; سنڌي شخصيتون: يوسف لغاري، مير مولا بخش تنيو، حسين ڪپري
Showing posts with label يوسف لغاري، مير مولا بخش تنيو، حسين ڪپري. Show all posts
Showing posts with label يوسف لغاري، مير مولا بخش تنيو، حسين ڪپري. Show all posts

10 April, 2023

يوسف لغاري

يوسف لغاري

چوٿين مارچ جو سورمو

مير مولا بخش تنيو



۴ مارچ جي واقعي جي اهميت هيئن آهي ته سنڌ ۾ قومي تحريڪ ۽ شاگرد تنظيمن جو بنياد چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ۴ مارچ جدوجهد اڄ به نه رڳو شاگرد تنظيمن لاءِ اتساهيندڙ آهي پر قومپرست پارٽين لاءِ پڻ هلڻ جي راهه آهي. اهو ان ڪري جواڄ سنڌ سطح تي جيڪي قومپرست ۽ وطن دوست پارٽيون آهن، انهن جون اڳ ۾ شاگرد تنظيمون ماءُ جو (Mother wing) جو ڪردار ادا ڪنديون هيون. هن وقت سنڌ جي قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ شاگرد تنظيمن جي پيداوار آهن. مارچ واري جدوجهد ۾ شامل ڪردار جيتوڻيڪ سون هزارن جي تعداد ۾ آهن جنهن کان ڪنهن به ريت انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر هڪ کاهوڙي ڪردار محمد يوسف لغاري، ا نهن سڀني کان نهايت ئي اعليٰ ۽ شاندار آهي. سندس مٿان قيد ۽ تشدد جون حيدرآباد ۽ ڄامشوري جون هوائون شاهد ۽ امين آهن. هي کاهوڙي ڪردار اڄ انهيءَ جوش ۽ ولولي سان دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهي.