الطاف سمون
املھ انسان - سلسلو ۱۶۱
حفيظ چانڊيو
اڄ ڪلھ راڳ ۽ راڳي
اڻ لڀ ٿي ويا آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فنڪار هوندا، جن کي راڳ ويراڳ جي بخوبي خبر
هوندي، باقي ته فنڪارن جي اڪثريت الائي ڇا ڳائي رهي آهي. هونئن ته موسيقي روح جي غذا
آھي، پر اسان وٽ راڳ کي مشهوري ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي راڳ جي اصل روح کي رنجايو
پيو وڃي. اسان جي لاڙڪاڻي ۾ ٻين شعبن جيان موسيقيءَ جي ميدان ۾ کوڙ اهڙا فنڪار آهن،
جن راڳ کي عبادت سمجهي، موسيقي ۾ جدت آندي آهي. اهڙو ئي هڪ سريلو آواز رکندڙ الطاف
سمون به آهي، جنهن ۱۵ البم رليز ڪرائي، کوڙ سارا گانا ڳائي، عوامي مقبوليت ماڻي آهي.
راڳ جي دنيا به وسيع
آهي. سنڌ ۾ ڪيترا ئي راڳي يا فنڪار آهن، جن معياري شاعريءَ کي ڳائي عوامي مقبوليت ماڻي
۽ ماڻهن جي موٽ کين اهڙي ملي جو اهڙي ڪائي محفل نه هوندي جتي هنن کي مدعوع نه ڪيو وڃي.
راڳ جي دنيا هڪ اهڙو ئي ستارو الطاف سمون به هڪ آهي، جنهن ڪيترا ئي ڪسيٽ جا البم، سي
ڊيز رليز ڪيون، جن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، ادل سومرو، اياز گل، جواد جعفري ۽ مشتاق
بخاري سميت کوڙ شاعرن جو ڪلام ڳائي چڪو آهي. شاعر مشتاق بخاريءَ جو لکيل نغمو "هاءِ
ڪيڏو پري ويو آهين”سندس سڃاڻپ بڻيو. هاڻي جنهن به محفل ۾ ويندو آهي ته هن کان ان ڪلام
جي فرمائش ضرور ٿيندي آهي. الطاف سمون رڳو فنڪار ناهي، هو موسيقار به آهي. سندس جنم
۰۱ جنوري ۱۹۷۱ع شهدادڪوٽ ۾ ارباب علي سمي جي گهر ڄائو. سندس راڳ جي پاسي اچڻ ته شروعات ۾
شوق هو، پر جواني جي ڏاڪي تي پير رکيائين ته ضرورتن منهن ڪڍي ساڻس مخاطب ٿيڻ لڳيون،
ائين سنڌ جو هيءُ راڳي باقائدگي سان محفلون اٽينڊ ڪندو رهيو. الائي ڪٿان ڪٿان کان
ماڻهو کيس پنهنجي ڪاڄن ۾ گھرائيندا رهيا آهن. الطاف جنهن ڪئليبر جو فنڪار ۽ موسيقار
آهي، اوترو سندس قدر ناهي ٿيو. سندس ويجھا مائٽ پڻ راڳ جي دنيا جا ماڻهو هئا، تن ۾
وزير سمون، نظير سمون، نثار ۽ جمن سمون شامل آهن. محفلن ۾ سندن ڳائڻ وڄائڻ کان وٺي
ماڻهن پاران ملندڙ عزت ڏسي، سندس ذهن ۾ خيال آيو ته ڀلا ڇو نه ڳائجي. ڳائڻ لاءِ پهريان
سکيا وٺڻ گهرجي. استاد نواب علي شيخ ۽ استاد محمد بخش ماڇي سندس ڳائڻ واري فيلڊ ۾
استاد ٿي رهيا آهن. استاد محمد بخش ماڇي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊبل اي ڪئٽيگري
۾ ايپرووِ ٿيل جو. ٻنهي استادن جي شفقت جي ڪري هو نه رڳو ڳايو، پر معياري فنڪارن ۾
سندس شمار ٿيڻ لڳو. ڳائڻ لاءِ صبح جو رياض ڪرڻ ڪنهن فنڪار لاءِ لازمي هوندو آهي. هو
صبح پرھ ڦٽي جو اٿي، بنا کائڻ پيئڻ صبح راڳ ڀيرو، ٽوڙي وغيره جو رياض ڪندو آهي، ان
دوران سرگم، پلٽا جنهن کي آڪار به سڏجي، ان تي پريڪٽس ڪندو رهي ٿو.
راڳي الطاف سمون سنڌ
جي انهن چند فنڪارن مان آهي، جيڪي ڳائيندا آهن ته ماڻهو سندن ساراه کان بغير رهي
ناهن سگهندا. هن ڳائڻ جي شروعات ۱۹۸۳ع کان ڪئي. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي سينئر پروڊيوسر
سائين مختيار ملڪ صاحب کيس ميوزڪ ۾ فنڪار طور ڳائڻ لاءِ پاس ڪيو ۽ کيس ريڊيو پاڪستان
تي ڳائڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪيو. هن پي. ٽي وي تي سرهاڻ پروگرام، گيت سنگيت شو، محمد
صالح شاھ جي اوطاق پروگرام، ڀليڪار ۽ لوڪ رنگ ۾ بطور فنڪار شريڪ ٿيندو رهيو آهي سندس
ڪيترا ئي ڳايل ڪلام اڄ به ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ مهراڻ ٽي وي تي نشر ٿيندا
آهن. هو زندگيءَ مان پر اميد راڳي آهي.
ڳائڻ جي ڪري کيس ڪيترا
ئي ايوارڊ مليا آهن. جن ۾ ۱۴ آگسٽ ۲۰۱۵ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪلچرل ونگ طرفان منقعد پروگرام ۾
کيس بهترين راڳي جو ايوارڊ مليو. منقبت جي حوالي سان کيس ڪيترا ئي ئي ايوارڊ، شيلدون
مليون آهن. هو راڳ جي دنيا جو ٽمڪندڙ تارو آهي. سريلي آواز جو مالڪ الطاف سمون جيتوڻيڪ
مسڪين آرٽسٽ آهي، پر زبان درازي ۽ نيڪ نيتي ھوڻ سبب جتي ڪٿي سندس ماڻهو خيال ڪندا آهن.
محفلن ۾ وڃي هو جڏهن ڪلاسيڪل ڪلام ڳائڻ شروع ڪندو آهي ته ننڍ ۾ پيل ضميرن کي به
جهنجهوڙيندو آهي.
الطاف سمون، هڪ فنڪار
سان گڏ بهترين ڪمپوزر به آهي، سندس ڳايل ڪلام سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن توڻي فنڪارائن
ڳائي ماڻهن کان داد پئي ورتو آهي. انهن مان حميرا چنا، ديبا سحر، منظور سخيراڻي، غلام
علي سمون، برڪت علي ڀٽ، سليم رضا ڪنڀر ۽ سعيد تنيو صاحب جن نمايان آهن. سندس ڳايل ڪلام
"حسين سب سے حبيب هے وه”نعتيه ڪلام جيڪو احمد سلطان کوسي جو لکيل آهي، تنهن
کي ديبا سحر ۽ حميره چنا ڳايو، سندس هڪ ٻيو ڪلام پرينءَ جو پيغام جو پهتو ڪلام منظور
سخيراڻي ڳايو، جيڪا مدهوش ڀٽي جي شاعري آهي. برڪت ڀٽ سندس ڳايل ڪلام" واه جون
ٿيون ٺهن، تنهنجي گورين ٻانهن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا محفلن ۾ ڳائي چڪو آهي، اهو ڪلام رياض
راهي جو لکيل آهي. سعيد تونئي سندس ڳايل ڪلام تنهنجي پايل جي ڇم ڇم ٿي، ڇيڙي ڇڏي ٿي
ڳايو آهي، ان کان علاوه سعيد سندس دل جون تارون ڪلام پڻ ڳائي چڪو آهي. نوجوان فنڪاره
ماريا چنا سندس ڳايل ڪلام "چيچ منهنجي سنهي، آ ڇلو گرگهلو ڳايو، اهو ڪلام پڻ مدهوش
ڀٽي جو لکيل آهي. سليم رضا ڪنڀر سندس ڳايل ڪلامن مان سفر چاهتن جو نرالو رهيو ڳائي
مشهور ٿي. ان کان علاوه فرزانا پروين ته سندس گهڻا ڪلام ڳايا. هڪ فنڪار ان وقت خوش
ٿيندو آهي، جڏهن ڪمپوزيشن کي ماڻهو چاهيندا آهن ۽ سندس ڳايل ڌنون ٻيا فنڪار ڳائين.
"وچ مين
ڏکها دے، کهن کون سڏي”سان وارو هن جو ڪلام پڻ ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي. هو محبوب ماڻهو
آهي. سڀني سان پيار ڪندڙ آهي. راڳين ۾ فضيلت ڀريو آهي. هن اردو، سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ ڳايو
آهي. ھو سازندن کان هر جيوَ سان بي پناھ محبت ڪندو آهي. وٽس کوڙ احساس آهن.
الطاف سمون جو تعلق
هڪ غريب خاندان سان آهي، مڊل تائين پڙهيو، وڌيڪ پڙهڻ لاءِ وٽس ايترا ڏوڪڙ موجود نه
هئا. هو روايتن جو امين شخص آهي. سندس ڪلب وڃڻ ٿيندو آهي ته گهور گهور پيو ٿيندو
آهي. ان قسم جي بهترين فنڪارن کي جيڪڏهن شاعر ۽ اديب ڪامورا ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ڪا
نوڪري ڏئي وجهن ته مان سمجهان ٿو ته هو راڳ جي دنيا ۾ اڃان وڌيڪ محنت ڪندا. هو
نياز نوڙت وارو دلبر قسم جو ماڻهو آهي. موسيقيءَ سان سندس عشق آهي، جيڪو سندس گذر
سفر به بڻيو آهي. هو ڪل وقتي راڳيندڙ آهي. هو حساس آهي، همدرد ايترو جو وات جو گرنهن
به ڪنهن بکايل کي ڏئي وجهندو. دل تي جڏهن به مايوسي ڇانئجي ويندي آهي ته الطاف سمون
کي ٻڌي وٺبو آهي. هتان جي فنڪارن جو الائي ڇو قدر ئي ناهي. کين توڻي مالي پريشانيون
لاحق هجن ٿيون، پر نه ڪامورو اڳتي وڌندو آهي ته جيئن سندن واهر ڪري سگهجي نه ئي بيوروڪريسي
۾ ويٺل اديب ۽ شاعرن سندن قدر ئي ڪيو آهي.
الطاف سمون معصوم آرٽسٽ
لڳندو آهي. خوش مزاج، کلڻو ملڻو آهي، جتي به وارو ملندو اٿس ته سامهون واري سان چرچا
ڪري وٺندو آهي. دل جو صاف آهي. هو هڪ خوددار آرٽسٽ آهي، جنهن پنهنجي فن کي ٻين تائين
پهچائڻ کي نصب العين بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جو هيءُ سريلو راڳي اسان جو سرمايو آهي، جنهن
جو ڳايل هر ڪلام موسيقيءَ جي دنيا ۾ خوبصورت واڌارو آهي.
(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا