿيندڙ عالمي ادبي ڪانفرنسن ۾ وڃي ٿي. سندس ڪئين ڪتاب، مضمون، آرٽيڪل دنيا جي مشھور اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجن ٿا. فاطمه اڄ بہ پنھنجي پيءُ جون ساروڻيون ياد ڪري ٿي ته ڪيئن سندس بابا جڏھن ملڪ کان ٻاھر جلاوطن ھو ته به پنھنجي گھر ۽ سنڌ کي ياد ڪندو ھو ۽ ھو جمالو وارو سنڌي لوڪ گيت ترنم ۾ ڳائيندو ھو. ھو سنڌ جو روايتي اجرڪ استعمال ڪندو ھو. شڪارپور جو آچار کائيندو ھو. جيڪو ھن کي شڪارپور مان سوکڙي ٿي ايندو ھو. فاطمہ ڀٽو آخر ۲۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي ۴۱ سالن جي عمر ۾ پنهنجي آمريڪي دوست گراهم جنهن جو جو اسلامي نالو “جبران“ رکيو ويو آھي، سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي. فاطمہ ڀٽو جي شادي بعد پ پ شهيد ڀٽو جي ان ڌڙي ۾ مايوسي وڌندي جن غنويٰ ڀٽو جي پاليسين سان اختلاف ڪندي پاڻ کي فاطمہ ڀٽو سان ان اميد تي وابستہ پئي رکيو تہ فاطمہ ڀٽو سياست ۾ حصو وٺندي ۽ ھو فاطمہ ڀٽو جي قيادت ۾ سياست ڪندا. فاطمہ ڀٽو ۽ غنويٰ ڀٽو درميان اختلافن جو خبرون تہ پهرين ئي گردش ۾ هيون پر مير مرتضيٰ ڀٽو جي ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي شهادت بعد ۲۷ سالن جي طويل عرصي بعد ۷۰ ڪلفٽن واري گهر ۾ ڪا خوشي جي تقريب فاطمہ ڀٽو جي شادي جي صورت ۾ منعقد ٿي آھي. ان تقريب جي جاري ٿيل تصويرن ۾ غنويٰ ڀٽو جي غير موجودگي ڪافي سواليہ نشان اٿاري ڇڏيا آھن. ڪافي سياسي حلقا فاطمہ ڀٽو جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ سان رئيس آصف علي زرداري جي لاءِ مشڪلات سان جوڙيندا هئا پر هاڻي فاطمہ ڀٽو جي شادي بعد، آصف زرداري لاءِ اهو مٿي جو سور بہ گهٽجي ويندو. هن موقعي تي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر کي بہ مبارڪون هجن جنهن هڪ ئي وقت ڀاءُ ۽ پيءُ وارو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي ڪرائي کيس اباڻي گهر مان ۾ ڪنوار بڻائي رخصت ڪيو بھرحال فاطمہ ڀٽو جي شادي تي کيس مبارڪون هجن مولا کيس زندگي ۾ خوشيون نصيب ڪري-

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



فاطما ڀٽو

شادي مبارڪ

عمر قاضي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڌيءَ ۽ مشهور رائٽر فاطما ڀٽو جي شاديءَ جي خبر سوشل ميڊيا ذريعي وائرل ٿي. اها هڪ سادي پر پوءِ به تمام پروقار تقريب هئي.

سڀ کان اڳ ۾ سڀني جي طرفان فاطما ڀٽو کي زندگيءَ جي نئين سفر جون واڌايون هجن. عام طور تي هن ملڪ جو هر شهري ۽ خاص طور تي هر سنڌي فاطما ڀٽو کي پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته هن جو ڏاڏو ملڪ جي ماڻهن ۾ ايتري ته محبت پوکي ويو آهي جو ان جو فصل هن مهل تائين پنهنجا ته ڇا پر پرايا به لڻي رهيا آهن.

سياست هڪ الڳ شعبو آهي. پر اها حقيقت آهي ته ڀٽو فيمليءَ سان پاڪستان جي ماڻهن جو رشتو سياست کان مٿانهون رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن به ڀٽو فيمليءَ جي مٿان ڪنهن به قسم جي آفت آئي آهي ته هن ملڪ جي ماڻهن ۽ خاص طور تي سنڌ جي عوام ان کي پنهنجي مٿان آيل آفت سمجهيو آهي. ساڳي طرح سان جڏهن به ڀٽو فيملي ڪنهن خوشيءَ ۽ مسرت سان هم آهنگ ٿي آهي ته ماڻهن کي حقيقي طور تي خوشي ۽ مسرت محسوس ٿي آهي. اهو سبب آهي ته گذريل ڏينهن کان وٺي سوشل ميڊيا تي فاطما ڀٽو جي لاءِ تمام گهڻو پيار ۽ پنهنجائپ جا تمام گهڻا اظهار نظر اچي رهيا آهن.

فاطما ڀٽو جي ننڍي ڀاءَ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پاران ان شاديءَ جو سوشل ميڊيا تي اعلان به ڪيو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته ڀٽو خاندان ان شاديءَ کي سادي طرح سان ان ڪري ملهايو آهي، ڇو ته هن وقت عام طور تي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جا ماڻهو معاشي طور تي تمام گهڻي تڪليف ۾ آهن. اهڙي موقعي تي شان ۽ شوڪت واري شادي ڪرڻ ڀٽو فيمليءَ جي اصل وارثن کي ڪنهن به طرح سان صحيح نه لڳي. جڏهن ته ان ڳالهه جو پتو هن ملڪ جي هر ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح سان آهي ته جيڪڏهن فاطما ڀٽو جي شاديءَ جو اعلان ڪيو وڃي ها ته لکين نه ته به هزارين ماڻهو ڪٺا ٿين ها ۽ 70 ڪلفٽن جو پڌر ته ڇا پر گهٽيون به گهٽ ٿي وڃن ها. اها شادي ڪنهن پبلڪ ماڳ تي منعقد ٿي سگهي ها ۽ سوشل ميڊيا تي ان شاديءَ جي پوري ڌام ڌوم هجي ها پر اها هڪ سادي تقريب ٿي.

ڀٽو خاندان سدائين نوان ۽ عظيم مثال قائم ڪندو آيو آهي. ڇا اها ڳالهه گهٽ آهي ته فاطما ڀٽو جو نڪاح سندس ڏاڏي شهيد ڀٽو جي جڳ مشهور لائبريريءَ ۾ ٿيو. اهو دنيا جو پهريون نڪاح آهي، جيڪو هڪ محل ۾ نه پر هڪ ڪتب خاني ۾ ٿيو آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه جي به خوشي محسوس ٿيڻ گهرجي ته فاطما ڀٽو ڪنهن وڏيري ۽ ڪنهن سردار سان شادي ڪرڻ بدران پنهنجي جيون ساٿيءَ جي چونڊ هڪ اهڙي نوجوان سان ڪئي آهي، جنهن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه به معلوم ناهي. سوشل ميڊيا جي معرفت صرف اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته هن جو نالو گراهم عرف جبران آهي. اسان کي ته اهو به معلوم ناهي ته هو ايراني آهي يا افغاني يا عرب؟ اسان کي صرف اهو معلوم آهي ته هو آمريڪا جو شهري آهي. هو پاڪستان جي ڪنهن لالچي وڏيري جو پٽ ناهي. هو فاطما ڀٽو سان ان ڪري شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ نه ٻڌو آهي جو هن کي پنهنجي نالي سان ڀٽو خاندان جي نالي کي ڳنڍي ڪو مفاد حاصل ڪرڻو آهي. هن فاطما ڀٽو سان شادي صرف فاطما ڀٽو جي ذاتي شخصيت جي طور تي ڪئي آهي. اصل شاديءَ جو مقصد به اهو هجڻ گهرجي.

ڀٽو خاندان ۾ اها شادي تمام گهڻن غمن کان پوءِ ٿي آهي. ان ڪري اسان کي ان موقعي تي هر ان ڳالهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن جو ذائقو ڪنهن به طرح سان تلخيءَ وارو هجي. اسان کي اها خوشي آهي ته شهيدن جي گهر ۾ شاديءَ جي تقريب ٿي آهي ۽ اها به اهڙي طرح سان جو ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڏيکاءُ ۽ ڪنهن به طرح جي نمائش نه هئي. اسان کي تمام گهڻي وڏي دل سان فاطما ڀٽو کي واڌيون ڏيڻ گهرجن ۽ اسان کي ان شاديءَ مان سٺو سبق به سکڻ گهرجي.

فاطما ڀٽو لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر انهن جذبن جو اظهار مناسب محسوس ٿي رهيو آهي ته هوءَ پنهنجي نئين زندگيءَ جي سفر ۾ تمام گهڻيون خوشيون ۽ مسرتون ماڻي. هن ۽ هن جي خاندان تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون آهن. هاڻي مسڪرائڻ ۽ مسرت محسوس ڪرڻ هن جو اهڙو حق آهي، جنهن کي دل جي گهرائيءَ سان تسليم ڪرڻ گهرجي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۳۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



فاطمه ڀٽو

ڪتابن جي شھزاديءَ جو ڪاڄ

سڪندر عباسي

جيتوڻيڪ هن جي چوڌاري سياست جو منجھيل سٽ اڻيو ويو آھي. اها سياست جيڪا سندس سليڪشن نه هئي پر کيس ورثي ۾ ڏني وئي هئي. اهو ئي سبب هيو جو هن ان موروثي سياست کان منھن موڙي ڪتابن جي سنگت کي سر جو سائين بڻايو. ماڻھن جا نڪاح شادي هالن کان هٽي ڪري وڌ ۾ وڌ مسجدن ۾ ٿيندا رهندا آھن مگر هن انقلابي ناريء پنھنجي نئين زندگي جي شروعات لاء لائبريري جي چونڊ ڪئي ۽ سندس ڪاڄ ڪتابن جي ڇانو ۾ ٿيو. مير مرتضيٰ جي نياڻي فاطمه ڀٽو جي شادي جو لائبريري جھڙي جاء تي ٿيڻ ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آھي ته هنن جو علم ۽ دانش سان لڳاء آھي اهڙو علم ۽ دانش جنھن جو پاڪستاني سياست سان پري پري تائين ڪو تعلق ناهي. اسان وٽ بدقسمتي اها آھي ته هتي علم ۽ سياست الڳ الڳ رخن طرف آھن. سياست علم کي پنھنجي پاڇي جي ويجھو ڀٽڪڻ به ناهي ڏيندي. ڪتب خانن جو سياسي آکاڙن سان پري پري جو واسطو به ڪونھي. اهو ئي ڪارڻ آھي جو اهل علم هتان جي سياسي شطرنج ۾ پيادن هٿان پھرين وار ۾ ئي مارجي ويندو آھي. ذوالفقار جونيئر پاران صوفي رنگ ۾ رڱجڻ بعد فاطمه ڀٽو جي نج غير سياسي شادي اهو المياتي سچ آھن ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ جو عوام مدبرن نه پر مدارين کي پنھنجو حاڪم بنائي رکڻ ۾ ئي خوش آھي. اهي سياسي مداري جيڪي مختلف سياسي ڍولڪين جي ساز تي عوام کي نچائيندا رهن ٿا. ان ڪارڻ ئي سچن روحن اهڙي سياست جي راھ ڇڏي پنھنجو پاڻ کي پنھنجي دل جي حوالي ڪري ڇڏيو. ۽ جيڪي ماڻھو پنھنجي جيون جون واڳون دل جي حوالي ڪري ڇڏيندا آھن. جيڪي دل جي چئي جي چيچ وٺي جيون جي راهن تي پنڌ ڪندا آھن دنيا ان کي سندن پاڳلپڻو ڪوٺيندي آھي. پر ديوانن لاء اهو پاڳلپڻو زماني جي هر سياڻپ کان اتم ھجي ٿو.

سياست به جڏهن ڪتب خانن سان سنگت رکندي تڏهن سندس رنگ ۽ ڍنگ ئي تبديل ٿي ويندو. پوء سياست جي سيني ۾ صدين کان سينوارجي ويل دل ڪنھن عاشق جي دل جيان ايئن ڌڙڪڻ لڳندي جيئن سموري ڪائنات جا سر ان ۾ سمائجي ويا هجن. الميو ته اهو آھي هتي سياست وٽ دل ڪونھي هتي سياست هڪ اهڙو بي سرو راڳ بڻجي چڪي آھي. ۽ جن وٽ دل جھڙو گلاب آھي سي سياست کان پاسيرا آھن. سياسي خاندان جي هن سورمي ۽ ڪتابن جي شھزادي جو هي ڪاڄ درحقيقت هڪ بگل آھي جيڪو پھريون ڀيرو وڳو آھي جيڪو نينڍ آھي علمي انقلاب جي. جيڪو سوچن جي ڪاٺي کي ان دونھين طرف سورڻ لڳي ٿو جيڪا مچي ڀڀڙ ٿيڻ لاء اتاولي آھي پر کيس دڳ نه ٿو ملي ۽ کيس اهو دڳ اهڙا ديوانا ڏئي سگھن ٿا جيڪي ڌڙڪندڙ دل رکندا آھن.

سياست جڏهن ڊرائنگ روم کان نڪري ڪتب خانن ۾ ساھ کڻڻ لڳندي تڏهن عام ماڻھو جي دردن جو درمان ٿيڻ لڳندو. پاڪستاني سياست جيڪا نسورو پاپ آھي. جنھن جي کاتي ۾ ايترن پاپن جو داغ آھي جنھن کي ڌوئڻ لاء دريائن جو پاڻي به پورو پئجي ڪونه سگھندو. اهڙي اڍنگي سياسي وايو منڊل ۾ اهي دماغ جن جي دل سان دوستي هجي ٿي سي سياست کي غلاظت کان پاڪ ڪري سگھن ٿا اهي جيڪي علم رکن ٿا اهي جيڪي طالب علم آھن اهي جيڪي چالاڪي کان چڙندا آھن. چالاڪي ۽ دانشمندي ۾ ايئن فرق آھي جيئن محبت ۽ ھوس ۾ ھوندو آھي. ماڻھو جن جو روح به روايتي سياست زخمي ڪري وڌو آھي. تن جو ارواح اڃا به کڄي وڃي ٿو جڏهن هو ڏسن ٿا ته سياست کي سودو نه پر عبادت سمجھندڙ سياست کان پري ٿيندا پيا وڃن. مير جي اولاد جو مثال ان الميي جو اهڃاڻ آھي ته پاڪستاني سياست هاڻي اهو روپ وٺي بيٺي آھي جتي صاف ۽ سچن لاء ڪا به جڳھ ڪو نه آھي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۴ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا