الطاف سمون
املھ انسان - سلسلو ۱۶۱
حفيظ چانڊيو
اڄ ڪلھ راڳ ۽ راڳي
اڻ لڀ ٿي ويا آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فنڪار هوندا، جن کي راڳ ويراڳ جي بخوبي خبر
هوندي، باقي ته فنڪارن جي اڪثريت الائي ڇا ڳائي رهي آهي. هونئن ته موسيقي روح جي غذا
آھي، پر اسان وٽ راڳ کي مشهوري ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي راڳ جي اصل روح کي رنجايو
پيو وڃي. اسان جي لاڙڪاڻي ۾ ٻين شعبن جيان موسيقيءَ جي ميدان ۾ کوڙ اهڙا فنڪار آهن،
جن راڳ کي عبادت سمجهي، موسيقي ۾ جدت آندي آهي. اهڙو ئي هڪ سريلو آواز رکندڙ الطاف
سمون به آهي، جنهن ۱۵ البم رليز ڪرائي، کوڙ سارا گانا ڳائي، عوامي مقبوليت ماڻي آهي.
