فاطمہ ڀٽو
ڪابل کان ڪنوار تائين
ذوالفقار قادري
آخر مير مرتضيٰ ڀٽو شھيد جي ۴۱سالن جي نياڻي فاطمہ ڀٽو پنهنجي آمريڪي نزاد دوست گراهم جنهن جو مسلم نالو
جبران آھي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي پنهنجي زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو آھي. مون
زندگي ۾ پهريون دفعو فاطمہ ڀٽو کي ۵ جنوري
۱۹۸۹ع تي المرتضيٰ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو
هو، جڏھن هي ستن سالن جي هئي ۽ سندس پڦي بينظير ڀٽو صاحبہ ملڪ جي وزيراعظم بڻيل
هئي. ان ڏينهن ھن جي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڏينهن هو. سندس پڦي
بينظير ڀٽو اهو سالگره جو ڪيڪ پنهنجي ڀائٽي فاطمه ڀٽو کان ڪٽرايو هو. ساڻس گڏ سندن
ڏاڏي نصرت ڀٽو بہ بيٺل هئي. انهن ڏينهن ۾ بلاول اڃا چئن مهينن جو هو ۽ کيس فلپائني
نوڪرياڻي هنج تي کنيو بيٺي هئي. فاطمہ ڀٽو جو پيءُ مرتضيٰ ڀٽو، انهن ڏينهن ۾ شام
جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو. مير مرتضيٰ ڀٽو جي زندگي
المين، دکن، دردن سان ڀريل رهي آھي. انھن ڏينهن ۾ فاطمہ ڀٽو جو پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو
پاڪستان سرڪار جو گهربل ترين شخص ھو ۽ سندس ڪو مستقل ٺڪاڻو نہ هو. ڪڏھن ڪابل تہ
وري ڪڏھن بيروت تہ وري ڪڏھن دمشق ۾ ھوندو هو. ڪابل ۽ بيروت ٻئي شھر، دنيا جا خطرناڪ
ترين شھر قرار ڏنل هئا، جتي راڪيٽن، بمن ۽ گولين جو مينهن معمول بڻيل هو. اپريل ۱۹۷۹ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد، ۱۹۸۰ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو لنڊن کان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل
پهتا. هي اهي ڏينهن هئا جڏھن افغانستان جي صدر داؤد جي قتل بعد روسي فوجن جي حمايت
سان نور محمد تره ڪي افغانستان جو صدر هو. مير مرتضيٰ ڀٽو جنرل ضياء جي سرڪار خلاف
هٿياربند جدوجهد واسطي افغان سرڪار جي مدد سان پهرين پاڪستان لبريشن آرمي جو بنياد
رکيو. جيڪا مارچ ۱۹۸۱ع پي آءِ اي جي جهاز جي هاءِ جيڪنگ
واقعي بعد “الذوالفقار“ جي نالي سان مشهور ٿي. الذوالفقار جي ڇاپا-مارن، جنرل ضياء
تي ڪافي ناڪام قاتلانہ حملا ڪيا. جن ۾ ۱۷ فيبروري ۱۹۸۱ع تي پوپ پال جي ڪراچي آمد جي
موقعي تي خودڪش بم ڌماڪو ڪيو. جنهن ۾ خيرپور واسي بمبار لالا اسلم مارجي ويو هو.
ان بعد ۶ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي جنرل ضياءَ جي سعودي عرب کان واپسي تي سيٽلائيٽ ٽاؤن راولپنڊي جي گهر
مان جنرل ضياءَ جي جهاز تي لينڊنگ وقت، ميزائل فائر ڪيو ويو جنهن ۾ ھو ذري گهٽ بچي
ويو هو.
