; سنڌي شخصيتون: جميل سومرو

30 April, 2023

جميل سومرو

سائين جميل سومرو

پنهنجي مُرڪ جيان معصوم ۽ مٺڙو

زاهد علي ڀٽو



سائين جميل صاحب نه صرف نانء جو جميل آھي، پر رب پاڪ کيس ڪردار ۾، گفتار ۾، آواز ۾ پهراڻ ۾، اخلاق ۾، ادب ۾ احترام ۾ پڻ جميل بڻايو آهي.

استاد جميل صاحب کي ڏسيء ان ڳالھ جي وڌيڪ پڪ ٿئي ٿي ته واقعي ڪردار تي نالي جو به وڏو اثر ٿيندو آھي.


سائين جميل سومروصاحب پنهنجي ذات ۾ نرالو انداز رکي ٿو. ادب جي دنيا جو ايڏو وڏو نالو جيڪو هند ۽ سنڌ ۾ هڪ جيترو معروف ۽ مقبول ڏات ڌڻيء آھي پر وڏيء ڳالھ ته ادبيء حوالي سان ايڏو اوچو قدڪاٺ رکندڙ توڙي تعليم کاتي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر جي پوسٽ تي هوندي طبيعتن تمام سادگيء پسند ۽ يارويس، محبتيء ماڻهو آھي،

 نه ڪا آڪڙ نه ڪا وڏائي نه ڪو غرور! ميٺ ميٺاڄ جي مُلڪ جو ملوڪ ماڻهو !.

سائين جميل صاحب ڏات جي ڏيھ جو اهو ڪويء آھي جنهن تي ڏات ڄڻ آبشار ٿي مٿس وسندي رهي ٿي.

 لکڻ جو مُنفرد اسلُوب، زبردست فنيء ۽ فڪريء سگھ رکندڙ مقبول ۽مانائتو ڪويتاڪار، خوبصورت سرجڻهار سائين جميل سومرو صاحب هڪ تمام حساس انسان ۽ بهترين استاد آهي

استاد جميل ۵جنوري ۱۹۶۹ ڌاري (ڳوٺ امير بخش سومرو) ڏهرڪي ۾ سائين محمدابراهيم سومرو جي گهر جنم ورتو سائين ابراهيم سومرو هڪ جفاڪش جاکوڙي انسان رهيو آهي جيڪو اينگرو ڪمپني جي مارڪيٽنگ شعبي ۾ آفيسر هو ۽ اتان رٽائرمينٽ بعد محنت جستجو جو دڳ نه ڇڏيو ڏکين حالتن باوجود پنهنجي محنت ۽ جستجو سان پنهنجي ٻچڙن جي پالنا ڪئي پاڻ اوکو سوکو وقت ڪٽي ٻارڙن کي تعليم ڏياري ۽ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ سٺو مقام ڏياريو.

صاف شفاف صحافت جونمايان نالو ليکڪ، محقق، اينڪرپرسن شڪيل سومرو، سياسي سماجي طور متحرڪ نوجوان خليل سومرو، انجنيئر عباس سومرو سندس ڀاء آهن.سندن خاندان ۾ پُٽن توڙي نياڻين کي برابري جي بنياد تي اعلي تعليم ڏياري وڃي ٿي اهو ئي سبب آهي جو سندن خاندان ۾ تعليم جو ريشو نوي سيڪڙو کان مٿي آهي.

نامور تعليمدان ۽اديب پروفيسر اسماعيل منصور سومرو صاحب به سندس ويجهو مائٽ آهي.

ياد ٿو اچيم ته آ جڏهن اڃا مين پرائمري اسڪول ڏهرڪي ۾ پڙھندو هئس ته کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هئم. ان وقت سائين جو ڳائڪيءَ سان ڏاڍو چاھ هو ۽ ان وقت سندس مشهوريءَ جو سبب پڻ ڳائڪي ئي هئي، توڙي جو سائين استاد هئا.

سائين جميل صاحب جو آواز قومي ۽ انقلابي راڳيءَ مرحوم سرمد سنڌيءَ سان هوبهو ملندڙ جلندڙ هو.

ان وقت سائين جي گيتن جي هڪ آڊيو ڪيسٽ به مارڪيٽ آئي هئي جيڪا ڏاڍي مقبول ٿي. اسان ڪلاس فيلوز امان الله مغل، ثناءالله مغل، منهنجي سئوٽ شيرمحمد ڀٽو ۽ هڪ ٻه ٻين دوستن پاڻ ۾ چندو ڪري ان وقت ۳۵روپين ۾ اها ڪيسٽ خريد ڪئي هئي ۽ اوطاق ۾ گڏجي شوق سان ٻڌندا هئاسين.

سائين جميل صاحب پرائمري تقريبن ۱۹۹۰ ڌاري، اسڪول کان پروموٽ ٿي گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ڏهرڪي آيا هئا. ۽ اسان به پرائمري اسڪول مان پاس ٿي ساڳي هاء اسڪول ۾ داخل ٿياسين، اُتي سائين بهترين استاد طور علميء سکيا ڏني، رهنمائي ڪئي.

ايئن پوءِ سائين سان وابستگيء جو اهو سلسلو هلندو رهيو، جيڪو اڃا تائين سائين جي شفقت، همٿائڻ ۽رهنمائي سان جاريءو ساريء آھي.

سائين جميل صاحب مون سميت انيڪ دوستن کي ادب جي ميدان ۾ همٿايو ۽ اڳتي وڌڻ ۾ رهنمائي ڪئي.

جيڪا سائين جي پرخلوص شفيق همٿائيندڙ شخصيت جو مظھر آھي.

سائين جميل سومرو جيڪو پاڻ علم، ادب، شاعري، موسيقي، شائستگي جو ڪاڪ ٽيل آھي. سال کن اڳ سندن شاعري جو بهترين ڪتاب ”ڪويتائن جو ڪاڪ ٽيل“ شايع ٿيو آهي ۽ ان کان اڳ تقريبن۲۰۱۴ ۾ سندن شاعري جو ڪتاب ”ريشم جهڙا خواب“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل آهي.

سائين جميل صاحب جيڪو پنهنجي نالي وانگر گهڻ وصفين جميل آھي.مونکي اهو اعزاز حاصل آھي ته زندگي جي شروعاتي ڏاڪي يعني پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ۾ شاگرد طور سندس رهنمائي نصيب ٿي. سال ۱۹۹۴/۹۵ ڌاري گورنمينٽ سنگل سيڪشن هاء اسڪول ڏهرڪي ۾ جڏهن بهترين تعليمدان سائين مظهر علي شاھ صاحب هيڊ ماستر هئا ته اسڪول ۾ سائين خيرمحمد ڀٽو، سائين جمال الدين سومرو، سائين جميل سومرو اهڙا استاد ۽ رهبر هئا جن اسڪول جي شاگردن کي نصابي تعليم سان گڏ غيرنصابي سرگرمين، جهڙوڪ ڪوئز ڪامپيٽيشن، گلوڪاري، اداڪاري تقريري مقابلن، نعت شريف جي مقابلن لاء نه صرف همٿايو پر رهنمائي سان گڏ ڀرپور ساٿ به ڏنو.

منهنجي علمي ادبي شعوري آبياري ڪندڙ شخصيتن ۾ والدين کان علاوه ٻين شخصيتن سان گڏ سائين جميل سومرو صاحب جو به هٿ آھي.

سائين جميل سومرو صاحب تعداد Quantity کان وڌيڪ Quality معيار تي يقين رکندڙ شخص آهي. هو اهڙي نظرياتي ڪيڊر ۽ خيال جو ماڻهو آهي جيڪو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ وکر کان وڌيڪ انسان جي ڪردار کي قيمتي سمجهي ٿو.

سائين جميل صاحب ان خيال ۽ نظريي جو ماڻهو آهي ته کڻي سوين نه سهي پر درجنن ۾ يا هڪ هٿ جي آڱرين جي تعداد جيتري ئي سهي پر ڪردار سازي ۽ ذهن سازي ٿي وئي ته سماج ۾ سٺا ڪردار پيدا ٿيندا جيڪي سماج جي سهڻي ۽ مثبت رخ ۾ اڏاوت ڪندا آھن

ماشاءالله سائين جميل صاحب ڪيترين خوبين ۽ صلاحيتن واريء گهڻ رخيء شخصيت آھي۽ سندس زندگيء جا ڪيئي حوالا ڪيئي پهلو آھن جن۾ سائين جميل صاحب جي علمي، ادبي، عمليء، ڳائڪي، موسيقيء، شاعريء ۽ مختلف تخليقي پهلوئن کي تفصيلي لکي سگهجي.جيڪي سنڌ جي علمي ادبي تعميري تاريخ جا سونهريء باب ثابت ٿيندا.

۵ جنوري سائين جميل سومرو صاحب جو جنم ڏينهن آھي.

سائين جميل صاحب جي سالگره جي موقعي تي ادب، احترام ۽ سڪ منجهان کيس جنم ڏينهن جون مبارڪون پيش ڪجن ٿيون۽ڌڻي در دعا ٿي ڪجي ته سائين جميل صاحب کي تندرستيء واري دراز عمر ۽ دين و دنيا ۾ ڪاميابيون ڪامرانيون ۽ خوشين جا خزانا عطا فرمائي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



جميل سومرو

مختصر تعارف ۽ ويچار - فيس بوڪ انٽرويو (ٽيونجاهين ڪڙي)

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

جميل سومرو جميل به آهي، ته حَسين به آهي. ان جو بهتر اندازو انهن کي، جيڪي ساڻس ملندا رهيا، سندس شاعري پڙهندا به رهيا، ته کانئس ٻُڌندا به رهيا. منهنجون ساڻس ڪجهه روبرو ۽ ڳچ ساريون فاصلاتي ملاقاتون، ڪچهريون، کل ڀوڳ به ٿيندي رهي آهي. محبتي آهي. ملنسار آهي. سندس مختصر تعارف ۽ ويچار اوهان جي لاءِ، اوهان جي مثبت راءِ اسان جي لاءِ...

۱. اوھان جو نالو؟

سائين منھنجو پورو نالو جميل احمد سومرو آھي، حسبِ روايت ”جميل سومرو“ ٿي ويو آھيان، جيڪو ھاڻ ادبي شناخت پڻ بڻجي چڪو آھي.

۲. ولديت ذات سميت؟

منھنجي والد محترم جو پورو نالو محمد ابراھيم سومرو آھي، سائين.

۳. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟

محلو امير بخش سومرو، سومرا چوڪ، ڏھرڪي. مان ۵ جنوري ۱۹۶۹ع تي، انھي ئي محلي ۾ ڄميو آھيان.

۴. تعليم؟

ايم اي ڪئي آھي، سائين، ايڪنامڪس ۾، ۽ ايم ايڊ به آھيان.

۵. ڪرت (پيشو)؟

ايڇ. ايس. ٽي. يعني ھاءِ اسڪول ٽيچر آھيان.

۶. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟

ٻارن کي پڙھائڻ، موٽي اچي ننڊ ڪرڻ، ڀاڄي ماني پچائڻ، سنگت سان ڪچھري ۽ فيس بوڪ ھلائڻ.

۷. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟

ڪنھن دؤر ۾ روزاني ڪاوش ۾ ڪالم به لکيا، موسيقي جي سکيا به ورتي، اسٽيج به سنڀاريا، شادين مرادين ۽ قومي ڪاڄن ۾ ڳايو وڄايو به، پر ھاڻ رڳو شاعري تي ئي گذارو آھي. ھن مھل تائين ھڪڙو ڪتاب ڇپجي سگھيو آھي ”ريشم جھڙا خواب“، ڏھنَ کان پندرھنَ ڪتابن جو مواد پڻ موجود آھي.

۸. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟

ڪا خاص اوليت ناھي، جيڪا شئي ھٿ اچي ويندي آھي، پڙھي وٺندو آھيان.

۹. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟

مزاج ۾ نواڻ، طبيعت ۾ ڪشادگي، ذھني تازگي، سماجي تجربن ۽ فطري مشاھدن لاءِ، سير سفر کي بيحد ضروري سمجھان ٿو.

۱۰. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟

ڪچھريون منھنجي نظر ۾ زندگي جو ٻيو نالو آھن.

۱۱. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

ٻولي جي ارتقا ۽ اؤسر جو لازم و ملزوم حصو آھن.

۱۲. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

انتھائي مٿڀرو عمل، جھڙوڪر عبادت.

۱۳. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

ڪم سان ڪم رکڻ، نه ايترو ويجھو ۽ نه ئي وري ايترو پرڀرو. آئي ويل سڀني سان ڪلھو ڪلھي ۾.

۱۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

شاعري کان اڳ تمام بھتر، ڀرپور، اڻٽٽ، فرق و تفريق کان ماوَرا، گھِرا ۽ برابري وارا، نه منھنجي انھن کان سواءِ ۽ نه ئي وري انھن جي مون کان سواءِ سرندي ھئي. ھاڻ ڪڏھن ڇِڊا ته ڪڏھن گھاٽا. ڪڏھن ماسو ته ڪڏھن تولو. بس ھڪڙو حال ناھي، ڪڏھن ڪيئن ته ڪڏھن ڪيئن.

۱۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟

ھاءِ ھاءِ... گورو رنگ منھنجي ڪمزوري آھي، سائين. باقي خوشبو عمومن ايلرجي ڪندي آھي، وري به ھر ٿڌيري خوشبو پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي وٺي.

۱۶. اوھان جي پسند جي سواري؟

اڳي ٽرين، ھاڻي پنھنجي ڪار ھنڊا سِٽي ـ باقي بسون ۽ ويگنون، مون لاءِ سدائين تڪليف ۽ ڪوفت جو سبب رھيون آھن.

۱۷. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟

پنھنجي شھر جي لکندڙن جو اھو ساڳيو اوج، اھا ساڳي محبت، اھو ساڳيو ڀائيچارو، اھا ساڳي ھڪجھڙائي، اھو ساڳيو پيار، اھو ساڳيو امن، اھو ساڳيو گڏيل احترام، اھا ساڳي ڇڪ ۽ سڪ، اھي ساڳيون دل جون سچائيون ۽ انھن جي بحالي ئي منھنجي آخري خواھش آھي.

۱۸. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟

چاھيان ٿو ته پڙھن لِکن ڀلي، پر پڙھڻ لکڻ جي بنيادي مقصد کي به سمجھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن.

۱۹. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟

اڳوڻي اڻ ڌرئي ماحول جي بحالي ۽ ان جو استحڪام.

۲۰. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟

سچا، نيت جا صاف، منافقت کان پاڪ، امن پسند ۽ پيار ڪندڙ ھجڻ گھرجن.

۲۱. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟

رب پاڪ جنھن کي جيئن ۽ جھڙي حال ۾ رکيو آھي، ھر ماڻھو پاڻ کي ان ئي شڪل و صورت ۾ پيش ڪندو رھي. اجائي ڊاھ بڊاھ، شعبدي بازي ۽ شخصي مصنوعيت پڻي کان پاڻ کي بچائي.

 

(مٺل جسڪاڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا